ايس ٽي ايس ۾ ڪامياب اميدوارن کي جلد ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون وڃن!
سنڌ ۾ ايس ٽي ايس ذريعي مختلف سرڪاري نوڪرين لاءِ هزارين نوجوان ميرٽ جي بنياد تي امتحان پاس ڪري چڪا آهن انهن اميدوارن وڏي محنت، وقت ۽ وسيلا خرچ ڪري شفاف طريقي سان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هاڻي انهن جو جائز حق آهي ته حڪومت ڀرتين جو عمل مڪمل ڪري. تعليم يافته نوجوان ڪنهن به قوم جو قيمتي سرمايو هوندا آهن جيڪڏهن ميرٽ تي ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن کي بروقت روزگار فراهم ڪيو وڃي ته نه رڳو بيروزگاري ۾ گهٽتائي ايندي پر سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي ۾ پڻ نمايان بهتري ايندي. اميد آهي ته سنڌ حڪومت ايس ٽي ايس ۾ ڪامياب اميدوارن جي ڀرتيءَ جو عمل جلد مڪمل ڪندي.
انجنيئر وسيم چنا / سيوهڻ شريف
پرائمري استادن کي سروس اسٽرڪچر ڏنو وڃي
سنڌ جا 42 کان وڌيڪ سرڪاري کاتا ڊپارٽمينٽ آهن، هرهڪ کاتي جي ملازمن کي پروموشن ملي رهيا آهن پر سنڌ جو هي واحد تعليم کاتو آهي جنهن ۾ صرف ۽ صرف پرائمري استادن کي نه پروموشن ملن ٿا نه ئي وري سندن بنيادي حق سروس اسٽرڪچر ملي رهيو آهي. ڪيترائي پرائمري استاد ويچارا رٽائرڊ ٿي ويا ۽ ڪيترائي رٽائرمنٽ تي پهچي ويا آهن پر انهن کي اڃا تائين سروس اسٽرڪچر نٿو ڏنو وڃي. سنڌ جي پرائمري استادن تي نت نوان تجربا روز بروز ڪيا ٿا وڃن ٿا پر بدقسمتي سان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مظلومن جي سڏائيندڙ پ پ پ اڄ سنڌ جي پيغمبري پيشي پرائمري استاد کي ٻه واٽي تي بيهاري ڇڏيو آهي. سنڌ، پاڪستان ته ڇا پر دنيا جي پوري تاريخ ۾ ايڏو ڪنهن به ملڪ جي تعليم و تدريسي شعبي سان وابسته ” استاد” کي ايڏو تنگ، بيزار ڪيو ويو هجي. سروس اسٽرڪچر ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن ظاهر ڪري سموري سنڌ جي هزارين پرائمري استادن ۾ پيدا ڪيل ذهني پريشاني دور ڪئي وڃي ته جيئن هوسک جو ساهه کڻي سگهن.
عبدالوحيد عباسي
ڀارت ۾ اقليتي برادرين سان ناروا سلوڪ
ڀارت کي دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت سڏيو وڃي ٿو، جتي آئين سڀني شهرين کي مذهبي آزادي، برابري ۽ بنيادي انساني حقن جي ضمانت ڏئي ٿو. تنهن هوندي به، گذريل ڪجهه سالن دوران مختلف قومي ۽ بين الاقوامي ادارن جي رپورٽن ۾ خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن ته ڪجهه اقليتي برادرين، خاص طور تي مسلمانن، عيسائين ۽ ٻين مذهبي اقليتن کي امتيازي سلوڪ، نفرت انگيز مهمن ۽ سماجي دٻاءَ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. بين الاقوامي انساني حقن جي تنظيمن ۽ ڪجهه عالمي ادارن پڻ ڀارت ۾ مذهبي آزادي ۽ اقليتن جي تحفظ بابت خدشن جو اظهار ڪيو آهي. انهن ادارن سفارش ڪئي آهي ته سڀني شهرين کي بنا امتياز برابر تحفظ فراهم ڪيو وڃي، نفرت تي ٻڌل ڏوهن جي غيرجانبدار جاچ ڪئي وڃي ۽ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻايو وڃي. آخر ۾ اهو چوڻ مناسب ٿيندو ته اقليتن جي حقن جو تحفظ صرف هڪ ملڪ جي ذميواري نه پر پوري عالمي برادري جو گڏيل انساني اصول آهي. جيڪڏهن برابري، انصاف ۽ مذهبي آزادي کي عملي طور تي يقيني بڻايو وڃي ته نه رڳو سماجي هم آهنگي کي هٿي ملندي پر جمهوري قدر پڻ وڌيڪ مضبوط ٿيندا.
سيد منور علي
جڏهن ميرٽ مري وڃي ٿي، تڏهن قومون قيمت ڀرين ٿيون
پاڪستان اڄ اهڙي موڙ تي بيٺو آهي، جتي اصل جنگ رڳو معيشت يا سياست جي نه پر ميرٽ ۽ سفارش واري نظام جي وچ ۾ آهي. افسوس جو اڄ به سفارش، اقرباپروري ۽ ذاتي مفادن کي ميرٽ، قابليت ۽ ايمانداريءَ تي ترجيح ڏني وڃي ٿي. جڏهن نوڪريون، ترقيون ۽ ذميواريون قابليت بدران لاڳاپن جي بنياد تي ورهايون وڃن، تڏهن محنت جو قدر گهٽجي وڃي ٿو ۽ نااهليءَ کي تحفظ ملي ٿو. اهڙي ماحول ۾ بهترين ذهن مايوس ٿي وڃن ٿا ۽ ادارا وچولي درجي جي ڪارڪردگيءَ جا قيدي بڻجي وڃن ٿا. سڀ کان وڏو نقصان قومي حوصلي کي پهچي ٿو. نوجوان، جيڪي سالن جا سال تعليم، محنت ۽ جدوجهد ڪن ٿا، جڏهن ڏسن ٿا ته سندن قابليت کان وڌيڪ سفارش جي قيمت آهي تڏهن سندن اعتماد ٽٽي پوي ٿو. نتيجي ۾ ڪيترائي باصلاحيت ماڻهو ملڪ ڇڏڻ کي ئي پنهنجي مستقبل جو واحد رستو سمجهن ٿا. ان کان به وڌيڪ ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه اها آهي ته اقتدار ۽ دولت حاصل ڪرڻ جي ذهنيت عوامي خدمت تي غالب اچي وئي آهي. عوامي عهدن کي امانت بدران ذاتي فائدي جو ذريعو سمجهيو وڃي ٿو، جڏهن ته عام شهري جا مسئلا پس منظر ۾ هليا وڃن ٿا. اسان جي سياسي قيادت جو وڏو حصو اڃا تائين عوام دوست حڪمرانيءَ جو عملي مثال پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. چونڊن دوران سڌارن، شفافيت ۽ انصاف جا نعرا لڳن ٿا پر اقتدار ملڻ کان پوءِ قومي مفاد گهڻو ڪري سياسي ۽ ذاتي مفادن جي ور چڙهي وڃي ٿو. اهڙي صورتحال جا اثر عالمي سطح تي به ظاهر ٿين ٿا. دنيا انهن ملڪن تي وڌيڪ اعتماد ڪري ٿي، جتي قانون جي حڪمراني، شفافيت ۽ ميرٽ تي ٻڌل نظام هجي. جڏهن ڪنهن ملڪ ۾ اقرباپروري، ڪرپشن ۽ ناانصافي غالب هجن، تڏهن عالمي اعتماد، سيڙپڪاري ۽ وقار متاثر ٿين ٿا. ضرورت رڳو اهڙي نظام جي آهي، جتي هر شهري کي برابريءَ جو موقعو ملي، جتي ڪردار، قابليت ۽ ايمانداري ڪاميابيءَ جا معيار هجن، نه ڪي سفارش، دولت يا سياسي وابستگي. هاڻي فيصلو اسان جي هٿ ۾ آهي: ڇا اسين سفارش ۽ اقرباپروريءَ واري نظام کي جاري رکنداسين، يا اهڙو پاڪستان اڏينداسين، جتي ميرٽ کي عزت، انصاف کي اوليت ۽ عوامي خدمت کي مقدس ذميواري سمجهيو وڃي؟ قومن جي تقدير تقريرن سان نه پر انصاف، ميرٽ ۽ مضبوط ادارن سان لکبي آهي.
سردار وڌو