پنهنجن جون چٺيون

وياج سماج کي تباهي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي!

وياج (ربا) هڪ اهڙي معاشي برائي آهي، جنهن نه ڄاڻ ڪيترن ئي گهرن جون خوشيون کسي ورتيون آهن، ڪيترائي خاندان قرضن جي بار هيٺ دٻجي ويا آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو ذهني دٻاءُ، خودڪشي ۽ قتل جهڙن المناڪ واقعن جو شڪار بڻجي چڪا آهن. جڏهن ڪو انسان وياج جي ڄار ۾ ڦاسي پوي ٿو ته اصل رقم سان گڏ وڌندڙ وياج سندس زندگي کي عذاب بڻائي ڇڏي ٿو. اسلام وياج کي سختي سان حرام قرار ڏنو آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو غريب کي وڌيڪ غريب ۽ امير کي وڌيڪ امير بڻائي ٿو. اهڙو سماج، جتي وياج عام ٿي وڃي، اتي انصاف، همدردي ۽ معاشي برابري ختم ٿيڻ لڳي ٿي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت وياج خور مافيا خلاف سخت ڪارروائي ڪري، عوام کي قانوني تحفظ فراهم ڪري ۽ وياج کان پاڪ معاشي نظام کي هٿي ڏئي، جيئن ماڻهو عزت، سڪون ۽ اطمينان سان پنهنجي زندگي گذاري سگهن. اچو ته اسان سڀني پڻ وياج جي خلاف آواز بلند ڪريون ۽ انصاف، برابري ۽ انسانيت تي ٻڌل سماج جي تعمير ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون.

انجنيئر وسيم چنا/ سيوهڻ شريف

وڻ ۽ انهن جي اهميت

اڄ مان اوهان سان وڻن  جي اهميت بابت دل جون ڳالهيون ونڊڻ چاهيان ٿو. وڻ صرف ڪاٺ يا پنن جو نالو ناهي، پر اهي اسان جي زندگيءَ جو سهارو آهن. اهي اسان کي ساهه کڻڻ لاءِ صاف هوا، سخت گرميءَ ۾ ٿڌي ڇانوَ، لذيذ ميوا ۽ خوبصورت ماحول ڏين ٿا. جڏهن ڪنهن پراڻي وڻ کي ڪٽيو ويندو آهي ته ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ فطرت جو هڪ خاموش دوست اسان کان جدا ٿي ويو هجي. هر وڻ جي پويان ڪيترن ئي پکين جا آکيرا، مسافرن جي آرام جي جاءِ ۽ ايندڙ نسلن جي اميد لڪل هوندي آهي. جيڪڏهن اسان اڄ وڻ نه پوکينداسين ته سڀاڻي اسان جا ٻار صاف هوا ۽ سرسبز ڌرتيءَ کان محروم ٿي ويندا. اچو ته اهو عزم ڪريون ته هر سال گهٽ ۾ گهٽ هڪ وڻ ضرور پوکينداسين ۽ موجوده وڻن جي حفاظت ڪنداسين. ڇو ته وڻ ڌرتيءَ جي خوبصورتي، انسان جي زندگي ۽ ايندڙ نسلن جي خوشحالي جي ضمانت آهن. الله پاڪ اسان سڀني کي پنهنجي ماحول ۽ وڻن جي حفاظت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

مير حزب الله مغيري/لاڙڪاڻو

ايس آءِ سي وي ڊي ٽنڊو محمد خان ۾ ٻٽين نوڪرين جو معاملو

ايس آءِ سي وي ڊي ٽنڊي محمد خان ۾ ڪجهه اسٽاف نرس ۽ ڊاڪٽرن جي هڪ ئي وقت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن وسيلي سرڪاري اسپتالن ۾ ٻه ٻه نوڪريون ڪري رهيا آهن. هي معاملو قانوني ۽ انتظامي طور جاچ جوڳو آهي. ڇاڪاڻ ته هڪ ئي وقت ٻن سرڪاري ادارن ۾ نوري ڪرڻ سراڪري ضابطن جي ڀڃڪڙي ٿي سگهي ٿي. هن معاملي جي جاچ ڪري حقيقتون عوام آڏو آڻي احتساب ڪيو وڃي ته جئين شفافيت ۽ ميرٽ کي يقيني بڻائي سگهجي.

نظير احمد

تعليم واري وزير ڏانهن خط

تازو ڀرتي ٿيل استادن جي ڀرتين ۾ ڪجهه ڳالهوين سمجهه ۾ نه ٿيون اچن. پهرين ڳالهه ته ڪافي استاد پهريان پرائمري استاد ٿيا ۽ بعد ۾ جي اي ايس ٽي ٿيا. انهن پهريون ئي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ۽ پوليس ويريفڪيشن سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيا وري بعد ۾ جي اي ايس ٽي ٿيڻ مهل انهن کي ٻئي سرٽيفڪيٽ ٻيهر حاصل ڪرڻا پيا جيڪو غير ضروري ۽ وقت جو زيان لڳي پيو. ٻي ڳالهه ته جي اي ايس ٽي ٿيڻ لاءِ انهن کي سروس سرٽيفڪيٽ ۽ سروس جاري رکڻ جو سرٽيفڪيٽ وٺڻو پوي ٿو اهڙو عمل به عجيب لڳي ٿو ڇو ته جڏهن سروس بڪ ساڳيو آهي ته مٿيون سڀ ڳالهيون غيرضروري لڳن ٿيون. ٽين ڳالهه ته ڪجهه اميدوارن جي پراڻا ڊوميسائيل ۽ پي آر سي ٺهيل آهن ۽ بعد ۾ انهن جا تعلقا تبديل ڪيا ويا آهن ان کي پنهنجن تعلقن جي تصديق لاءِ چيو پيو وڃي جڏهن ته اهو ڪم به تعليم کاتي جو آهي ته ڪهڙو ڳوٺ ڪهڙي تعلقي ۾ اچي ٿو. باقي ته ڊي سي يا ايسي آفيس ۾ خرچي پاڻي کان سواءِ ڪم ڏکيو آهي.

سجاد حسن /عمرڀيو

بلاول ڀٽو زرداري جي سر ڏي خير هجي

آخر بلاول جون اهي ڪهڙيون مجبوريون آهن جو روز پيا مخالف بلاول کي طعنا هڻن ته تون ڇو نه ٿو مسلم ليگ نواز جهڙين پارٽين کان جدا ٿي سياست جو آغاز ڪري اسٽيبلشمينٽ کي صاف پيغام ڏي ته اسان توهان ۽ پاڪستان لاءِ ايترو ڪيو آهي جو شايد ڪو ڪري  پر هتي پاڪستان سان پيار يا قوم لاءِ سوچڻ وڏو ڏوهه آهي سو الله سائين اسان جي حال تي رحم فرمائي جو ڪو حق جي ڳالهه سڻڻ وارو ناهي. اسان جي پنهنجي ٻچي بلاول کي شهيدِ راڻي جي تعليم تربيت ۽ سينيئر سياستدانن جي اسيمبليءَ ۾ چِيل لفظن تي غور فڪر ڪندي خوشامدي اڳواڻن مان جان آجي ڪرائي. ان سان گڏوگڏ اهڙن سينيئر سياستدانن کي پنهنجو صلاحڪار بڻائي کان پاسو ڪري ڪرپٽ سياستدانن کان جان آجي ڪرائي پهنجو ۽ شهيد راڻي سميت تمام سنڌ واسين جو ڪنڌ شرم کان جهڪڻ کان بچائي. درست چيو هو سينيئر سياستدان اعتزاز احسن ته اهي اسٽيبلشمينٽ ۽ انهن جا پاليل سيا ستدان ڇا ڄاڻن اصل سياست جو قدر۽ قوم جو قدر جن جي پهرين ائين آخري ترجيح ئي پنڻ آهي. الله سائين بلاول کي سلامت رکي جو کيس شريف نسل جي تباهي ڪندڙن مان پيو سمجهيو وڃي  ان ڪري بلاول ڀٽو زرداري کي صلاح آهي ته سوچي قدم کڻجان جو سنڌ جا سڀ وسيلا وفاق کي مضبوط رکڻ لئي پيا خرچ ڪيا وڃن. سنڌ سلامت ساٿ سلامت.

اُستاد جاويد احمد هڪڙو/ شڪارپور