سنڌ جا ماڻهو بنيادي سهولت کان محروم
سيدن جي نگري سنڌ جتي جو عوام بنيادي سهولتن کان اڄ به محروم آهي. ماروئڙا اٺهتر سالن کان تعليم، صحت، انصاف ۽ مٺي پاڻيءَ جي آس دل ۾ رکي زندگيءَ جا ڏکيا سکيا ڏينهڙا جيئن پيا. هتي سرڪاري آفيسن ۾ رشوت حق سمجهي گهري وڃي ٿي ۽ بل پاڪس ڪرڻ لاءِ ٽريزري آفيسون پرسنٽيج واري رقم ٽيڪس سمجهي سرعام وٺن ٿيون. سرڪار جا رٽائرڊ ڪامروا ۽ ملازم ايجنٽ ۽ بنگلين جا ويجها ماڻهو گڏجي ڪم ڪن ٿا. پلون، بلڊنگون، روڊ، گهٽيون، پڪيون ناليون ۽ واهن ڪئنالن سمڌو درياهه جي کوٽائي پچنگ وغيره جا ڪم آفيس اندر صرف پني جي پيٽ ۾ ٿيل آهن. تعليم کاتي جي اسڪولن، ڪاليجن اندر فرنيچر ۽ هرسال ڪتابن جي کوٽ سبب لکين ٻار درسگاهن کان ٻاهر رهجي وڃن ٿا. تنهن ڪري پرائيويٽ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي اهميت وڌي ٿي. سرڪاري ٺهيل صحت مرڪز ۽ وڏيون اسپتالون جن ۾ مقرر ڊاڪٽر ۽ اسٽاف جون من مستيون ادارن مان غائب سڄو ڌيان پنهنجي ٺهيل پرائيويٽ سينٽرن ڏانهن ڏين ٿا. اينٽي ڪرپشن جون ٽنگون به ڪارروائي ڪندي ڏڪن ٿيون. مهانگائي ۽ بيروزگاري جي طوفان عوام کي مرڻ کان اڳ ئي ماري ڇڏيو آهي. عوام انصاف لاءِ الله جي عدالت جي فيصلي جو انتظار ڪري رهيو آهي.
مدهوش يوسف لغاري/شڪارپور
لاڙڪاڻو شهر ۾ کليل گٽر ۾ معصوم ٻارڙي جو موت جو ذميوار ڪير…..؟
سنڌ جي اندر ڪيڏي ڀلي حڪمراني آهي جو اصل ماڻهن کي سڀ ۽ سموريون سهولتون ملي ويون آهن جو سنڌ حڪومت پنهنجي صوبي سنڌ جي ٻيو ته ٺهيو پر گندي پاڻي جي کليل گٽرن کي ڍڪ به نه هڻائي سگهيي آهي ۽ انهن خيبر پختونخوا صوبي جي هڪ اداري ۾ ڏيڍ ارب رپين جي امداد ڪئي آهي پر پنهنجي سنڌ صوبي ۾ هر روز اهڙيون خبرون سامهون گذرڻ ٿيون ته فلاڻي شهر ۾ گلن جهڙا ٻارڙا کليل گٽر ۾ ڪرڻ بعد تڙپي تڙپي موت جي منهن ۾ اچي ويا. لاڙڪاڻو شهر ۾ ڏٺو وڃي ته شهر جي خوني گٽرن ۾ شهر جي جناح باغ، ذوالفقار باغ لڳ نوراني اسڪول ويجهو ٽي کليل گٽر ۽ ٿورو اڳتي باغ لڳ ئي پوسٽ آفيس ڪالوني مکيه روڊ فوٽ پاٿ وٽ خطرناڪ گٽر کليل، گجڻ پور چوڪ کان ڪوثر مل روڊ ويندڙ مکيه روڊ تي هڪ وڏي عرصي کان خوني کليل گٽر، باقراڻي روڊ، عاقل روڊ لڳ نئون ديرو چوڪ، ڪينيڊي مارڪيٽ روڊ لڳ، ڀينس ڪالوني ، نظر محله، نئون ديرو روڊ، او پي ايف ڪالوني سميت ٻين لاڙڪاڻو شهر جي علائقن ۾ کليل گٽر لاڙڪاڻي جي شهرين لاءِ موتمار کوهه بڻيل آهن، جن کي ڍڪڻ بجاء اها ڳالهه ڪرڻ ته بشني، هيروئني، موالي گٽرن جا ڍڪ کڻي وڃن ٿا، وڏي افسوس جي ڳالهه آهي.
فرحان احمد پيرزادو/لاڙڪاڻو
بي حسي، ناانصافي ۽ نااهليءَ جي ور چڙهيل معصوم زندگي
ٻارڙا خدا تعالٰى جي طرفان عطا ڪيل اهڙا انمول ۽ پاڪيزه گل آهن، جيڪي نه رڳو گهر جي سونهن ۽ رونق جو سبب بڻجن ٿا، پر قومن جي تعمير، ترقي ۽ سڃاڻپ جا مرڪزي ڪردار پڻ آهن. پر ڇا انهن معصوم گلن سان اسان جي رويي، نظام، رياستي پاليسين ۽ سماجي بي حسين مان اهو تاثر ملي ٿو ته اسان واقعي به انهن کي پنهنجي مستقبل جو معمار سمجهون ٿا؟ افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سنڌ جهڙي تهذيبي، تاريخي ۽ ساهتيه مالا مال ڌرتيءَ تي ٻارڙن لاءِ تعليمي، سماجي ۽ تحفظ جي حوالي سان صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. هزارين ٻار تعليم کان محروم، بک ۽ بيماريءَ جو شڪار، تحفظ کان وانجھيل، ۽ روز ظلم، استحصال ۽ ناانصافيءَ جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيا آهن. سنڌ ۾ تعليمي ادارن جي حالت ڏسي لڳي ٿو ته تعليم حڪمرانن جي ترجيحن مان مڪمل طور تي نڪري چڪي آهي. هڪ حساس سماج جي ذميواري آهي ته ٻارڙن جي تعليم، صحت، تحفظ ۽ سکيا جو پورو بندوبست ڪري. پر افسوس جو سنڌ سرڪار کان ويندي سماجي تنظيمن، چونڊيل نمائندن، دانشورن، مذهبي اڳواڻن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تائين، گهڻو تڻو خاموش تماشائي بڻيل آهن. ٻارڙا ظلم جي ور چڙهن، يا تعليم کان محروم رهن، ڪنهن جي ضمير کي ڪو لوڏي ئي نٿو اچي. اچو ته هاڻ به جاڳون. اچو ته ٻارڙن کي رڳو ڳالهين ۾ قوم جو مستقبل سڏڻ بدران، انهن لاءِ عملي طور بهتر تعليمي، سماجي ۽ تحفظ وارو نظام فراهم ڪريون.
راج ڪمار اوڏ/سڪرنڊ
ڪتا مار مهم هلائي وڃي
سنڌ جي ٻين شهرن جيان يوسي مسڻ وڏي جي ڳوٺ قاضي نور محمد لغاري ۾ به رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي. گهٽين ۾ قطارون ڪري گهمندڙ انهن رولو ڪتن جي ڏاڙهڻ جا ڪيس به وقت به وقت سامهون ايندا رهيا آهن پر افسوس جو ڳوٺ ۾ اڍائي سالن جي بلدياتي دور ۾ هڪ دفعو به ضلعي ڪائونسل يا يوسي طرفان ڪتا مار مهم نه هلي سگهي آهي جنهن ڪري ڳوٺ واسي نهايت پريشان آهن ڳوٺ ۾ ڪتا مار مهم شروع ڪئي وڃي.
مجاھد لغاري/ مسڻ وڏي