نادرا جي آن لائن ايپليڪيشن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي شامل ڪيو وڃي
نادرا جي موبائل واري آن لائن ايپليڪيشن ”پاڪ آئڊنٽي“ گذريل ڏيڍ سال کان ڪم ڪري رھي آھي جنھن ۾ مختلف قسم جا دستاويز جھڙوڪ: ب فارم، قومي سڃاڻپ ڪارڊ وغيرہ ٺاھيا وڃن ٿا. سنڌ ۾ رھندڙ ڪروڙين ماڻھن جا اھي ڪاغذ سنڌي ٻوليءَ ۾ ٺھيل آھن پر اھا ايپليڪيشن سنڌي ٻوليءَ کي سپورٽ نٿي ڪري ۽ ماڻھن جون ڏنل درخواستون اعتراض واري رد ڪيون پيون وڃن. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ان سلسلي ۾ نادرا سان لکپڙھ پڻ ڪئي وئي آھي پر نادرا اختياريون رڳو آسرا ۽ ڏٽا ڏئي رھيون آھن. نادرا جي رجسٽريشن سينٽرن تي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪارڊ ٺھن ٿا تہ پوءِ موبائل ايپليڪيشن ۾ اھا سھولت ڇو نہ ٿي شامل ڪئي وڃي؟ سنڌ جي ماڻھن جو پُرزور مطالبو آھي تہ ”پاڪ آئڊنٽي“ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي شامل ڪري ڪروڙين سنڌين جي مسئلي کي حل ڪيو وڃي.
آصف علي جهتيال/گلشن حديد
ٽرانسپورٽ مافيا کي آخر ڪير لغام ڏيندو؟
حيدرآباد کان ڪراچي سفر ڪندڙ هڪ مسافر سان پيش آيل واقعو صرف هڪ فرد جي ڪهاڻي ناهي، پر لکين مسافرن جي روزاني جي وارتا آهي جڏهن کائنس 1000 رپيا ڀاڙو ورتو ويو ته هن صرف اهو پڇيو ته سرڪاري ڀاڙي جي لسٽ ڪٿي آهي ۽ ڪهڙي قانون تحت اهڙي رقم وصول ڪئي پئي وڃي؟ جواب ۾ هن کي مطمئن ڪندڙ دليل نه ڏنو ويو نه ئي سرڪاري ڀاڙن جي مقرر ريٽ لسٽ ڏنe ان جي ابتڙ جواب ۾ کيس بدمعاشي، هٺڌرمي ،تذليل جو نشانو بڻايو ويو. هن سڄي گفتگو جي وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو. لاڳاپيل اختيارين معاملي جو نوٽيس ورتو نيٺ سيڪريٽري ڊسٽرڪٽ ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي ڪارروائي ڪندي وڌيڪ ڀاڙا وصول ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو، مسافرن کان ورتل اضافي رقم واپس ڪرائي ۽ غيرقانوني اڏن خلاف به ڪارروائي ڪئي. هي قدم ساراهه جوڳو آهي، پر سوال اهو آهي ته ڇا عوام کي انصاف صرف تڏهن ملندو جڏهن وڊيو وائرل ٿئي؟ منهنجو خيال آهي ته ٽرانسپورٽ مافيا خلاف ڪارروائي باقاعدي طور تي ڪئي وڃي، صرف وائرل وڊيو يا عوامي دٻاءُ کان پوءِ نه. هر بس، ڪوچ ۽ وين ۾ سرڪاري ڀاڙو واضح طور تي ظاهر ڪيو وڃي. ان سان گڏ، ضلعي ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي جو هيلپ لائن ۽ شڪايتي موبائل نمبر پڻ نمايان طور تي ظاهر ڪيو وڃي ته جيئن مسافر سفر دوران شڪايتون درج ڪرائي سگهن. ڊرائيورن ۽ ڪنڊڪٽرن کي پڻ قانوني طور تي پابند ڪيو وڃي ته اهي ڪنهن به مسافر، خاص طور تي عورتن، بزرگ ماڻهن ۽ فيمليز سان بدسلوڪي نه ڪن.
رابعه خليل
قلم ۽ بغاوت
قلم انسان جي شعور، سوچ ۽ سچائي جو سڀ کان طاقتور هٿيار آهي. قلم هميشه سچ کي ظاهر ڪيو آهي ۽ انهن حقيقتن کي ماڻهن جي سامهون آندو آهي، جن کي طاقتور طبقا لڪائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن. هڪ طرف نوجوان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ باوجود بيروزگاري جو شڪار آهن، ته ٻئي طرف سفارش ۽ ڪرپشن قابليت کي دٻائي رهي آهي. ڪيترن ئي غريب خاندانن جا ٻار بنيادي تعليم کان محروم آهن، جڏهن ته امير ۽ غريب جي وچ ۾ فرق ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. عورتن کي اڄ به ڪيترن ئي علائقن ۾ سندن بنيادي حقن کان محروم رکيو وڃي ٿو، جڏهن ته ڪيترائي مزدور پنهنجي محنت جو مناسب معاوضو حاصل ڪرڻ کان قاصر آهن. اهڙين حالتن ۾ قلم جو فرض آهي ته هو انهن مسئلن کي اجاگر ڪري ۽ سماج کي سوچڻ تي مجبور ڪري. بغاوت جو مطلب صرف هٿيار کڻڻ نه آهي پر غلط روايتن، ناانصافين ۽ ظالماڻي نظام خلاف سچ ڳالهائڻ به بغاوت آهي. هڪ سچو اديب، شاعر يا صحافي پنهنجي قلم وسيلي ماڻهن جي دلين ۾ شعور پيدا ڪري ٿو ۽ کين پنهنجن حقن بابت آگاهي ڏئي ٿو. تاريخ شاهد آهي ته ڪيترن ئي انقلابن جي شروعات ڪنهن تلوار نه پر هڪ خيال، هڪ ڪتاب، هڪ مضمون يا هڪ نظم کان ٿي آهي. حقيقت ۾ زنده قومون اهي هونديون آهن، جن جا قلم زنده هوندا آهن، ڇوتہ قلم جي بغاوت ئي شعور، آزادي ۽ ترقي جي ضمانت هوندي آهي.
رخسانه شفيع سومرو
سنڌ ۾ غيرقانوني افغانين جي نيڪالي واري مهم تيز ڪئي وڃي
ملڪ ۾ غيرقانوني پرڏيهي شهرين جي واپسي لاءِ ٻيهر مهم شروع ڪئي وئي آهي، پر پنجاب جي مقابلي ۾ سنڌ ۾ اها مهم سست نظر اچي ٿي. قانون تي عملدرآمد سڀني صوبن ۾ هڪجهڙو ٿيڻ گهرجي، تنهن ڪري سنڌ ۾ به هن مهم کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌ اڳ ئي بيروزگاري، وسيلن جي کوٽ ۽ امن امان جي مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي. ان سان گڏ ڪجهه غيرقانوني پرڏيهي شهرين جي ڏوهن ۽ سيڪيورٽي واقعن ۾ ملوث هجڻ جا واقعا به سامهون آيا آهن. تازو رينجرز ڪيمپ تي ٿيل حملي دوران به هڪ افغاني شهري جي گرفتاري سامهون آئي، جنهن بعد سيڪيورٽي بابت خدشا وڌيڪ وڌي ويا آهن. ضروري آهي ته حڪومت غيرقانوني رهندڙ افغانين جي واپسي واري مهم کي تيز ڪري، سرحدن تي نگراني وڌيڪ سخت بڻائي ۽ نون غيرقانوني داخلائن کي روڪي.
طارق جمالي/بکر جمالي
سنڌ ۾ صحافي غير محفوظ آھن!
سنڌ ۾ جھڙي طرح عورتون تشدد ۽ ذھني دٻاءُ جو شڪار آھن تھڙي طرح صحافي بہ ان مسئلي جو شڪار آھن سنڌ ۾ صحافي طبقو اڪثر بااثرن ۽ سياسي ڀوتارن جي دٻاءُ ھيٺ رھي ٿو روز جڏهن اخبار ھٿ ۾ کڻجي ٿي تہ ان ۾ ڪنھن نہ ڪنھن صحافي تي ٿيل تشدد يا موتمار ڌمڪيون ۽ خراب نتيجا ڀوڳڻ جھڙيون خبرون پڙھڻ لاءِ ملن ٿيون. اھي صحافي جيڪي گرمي توڙي سردي ڏينھن ھجي يا رات ھجي پنھنجي جان جي بہ پرواھ نہ ڪندي ھر ھنڌ پھچي پنھنجي ذميواري نڀائين ٿا انهن کي ڌمڪائڻ ظلم آهي. انھن کي ڌمڪيون صرف انڪري ملي رھيون آھن جو ھوءَ سچ لکن ٿا صحافي ھڪ قسم جو آئينو آھي ۽ آئينو ڪڏهن ڪوڙ ناھي ڳالھائيندو اگر اسان آئيني ۾ پنھنجو چھرو ڏسنداسين تہ جھڙو چھرو ھوندو تہ اھوئي نظر ايندو. اسان جا صحافي تقريبن دٻاءُ ھيٺ آھن شل نہ ڪنھن بااثر جي ڪنھن برائي جي نشاندھي ڪن پوءِ حملا شروع ٿي ويندا آھن.
انجنيئر وسيم چنا/ سيوهڻ شريف