مدرسن ۾ ٿيندڙ ٻارن سان زيادتي آخر ڪڏهن بند ٿيندي؟
مدرسا علم، تربيت، اخلاق ۽ ديني تعليم جا مقدس مرڪز آهن والدين پنهنجي ٻارن کي ان اميد سان مدرسن ۾ موڪلين ٿا ته هو اتي قرآن پاڪ، ديني تعليم ۽ بهترين اخلاق حاصل ڪندا پر جڏهن مدرسي ۾ ڪنهن معصوم ٻار سان زيادتي، تشدد يا بدسلوڪي جو ڏکوئيندڙ واقعو سامهون اچي ٿو ته نه رڳو والدين پر سڄي قوم جو ڪنڌ شرم کان جهڪي وڃي ٿو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٻارن جي تحفظ کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي. حڪومت، مدرسن جي انتظاميا، والدين ۽ سڄي سماج کي گڏجي اهڙو مضبوط نظام قائم ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ استادن ۽ عملي جي مڪمل جاچ، مؤثر نگراني، شڪايتن جي فوري ٻڌڻي ۽ ڏوهارين کي جلد ۽ سخت سزا ڏيڻ کي يقيني بڻايو وڃي، جيئن مستقبل ۾ ڪو به اهڙو سنگين جرم ڪرڻ جي همت نه ڪري. والدين کي پڻ گهرجي ته هو پنهنجي ٻارن سان مسلسل رابطي ۾ رهن، انهن جون ڳالهيون ڌيان سان ٻڌن ۽ جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي پريشاني يا غيرمعمولي روين جو احساس ٿئي ته فوري طور قدم کڻن.
انجنيئر وسيم چنا / سیوهڻ شریف
پنهنجن جون ناانصافيون
مائٽ انسان جي زندگيءَ جو اهم حصو هوندا آهن. سچا ۽ نيڪ مائٽ خوشين ۽ ڏکن ۾ گڏ بيهندا آهن پر ڪجهه مائٽ اهڙا به هوندا آهن جيڪي منافقي ڪندا آهن. اهي سامهون ته تمام مٺيون ڳالهيون ڪندا آهن، پر پٺيان برائيون ڪندا آهن ۽ ٻين جي دلين ۾ نفرت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اهڙا ماڻهو اڪثر ٻين جي ڪاميابي ڏسي حسد ڪندا آهن. اهي ظاهر ۾ مبارڪون ڏيندا آهن، پر دل ۾ خوش نه هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن هڪ ماڻهوءَ جون ڳالهيون ٻئي تائين غلط نموني پهچائي خاندان ۾ جهيڙا ۽ غلط فهميون پيدا ڪندا آهن. اهڙا ماڻهو پنهنجي فائدي کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏيندا آهن ۽ ضرورت پوڻ تي ساٿ ڇڏي ويندا آهن. اسان کي گهرجي ته پاڻ منافقي کان بچون، سچ ڳالهائڻ، سٺو اخلاق اختيار ڪرڻ ۽ سڀني مائٽن سان عزت ۽ محبت سان پيش اچون.
امتياز حسين بروهي/ نوابشاهه
سائيڪل ايمبولينس عوام سان بي ڍنگو مذاق
ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ڪراچي ۾ سائيڪل ايمبولينس سروس جو افتتاح ڪيو آهي. ڄڻ ته شهر ۾ رڳو انهيءَ شيءِ جي کوٽ هئي. جڏهن ته دنيا چنڊ تائين پهچي چڪي آهي، ڊرون ذريعي سامان پهچايو پيو وڃي، مختلف شعبن ۾ روبوٽ انسانن جي جاءِ وٺي رهيا آهن ۽ مصنوعي ذهانت روزمره جي زندگي بدلائي رهي آهي، تڏهن لڳي ٿو ته شايد اسان جلد اٺن، گهوڙن ۽ گڏهن تي به ايمبولينس سروس هلائينداسين. ميئر صاحب، اسان جي پاڙيسري صوبي پنجاب ۾ ايئر ايمبولينس سروس شروع ڪئي وئي آهي ۽ جديد ايمبولينسن جا فليٽ تيار ڪيا ويا آهن. ڇا ڪراچي جي عوام لاءِ صرف سائيڪلون ئي بچيون آهن؟ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ هنگامي حالتن دوران مريضن کي هيليڪاپٽر ذريعي اسپتال منتقل ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته هتي سائيڪل ايمبولينس کي وڏي منصوبي طور پيش ڪيو پيو وڃي. هنگامي حالتن ۾ زندگي بچائڻ لاءِ پهريان ڏهه منٽ انتهائي اهم هوندا آهن. سوچي ڏسو، جيڪڏهن سائيڪل ايمبولينس حادثي واري هنڌ تي پهچڻ ۾ دير ڪري، ته ڇا زخمي ماڻهو جي جان بچي سگهندي؟ حڪومت کي جديد ايمبولينسن، ايئر ايمبولينس، ٽراما سينٽرن، لائف سپورٽ سسٽمن ۽ مجموعي ريسڪيو نظام کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، جيئن هر شهري کي بروقت ۽ معياري طبي سهولت فراهم ٿي سگهي.
سيده سونيا عمران
ڪامريڊ دادا علي بخش خاصخيلي سنڌ جو کاھوڙي ڪردار
ڪامريڊ دادا علي بخش خاصخيلي پنھجي تاريخ ٺاھي ويو. هن سنڌجي ھارين کي منظم ڪيو ۽ جديد انقلابي نظرئي مارڪسزم ۽ سوشلزم تي عمل پيرا ٿي پنھنجي جدوجھد جو آغاز ڪيائين. سدائين سفر ۾ ھوندو ھو. سفر جي دوران ڪتاب مطالعي جي لاء پاڻ سان گڏ کڻندو ھو. سنڌ جي ھر وسندي ۾ وڃي ليڪچر ڏيندو ھو. ترقي پسند لڏي سان گڏ ھئڻ ڪري کيس ڪامريڊ جو خطاب مليو پر عام طور تي دادا جي نالي سان مشھور ھو. جتي به ويندو ھو ته اتي ڪارڪن سندس نالو ڪونه پڪاريندا ھئا صرف ڪامريڊ دادا چوندا ھئا. ھاري ڪميٽي کي زنده رکندو آيو اھڙا ڪردار تاريخ ۾ پنھنجو نالو ڇڏي ويندا آھن. تاريخ جي صفحن تي اھڙن کاھوڙي ڪردارن کي ھيشه جي لاء ياد رکيو ويندو. جتي به ويندو ھو ان خطي ۾ ھو اتي ٿيندڙ ڏاڍين خلاف آواز بلند ڪندو ھو. جڏھن عالمي سطح تي کاٻي ڌر ۾ ڏار پوڻ شروع ٿيا سامراجي سازشن ھڻي وڃي ھنڌ ڪيو تڏهن به پاڻ پنھنجي ئي جدوجھد تي قائم دائم رھيو. جواني کان وٺي پيري تائين ثابت قدم رھيو پوئتي پير نه ھٽايائين. ساڳئي تحريڪ ساڳيو ئي انقلابي نظرئي تي عمل پيرا ٿي 28 جولاء تي ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيائين.
جان جان ھئي جيئري ورچي نه ويٺي
وڃي ڀون پيٺي سڪندي کي سڄڻي
خاصخيلي لطيف راولاڻي
سنڌ کي ترقي جو حق ملڻ گهرجي
سنڌ جي نياڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت سان گڏ ملڪ پاڪستان مان جمهوريت جو باب بند ٿيو. جيالن وڪرن کان وٺي ڀٽي خاندانجي شيدائي همدرد ساٿين کي ڀت سان لڳائي ڀٽو خاندان مخالف مافيا ٽولي کي هڪ سازش تحت اقتدار ۾ آندو ويو. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ اليڪشن مهم دوران عوام سان خطاب ۾ ڪيل واعدا به پورا ڪرائي نه سگهيو. سنڌ صوبي ۾ پنهنجي ٺهيل حڪومت کان به نئين بجيٽ ۾ ڪي بهتر اعلان ڪرائي نه سگهيو. صوبو ڌاڙيلن، ڏوهارين، منشيات فروشن جي حوالي آهي. سنڌ پوليس به ڏوهن کي ڪاروبار بڻائي ڏوهارين سان ٻٽ بڻجي وئي آهي جنهن جو ثبوت ڏوهارين جو ساٿ ڏيندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ٿيندڙ ڪارروائيون آهن. اغوا ڪري ڀنگ طلب ڪرڻ ڪاروبار بڻجي ويو آهي. ڀتو به سرعام گهريو پيو وڃي.
مدهوش يوسف لغاري/شڪارپور