شڪارپور ۾ ٿيندڙ ضمني چونڊ
پي ايس 09 تي ضمني اليڪشن 14 ڊسمبر تي ٿيندي ۽ دعا آهي الله رب العزت جي در شل امن سان ٿئي جو اسان جو ضلعو بدامني جي باهه ۾ ايترو ورتل آهي جو سمورو ضلعو ڌاڙيلن لٽيرن ۽ قاتلن سان سٿيل آهي. جهيڙن سبب سڄو ضلعو پيو خوف ۾ ساهه کڻي. جڏهن اليڪشن جو وقت ايندو آ تڏهن اهي ڀوتار سردار وڏيرا سڄو سڄو ڏيهن پيا پنهنجن بنگلن تي ماڻھو گهرائي موجون ڪرائين. چانهين، بسڪوٽن ۽ بريانين سان پيا سار لهن ۽ گذريل ٽن سالن ۾ جيڪي فوتگيون ٿيون هن تن جي بخشش جون پيا دعائون گهري ووٽ گهرن. هي وقت آهي تڪ پي ايس 09 جي عوام لاءِ ته پنهنجي قدر قيمت ڪرائين گهٽ ۾ گهٽ انهن ڀوتارن سردارن کي پنهنجا تباهه حال اسڪول ئي ڏيکارين ۽ انهن کي انهن جي بابي ڏاڏي جا ڪيل واعدا به ياد ڏيارين جيڪي مرحوم بنا پاڙڻ جي پاڪ پروردگار وٽ وڃي پهتا. اسان جو ڳوٺ هڪڙا جيڪو دادو واه جي ڪپر تي مدئجي شهر کان پنج ڪوه يا ساڍا ست ڪلوميٽر ڏور هڪ موهن جي دڙي جي آثار جو ڏيک پيو ڏي سو به بدنصيبي سان اسان جي سابقه اسپيڪر سراج خان دراني ۽ ايم اين اي شهريار مهر جو تڪ آهي. ووٽ امانت آ توهان جي پنهنجي مستقبل جي سو سوچي سمجهي ڏيو سياسي وراثت کي نه پر فرد جي پنهنجي لياقت ۽ قابليت کي ڏسي ڏيو جو اوهان جو ووٽ اوهان جو ئي آهي.
استاد جاويد احمد هڪڙو/ شڪارپور
سنڌ ۾ کنڊ جو بحران
سنڌ، جيڪا پنهنجي زرخيز زمين ۽ زراعت جي ڪري سڄي ملڪ ۾ اناج ۽ ڀاڄين جي پيداوار جو مرڪز سمجهي وڃي ٿي، اڄڪلهه پاڻ خوراڪ جي کوٽ ۽ خاص ڪري ”کنڊ جي بحران“ کي منهن ڏئي رهي آهي. گذريل ڪجهه سالن کان سنڌ ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ بي پناهه واڌ ڏٺي وئي آهي. جيڪا کنڊ ڪجهه وقت اڳ 70 يا 80 روپيا في ڪلو هئي، اها هاڻي ڊبل کان به وڌيڪ قيمت تي وڪرو ٿي رهي آهي. سنڌ جو آبادگار هن سڄي راند ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿئي ٿو. مل مالڪ آبادگارن کي ڪمند جو سرڪاري اگهه نه ڏيندا آهن. ان کان علاوه، سالن جا سال آبادگارن جا پيسا شوگر ملن ڏانهن رهيل هوندا آهن. پاڻيءَ جي کوٽ ۽ ڀاڻ جي مهانگائي سبب اڳ ئي پريشان آبادگار، جڏهن ڪمند جو مناسب اگهه نه ٿو لهي ته هو مايوس ٿي ڪمند جي پوکي گهٽائي ڇڏي ٿو، جنهن سان مستقبل ۾ بحران اڃا وڌيڪ سنگين ٿي ويندو آهي. قانون موجب شوگر ملن کي پابند ڪيو وڃي ته اهي وقت تي ڪرشنگ شروع ڪن. جيستائين ملڪي ضرورتون پوريون نه ٿين، کنڊ ٻاهر موڪلڻ تي پابندي هجڻ گهرجي.
مختيار علي بلوچ/ تنگواڻي
مريم مُختيار جي ڏهين ورسي
پاڪستان جي پھرئين شهيد خاتون پائلٽ، فلائنگ آفيسر مريم مُختيار جي شهادت کي ٻه ڏينهن اڳ ڏهه سال مڪمل ٿي چڪا آهن، پر اُن جي بهادري، وقار ۽ فرض شناسي اڄ به هزارين دلين ۾ زنده آهي. هوءِ رڳو پاڪ فضائيه جو شان نه هئي، پر پاڪستاني عورتن لاءِ فخر جو مثال پڻ هئي. پاڪ فضائيه ۾ سندس سفر بلڪل آسان نه هو. سخت تربيت، لڳاتار محنت ۽ هر قدم تي پاڻ کي مضبوط ثابت ڪرڻ سندس روزمرهه جو حصو هو، پر مريم ڪڏهن به هار نه مڃي. هوءَ بهترين ڪيڊيٽ طور سڃاتي وئي ۽ پنهنجي ساٿين لاءِ حوصلي ۽ جذبي جي علامت بڻجي وئي. 24 نومبر 2015ع پاڪستان لاءِ هڪ المناڪ ڏينهن هو، جڏهن تربيت دوران سندس جهاز فني خرابي جو شڪار ٿيو. آخري لمحي تائين مريم ڪوشش ڪئي ته جهاز آباديءَ تي نه ڪري. ٻين جي جان بچائڻ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪرڻ سندس عظمت جو واضح ثبوت آهي.
سيدا سونيا منور
گلوبل وليج ۽ اڪيلو انسان!
اڄ اسان انساني تاريخ جي هڪ اهڙي دور مان گذري رهيا آهيون، جنهن کي ايڪھين صدي يا “ٽيڪنالاجيءَ جو دور” سڏيو وڃي ٿو. هي اهو دور آهي جنهن ۾ انسان سائنسي ترقيءَ جي بلند ترين چوٽين کي ڇهي ورتو آهي. پر هن ترقيءَ، روشنين ۽ رابطن جي باوجود، هڪ سوال جيڪو هر حساس ماڻهوءَ جي ذهن ۾ اڀري ٿو، اهو هي آهي ته: آخر ماڻهو، ماڻهوءَ کان پري ڇو آهي؟ هي سوال اڄ جي دور جو سڀ کان وڏو سوال آهي. جيترا وسيلا وڌيا آهن، اوترا ئي فاصلا وڌيا آهن. جيترا رابطا آسان ٿيا آهن، اوترا ئي رشتا ڪمزور ٿيا آهن. اڄ اسان وٽ ڳالهائڻ لاءِ هزارين “آن لائن دوست” ته موجود آهن، پر ڏک سک ونڊڻ لاءِ ڪو حقيقي ساٿي ميسر ناهي. هي اڪيلائي، هي بيگانگي ۽ هي دوري رڳو اتفاقي ناهي ۽ نه ئي اها ڪا ذاتي نفسياتي بيماري آهي. ويڳاڻپ جو اهو زهر رڳو ڪارخانن يا آفيسن تائين محدود نه رهيو آهي، پر اهو اسان جي گهرن، دوستين ۽ رشتن ۾ به گهڙي آيو آهي. اسان جا ذاتي تعلقات به “ڪاروباري سوديبازي” جو شڪار ٿي ويا آهن. جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته هي نفرتون، تڪليفون ۽ انسانن ۾ ھڪ ٻئي کان نفرت ختم ٿين، ته اسان کي ان نظام کي تبديل ڪرڻو پوندو جيڪو انسان کي “شئي” بڻائي ٿو.
جھامن داس آزاد