پنهنجن جون چٺيون

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ نوڪريون وڪڻڻ بند ڪيو

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ادارو سنڌ جي محنتي شعور کي مسلسل نااميد ء نوجوانن جي محنت ء ميرٽ کي قتل ڪري رھيو آھي. نوجوان ڏينھن رات محنت ڪري ٽيسٽ پاس ڪري ٿو ۽ پوء پيسا نه ڏيڻ تي ان کي انٽرويون ۾ فيل ڪيو ٿو وڃي، محنتي شاگرد نااميد ٿي ڊپريشن جو شڪار ٿئي ٿو ۽ ڪافي شاگرد خودڪشي پڻ ڪري چڪا آھن. نوجوان مايوس ٿي رستن تي نڪري آيا آھن، ٽن مھينن کان نوجوان سراپا احتجاج آھن يارنھن ڏينھن کان مسلسل ايس پي ايس سي آفيس جي سامھون روڊ تي  پنھنجي حقن جي حاصلات لا ويٺل آھن، شاگردن کي پنھنجي ميرٽ ڏيو نه ته ھي شاگرد اوھان جي پوري سسٽم کي چيلينج  ڪندو.

وسيم ڀٽي/ حيدرآباد

هڪ چٺي سنڌ اسيمبلي جي چونڊيل ميمبرن ڏانهن!

ٿرپارڪر جي بائونڊري ايريا لڳ بدين ضلعي جي شهر شادي لارج جو سينيئر صحافي ۽ پريس ڪلب شادي لارج جو سرپرست اعلي غلام رسول بروهي ڪيتري عرصي کان وٺي اولاد سميت بيماري بيروزگاري مفلسي سبب بستري تي پيل آهي زندگي جا 30 سال جهر جهنگ ٿر لاڙ خطي سان بي پناھ محبت ڪندڙ غريبن جو آواز اعلي ايوانن تائين پهچائيندڙ بهترين قلمڪار جي فرزند کي هڪ 4 اسڪيل جي نوڪري به پيپلزپارٽي جا ايم پي اي ۽ ايم اين اي ڏيئي نه سگهيا آهن. هي لاڙ پٽ جو سينئر صحافي غلام رسول بروهي اڃا تائين ٻين جي درد کي پنهنجو درد سمجهي غريبن جو آواز اعلىٰ ايوانن تائين پهچائي رهيو آهي پر ايوانن ۾ ويٺل پيپلزپارٽي جي نمائندن سندس ڪو قدر نہ ڪيو آهي.

صوفي محمد حسن نهڙيو/ٿرپارڪر

زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي شاگردن جا مسئلا حل ڪيا وڃن

ڪجھ ڏينھن کان ڏسي رھيان آھيون ته زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ ان جي ڪئمپس  جا شاگرد پنھنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ سراپا احتجاج آھن. ان کي زرعي يونورسٽي ٽنڊوڄام جي انتظاميا حل ڪرڻ بجاءِ وڌائي رھي آھي. انتظاميا شاگردن جي مسئلن کي ڪنھن به طريقي سان حل ڪرڻ ۾ دلچسپ ڪونه آھي. يونورستي جي شاگردن جا ڪجهه مسئلا هي آھن: زرعي يونيورسٽي انٽطاميا سيميسٽر فيس ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪيو آھي جيڪو غريب، پورھيت والدين جي اولاد جي وس کان ٻاھر آھي. مين ڪيمپس جي شاگردن جا ٽرانسپورٽ جا مسئلا آھن. انھن کي ويھي جامع حڪمت عملي سان حل ڪيو وڃي يونيورستي جي ھاسٽلن ۾ رھندڙ شاگردن کي صاف پاڻي، بجلي، صفائي، سيڪيورٽي ۽ ٻيون بنيادي سھولتون فراھم ڪيو وڃن. عمرڪوٽ ڪئمپس م شاگردن جي تعليم بنا دير بحال ھاستل ۽ ٽرانسپورٽ جون سھولتون فراھم ڪيون وڃن.

عرض محمد/ڪراچي

نوجوانن جون خودڪشيون سماج جي خاموش تباهي!

سنڌ جي ڌرتي تي روزانو ڪنهن نه ڪنهن گهر مان اهڙي خبر اٿي ٿي جيڪا دل کي چيري ڇڏي ٿي. ڪو نوجوان عشق جي ناڪامي سبب زندگي ختم ڪري ٿو ڪو گهرو تڪرارن جي بار هيٺان پنهنجو وجود ميساري ڇڏي ٿو ۽ ڪو بيروزگاري مايوسي يا ذهني پريشاني جي اونداهي ۾ اهڙو قدم کڻي ٿو جنهن کان پوءِ رڳو پڇتاءُ رهجي وڃي ٿو. هي رڳو هڪ فرد جي موت جي خبر ناهي پر هڪ خاندان جي خوشين جي موت جو اعلان آهي. ٺري ميرواھ جهڙي شهر ۾ هڪ مهيني اندر ٽن نوجوانن جون خودڪشيون رڳو انگ اکر ناهن اهي ٽن گهرن جا اجڙيل اڱڻ آهن ٽن مائرن جون خالي ٿيل ڪکون آهن ٽن پيئرن جا ٽٽل سهارا آهن ۽ ٽن خاندانن جي سڄي زندگي جو درد آهن. حڪومت کي گهرجي ته فوري طور جاگرتا مهم هلائي اسڪولن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ذهني صحت بابت آگاهي ڏني وڃي هر ضلعي ۾ صلاح مشوري جا مرڪز قائم ڪيا وڃن جتي نوجوان بنا ڪنهن خوف جي پنهنجي پريشاني بيان ڪري سگهن. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسين صرف افسوس ڪرڻ بدران اهڙا قدم کڻون جن سان ڪنهن ٻي ماء جو جوان پٽ ڪنهن ٻي پيء جو سهارو ۽ ڪنهن گهر جو ڏيئو هميشه لاءِ نه اجهامي.

ارسلان جاويد شر/ ٺري ميرواھ

ناليواري اديب ڪمال ڄامڙو جي سالگره    

وادي مهراڻ جي خيرپور ضلعي جي وڻندڙ خوبصورت خوشبوءَ واري مٽي جي ڳوٺ گل محمد ڄامڙي جي معزز شخصيت محترم لونگ خان ڄامڙي کي اهو اعزاز رب سائين کان حاصل آهي ته پهرين آگسٽ سال 1972ع اڱاري ڏهاڙي هڪ موتين جهڙي پٽ جي نعمت سان نوازيو جنهن جو والدين ڇٺي جو نالو ڪمال رکيو. اڳتي هلي هن سانوري جسم جي سگهاري ۽ ذهين انسان سنڌي ادب ۾ پنهنجي نالي جي حيٽيت کي اجاگر ڪندي سنڌي ادب ۽ سنڌي لوڪ ادب ۾ ڪمال جهڙو عظيم ڪم ڪري ڏيکاريو. سندس ادبي ڪم جو جديد دور ۾ ڪو مٽ ثاني نظر نٿو اچي. هو مسلسل سنڌي ادب کي ڪتاب ڏيندو رهيو. وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي منجهه سنڌي شعبي جي استاد طور پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهيو. سندس نالو سنڌ حڪومت پاران پرائِڊ آف پرفارمنس ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو هو. ڪمال ڄامڙو کي سندس تحقيق ۽ لکڻين جي عيوض صوفي فائونڊيشن پاران صوفي ايوارڊ ڏنو ويو. ڪمال ڄامڙو 16 ڊسمبر 2020ع تي ڪراچيءَ ۾ ڊينگي بخار سبب 48 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس يادون هميشه لاءِ محفوظ ٿي ويون آهن.

پروفيسر ابراھيم لاشاري