ڊگرين جا جنازا ۽ خوابن جي خودڪشي
سنڌ جي ڪنهن به يونيورسٽيءَ جي ديوارن مان جڏهن ڪو گريجوئيٽ مٿي تي ڪاري رنگ جي ڪيپ ۽ هٿ ۾ سونهري اکرن واري ڊگري کڻي ٻاهر نڪري ٿو ته سندس پويان رڳو چار سال ناهن هوندا. ان ڪاغذ جي ٽڪري جي پويان سندس ٻڍڙي پيءُ جي ڪمزور ڪلهن جو بار، ماءُ جي اکين جا لڙڪ، سڄي خاندان جي بک ۽ روشن مستقبل جا هزارين خواب هوندا آهن. پر افسوس! يونيورسٽيءَ جي گيٽ تان ٻاهر قدم رکندي ئي اها چمڪندڙ ڊگري رڳو هڪ اڇو ڪاغذ بڻجي ويندي آهي، جنهن جي قيمت ريڙهي واري جي رديءَ کان وڌيڪ ناهي هوندي. هڪ عورت، هڪ گريجوئيٽ ۽ هن سماج جي هڪ حساس اک جي حيثيت ۾، جڏهن مان پنهنجي همعصر نوجوانن کي نوڪرين جي اشتهارن جي پويان خوار ٿيندي ڏسان ٿي، تڏهن منهنجو هنيون ڦاٽي پوي ٿو. سوال اهو ناهي ته نوڪريون ڇو ناهن، سوال اهو آهي ته ايماندار ۽ پڙهيل لکيل نوجوانن کي هن نظام زندهه درگور ڇو ڪري ڇڏيو آهي؟ ان ڪري نوجوانن ۾ نااميدي، نفسياتي بيماريون ۽ خودڪشيءَ جا لاڙا وڌڻ ڪا حيرت جهڙي ڳالهه ناهي. پنهنجي اکين جي سامهون ڪنهن نالائق کي سفارش جي زور تي ڪرسيءَ تي ويهندي ڏسي، لائق ۽ باصلاحيت نوجوان جو پنهنجي علم ۽ سماج تان اعتبار ئي کڄي ويندو آهي. پر سوال اهو آهي ته آخر ڪيسين تائين اسان رڳو هن گندگي ۽ ظلم جو روئڻ روئندا رهنداسين؟ حڪمرانن کي هاڻي اهو سمجهڻ گهرجي ته نوجوان ڪنهن به قوم تي بار ناهن هوندا، اهي ان قوم جو سڀ کان قيمتي اثاثو هوندا آهن ۽ جيڪڏهن هن اثاثي کي ميرٽ جو قتل عام ڪري ائين ئي تباهه ڪيو ويو، ته پوري ملڪ کي تباهيءَ کان ڪو به بچائي نه سگهندو.
معاويه رفيق
ٻجورا برادري منشيات کي شڪست
ٻيلي ويجهو ڳوٺ محمد خان ٻجورا ۾ ٽن وڏن راڄن منشيات خلاف گڏجاڻي ڪري مختلف موضوعن تي ڳالھايو. گڏجاڻي جو مين مقصد منشيات جو خاتمو ھو جنھن تي ٻجورا نوجوان سٿ جي سامھون ڪنھن بہ انڪار نہ ڪيو. هنن فيصلو ڪيو ته اڄ کان پوءِ ٻجورا برادري جي ٽنهي ڳوٺن ۾ منشيات ڪونه ھلندي. ڳڏجاڻي کان پوءِ حد جي ٻيلو ٿاڻو تي ان سموري ٿيندڙ ڪاروائي جي رپورٽ سمورن ڳوٺاڻن سان گڏجي لکت ۾ داخل ڪرائي ويئي اگر ڪنھن بہ منشيات ھلائي يا ڳوٺ کان ٻاھر جي منشيات فروش ڪنھن بہ منشيات ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي تہ ان کي ڳوٺاڻا پنهنجي ھٿ سان جھلي پوليس جي حوالي ڪندا. باقاعده منشيات جي خاتمي جي ڪوشش جاري رھندي.
فياض ٻجورو/ٻيلو سجاول
معصوم ٻار ڪٿي به محفوظ ناهن رهيا
گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي افسوسناڪ واقعي جي خبر وائرل ٿي آهي جتي چمبڙ ۾ مدرسي جي ٻن مولوين هڪ نينگر کي بدفعلي جو نشانو بڻايو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پوليس ڪسٽڊي ۾ اسپتال پهچايو پئي ويو ته نينگر فوت ٿي ويو. جيڪڏهن اهي الزام جاچ کان پوءِ درست ثابت ٿين ٿا ته اهو نه صرف هڪ سنگين ڏوهه هوندو پر انساني قدرن، ٻارن جي تحفظ ۽ تعليمي ادارن جي ذميوارين تي پڻ وڏو سوال اٿاريندو. اهڙن واقعن ۾ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته لاڳاپيل ادارا مڪمل، غيرجانبدار ۽ شفاف جاچ ڪن، سموريون حقيقتون سامهون آڻين ۽ جيڪڏهن ڪنهن شخص جي ڏوهه ۾ ملوث هجڻ جا ثبوت ملن ته قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. ان سان گڏ متاثر خاندان کي انصاف، قانوني سهڪار ۽ نفسياتي مدد پڻ فراهم ٿيڻ گهرجي. هي واقعو اهو پڻ ياد ڏياري ٿو ته تعليمي ادارن، خاص طور تي رهائشي مدرسن ۽ هاسٽلن ۾ ٻارن جي تحفظ لاءِ واضح پاليسيون، نگراني جو مؤثر نظام، شڪايتن جي محفوظ طريقيڪار ۽ عملي جي مناسب جاچ ۽ تربيت ضروري آهي، جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچي سگهجي.
محمد اسماعيل لانگاھ/ ڊرگھ بالا ڪاڇو
گلشن حديد “گٽرستان” ٿي ويو!
ھاڻي اھو مثال غلط آھي ته ڪو ڪراچي جي علائقي گلشن حديد ۾ سٺي ريت سمورين سھولتن سان گڏ رھي سگھجي ٿو. گلشن حديد جا فيز ون ۽ فيز ٽو جيڪي بنيادي سھولتن جي حوالي سان مثالي ھئا ھاڻي انھن ٻنھي رھائشي فيزن تي “بد قسمتي” پنھنجو ديرو ڄمائي ڇڏيو آھي، علائقي جي ھر پاسي کان ٽٽل، روڊ، ڀگل ناليون، اٿليل گٽر آھن، ھن وقت حالت اھا آھي جو ٻنھي رھائشي فيزن جا رستا اندريان ۽ ٻاھريان ڪنھن گٽر کان گھٽ ناھن، جيڪي گھر آھن ان ھر گھر ٻاھر گٽر کليل آھن، انھن گٽرن جو پاڻي رستي تي وهندو رهندو آهي. بد قسمتي سبب اھي رستا نه صاف ٿي ٿا سگھن ۽ نه گٽر بند ڪرڻ جو حل ڪنھن ” انتظامي ذميوار” وٽ آھي. ھي علاقو پنھنجي نالي وانگر گلشن ھو پر ھاڻي ھن علائقي ۾ ڌپ، گندگي جي حڪمراني آھي. جمھوريت پسند “ووٽ جا ٺيڪيدار” پنھنجي ڪرپٽ سوچ کان ٻاھر نڪرن ۽ گلشن حديد جون رونقون واپس ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن.
درياء خان جھتيال/گلشن حديد
پاڪستان ۾ سماجي بحران جي شروعات
1950ع کان پوءِ، دنيا جي وڏن ملڪن، خاص طور تي آمريڪا ۽ يورپ ۾ صنعتي انقلاب کان پوءِ، سرمائيدارن سنڌ ۽ سڄي پاڪستان ۾ واويلا شروع ڪري ڇڏي ته شهرن ۾ وڏا ڪارخانا لڳندا. اهڙيون خيالي ڪهاڻيون هر هنڌ پکڙجڻ لڳيون. ماڻهن کي ٻڌايو ويو ته زراعت جو خاتمو اچي ويو آهي. جيڪي ٻني ٻارو ڪندا اهي برباد ٿي ويندا ۽ جيڪي شهرن ۾ ڪارخانن ۾ ڪم ڪندا انهن کي ئي ترقي ملندي. حقيقت ۾ اهو نه ٻڌايو ويو هو ته توهان کي اصل ٻج نٿو ملي نه دوائون ۽ نه ئي ڀاڻ. دنيا جي سامهون اهو تاثر پيدا ڪيو ويو ته اسان پاڪستان جي نوجوانن کي اعليٰ تعليمي ڊگريون ڏئي هڪ بهتر سماجي شهري بڻائي رهيا آهيون، پر حقيقت بلڪل ان جي ابتڙ هئي. بهتر شهري جي بدران، اهي بهتر تعليم يافته مزدور پيدا ڪري رهيا هئا جيڪي اُنھن جا ڪارخانا هلائي سگهن ۽ انهن کي سٺو منافعو ڪمائي ڏين. حڪومت ملڪ لاءِ ڪا اسٽريٽجڪ پاليسي ٺاهڻ ۾ ناڪام رھي، بلڪه ريئل اسٽيٽ ۽ ٻيا ڪاروباري ماڻهو حڪومت ۾ شامل ٿيندا رهيا ۽ زراعت کي تباهه ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي. اڄ غربت ملڪ جو گهيرو ڪيو آهي جيڪو سماج جون پاڙون کائي رهيو آهي.
حضور بخش لغاري