پنهنجن جون چٺيون

سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيدين سان ظلم ڪڏهن ختم ٿيندو!

سنڌ جي سمورين جيلن ۾ رشوت اوڳاڙي لاءِ قيدين تي تشدد ڪيو ويندو آهي پر سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ رشوت وڍڻ کان پوءِ به جيل پوليس قيدين تي تشدد ڪندي آهي جنهن ۾ قيدين کي ڪپڙن کان آجو ڪري سيل وارڊ ۾ بند ڪيو ويندو آهي. ان عمل ۾ ڪجهه ماڻهو ملوث آهن. جيڪو غريب قيدي رشوت نه ٿو ڏئي سگهي ان کان ڪريل ڪم ورتا ويندا آهن. گنديون ناليون ۽ گٽر صاف ڪرايا ويندا آهن. جيڪو پئسا ڏيندو آهي ان سان رعايت ڪئي ويندي آهي. ڪجهه مهينا اڳ منهنجو ڀاءُ ماڙي ۾ ملاقات ڪرڻ آيو ۽ ڪپڙا، چپل، کاڌي پيتي جو سامان ڏنو. روڪ 20 هزار رپيا به ڏنا جن مان سامان ته ڏنو ويو پر پئسا نه ڏنا ويا. جيل سپرينٽينڊنٽ سان شڪايت ڪرڻ تي خت تشدد ڪري ڌمڪيون ڏنيون ويون ته پئسا گهرندين ته توکي قتل ڪري خودڪشي جو رنگ ڏينداسين. ٻين قيدين به ساڳئي ويڌن جي دانهن ڪئي آهي. جيلن جو صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري به هن جيل جو دورو نه ٿو ڪري. 15 سال اڳ به هڪ جيل سپرينٽينڊنٽ جيل اندر فائرنگ ڪري 70 ماڻهو قتل ۽ 800 کان وڌيڪ زخمي ڪيا هئا پر ان جو به انصاف اڃا نه ملي سگهيو آهي. هاڻ هڪ ڀيرو وري اسان قيدين سان ساڳيو ظلم ٿي رهيو آهي. اپيل آهي ته قيدين سان ظلم بند ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

محمد زمان عالماڻي/سينٽرل جيل حيدرآباد

تعليم کاتي جي وزير ۽ انتظاميا کي استدعا

اسين ڳوٺ هڪڙا جا رهواسي اپيل ڪريون ٿا ته اسان جي ڳوٺ کي بنيادي سهوليتون جهڙوڪ گئس، پڪيون گهٽيون، سولرائيزيشن ۽ ڳوٺ جا بوائز ۽ گرلس اسڪول سيمس ڪوڊ 414010194 ۽ 414010305 نئين سر تعمير ڪرائي ڏنا وڃن جيڪي گهڻي عرصي کان زبون آهن. جنوري 2025 کان پيا وزيرتعليم، سيڪريٽري کي پيا لکون سندن آفيشل اي ميل توڙي پوسٽ رستي آفيس ڏانهن شڪايتون اماڻيون آهن پر ڪٿان به ڪو جواب نه ڪا ورندي پئي ملي. الله سائين اسان جي سنڌ حڪومت ۽ ان جي تعليم جي وزير، سيڪريٽري توڙي لاڙڪاڻه ايجوڪيشن ڊائريڪٽر کي ڪا سمجھه ڏي ته ڪا سنڌ جي پرگهور لهن جو اهي وتن پيا صوبائي حڪومتن جي اندروني ڪمن ۾ سنڌ جي وسيلن سان امداد ڪندا پنهنجا اسڪول ورلڊ بئنڪ توڙي بين الاقوام کان پيا ٺهرائين خيراتون گهري ۽ پنهنجا سنڌ جا اين ايف سي جا پئسا وتن پيا خيراتي کرب پتي ادارن ۾ ورهائيندا جيڪي فقيري جو فند ڪري پيا سنڌ توڙي پاڪستان ۽ بين الاقوام کان پنن. اسان جي ڳوٺ هڪڙا کي ترقيات ۾ نظر انداز ڪيو پيو وڃي سو اسان اپيل ڪنداسون حڪومت سنڌ توڙي ان جي محڪمن کي ته اسان جي ڳوٺ کي به ڪجھ ترقي ڏياري سولرائيز ڪيو وڃي.

استاد جاويد احمد هڪڙو/ شڪارپور

تارا سوال ڪرڻ ڇڏي ڏيندا!!

ڪيتري ئي وقت کان اوجاڳيل اکيون خبر ناهي ڇو رات جي چنڊ سان گڏ جاڳنديون ئي رهنديون آهن. جاڳڻ جو درد تارا به پڇندا رهندا آهن. شايد ئي ڪنهن جو زخم اڃا تائين تازو آهي يا وڳر کان ٽُٽل سياڻن جي موٽڻ جي آس اڃا تائين به جيئري آهي. سانوڻ جي مند آهي، سارو جڳ خاموش آهي ۽ آسماني درد جي ڪيفيت سان سندس اکيون ڳوڙهن سان ٽمي رهيون آهن. هوائن جي سرگوشي جا رڙاهٽ آهن. چوماسي جا ڪڪر به روئي روئي نيٺ هلڪا ٿي پيا آهن. برسات جي وسڪارن سان ته ڌرتي جي اڃ به لهي وئي آهي پر اندر جي اڃ اڃا تائين ڳلو خشڪ ڪيو بيٺي آهي. لڳي ٿو هيل به اندر ۾ ڄميل دز کي برسات ڌوئي نه سگھندي! ڇاڪاڻ ڪجه زخم مينهن جا نه پر اندر جي اونهائي جا ئي هوندا آهن جيڪي صرف وقت ئي ڀري سگھندو آهي.

 رياض امر ٻجورو/ سجاول

اچو ته نئين سر جيئڻ جي ڪوشش ڪريون

ڪاوڙ، حسد، بغض، جيھڙن، وڏائي، لئي، انا جھڙن ڪنن  مرضن کي ساڙي نئين سر جيئڻ جو پاڻ سان واچن ڪريون ۽ پاڻ کي بھتر ۽ انسان دوست بنايون. اھڙو انسان جيڪو ٻئي انسان کي تڪليف نه پھچائي، ڪنھن جي دل نه ڏکائي، ضرورتمند جي مدد ڪجي، پاڙي وارن سان سٺو ھلجي، سٺا دوست رکجن، سٺي صحبت م رهجي، نوان خيال ۽ خواب ڏسجن، خوابن جي تعمير لاءِ محنت ڪجي، خوابن تان ڪڏھن به ھٿ نه کڻجي. گھرن ۾ وڻ لڳايون، پاڻ ۾ ڪتاب پڙھڻ جي عادت وجھون، سٺيون فلمون ڏسون، ويب سيريز ڏسون، ڪلاسيڪل موسيقي ٻڌون، پنھنجي ڪمائي جو 5 سيکڙو ضرورتمندن ۾ تقسيم ڪيون، 5 سيکڙو جا ڪتاب وٺون، گھرن ۾ پکين لاءِ داڻو ۽ پاڻي رکون. جانورن جو خاص خيال رکون، پنھنجي وطن سان محبت ڪجي، پنھنجي قوم سان گڏ بيھجي، زندگي مان نااميد نه  ٿيو زندگي ڪٿان به  شروع ٿي سگهي ٿي، بيڪار ڳالهين کان پنهنجي زبان روڪي ڇڏجي، هر شخص پنهنجو ڪم ڪري ۽ ٻين جي معاملن ۾ دخل اندازي نه ڪري ته اھڙن عملن سان اوھان پنھنجي زندگي وڌيڪ حسين بنائي سگھو ٿا.

وسيم ڀٽي لائبريرين

جنرل سائنس ڀرتي: اميدوار انصاف جا منتظر

سڄي سنڌ مان جنرل سائنس ٽيسٽ ۾ آءِ بي اي ذريعي پنجاھ پلس مارڪون حاصل ڪندڙ هزارين اميدوار اڄ به بي يقيني ۽ مايوسيءَ جو شڪار آهن. جنھن ڪري سڄي سنڌ جا نوجوان سراپا احتجاج آھن. انهن نوجوانن ۽ نياڻين سخت مالي مشڪلاتن، بيروزگاري ۽ سماجي رڪاوٽن باوجود پنهنجي محنت ۽ ميرٽ تي هي مارڪون حاصل ڪيون. ​اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ بعد جڏهن نوجوانن کي سندن حق نٿو ملي ته اها صرف هڪ فرد جي نااميدي ناهي هوندي پر سڄو سماج ان جو نقصان ڀوڳيندو آهي. پنجاھ پلس مارڪون کڻندڙ اميدوارن جو مطالبو ڪنهن قانون کي لتاڙڻ نه پر شفافيت ۽ ميرٽ جي اصولن موجب انصاف حاصل ڪرڻ آهي. ​ سردار شاھ کي اپيل آھي تہ هن معاملي جو فوري نوٽيس وٺي قانوني گنجائش کي مدِ نظر رکندي اهڙو منصفاڻو فيصلو ڪن جنهن سان نوجوانن جو مستقبل محفوظ ٿي سگهي.

ھري رام ڀيل/ ٽنڊو جان محمد