گهٽين ۾ معصوم نينگرين سان زيادتي انسانيت جي منهن تي چماٽ!
گهٽين، محلن ۽ عوامي هنڌن تي معصوم نينگرين سان وڌندڙ زيادتي جا واقعا نه رڳو قانون جي ناڪامي پر سماج جي اخلاقي زوال جي به عڪاسي ڪن ٿا. هي اهڙو ڏوهه آهي جيڪو ڪنهن به مهذب سماج لاءِ هرگز قابلِ برداشت ناهي. اهڙا درندو ماڻهو انسان سڏائڻ جي به لائق ناهي ڇاڪاڻ تہ اهي معصوم ٻارن جي زندگي، عزت ۽ مستقبل کي تباهه ڪري ڇڏين ٿا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اهڙن ڏوهارين کي فوري طور گرفتار ڪن، غيرجانبدار جاچ کان پوءِ کين قانون موجب سخت سزا ڏيارين، جيئن سماج ۾ قانون جو خوف قائم ٿئي ۽ مستقبل ۾ ڪو به اهڙي قسم جي ڏوهه ڪرڻ جي جرئت نه ڪري. والدين کي به گهرجي ته هو پنهنجن ٻارن جي حفاظت تي خاص ڌيان ڏين، کين اڻڄاتل ماڻهن کان محتاط رهڻ جي تربيت ڏين ۽ ڪنهن به شڪي سرگرمي بابت فوري طور لاڳاپيل ادارن کي اطلاع ڪن.
انجنيئر وسيم چنا / سيوهڻ شريف
آخر آبادگارن جو ڇا ٿيندو!
حالات گهڻا خراب ٿيندا ٿا وڃن جي ڏٺو وڃي ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي پر ڏسڻ ۾ صاف پيو اچي ته هتي زراعت تي ترجيع بلڪل نه هئڻ برابر آهي. مون کي اڄ تائين اها ڳاله سمجه ۾ ناهي آئي ته ائين ڇو آهي پاڻي ڪٿي آهي ڪٿي آهي ئي ڪونه جتي آهي اتي وارا بندي آهي جتي آهي اتي ٿر جيان واري پئي اڏامي. جي ٿورو آسمان ۾ ڪڪر ڏسن ٿا ته اچانڪ فصل جو ريٽ آسمان کان زمين تائين جو سفر راڪيٽ جي اسپيڊ سان ڪري ٿو زرعي دوائوان ٻه کان ٽي نمبر جون آهن ٻج به ته اهڙو ئي ملي ٿو. پيٽرول ڊيزل جو ريٽ فصل جو ٽائيم ويجهو ايندي ئي وڃي ٿو آسمان سان ڳالهيون ڪري. اهڙي طرح الاهي سارو خرچ ڪري جڏهن وارو اچي ٿو فصل لهڻ جو ته اڌ زميندار کنيو وڃي خرچ لٿي باقي هاري وٽ ڇا بچيو؟ هاري ۽ زميندار ٻنهي جا مٿي تي هٿ. سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته زراعت بابت ڪجھ سوچيو وڃي باقي هاري ڪارڊ مان ته اهي ئي خوش هوندا جيڪي ٻني تي پير ئي ڪونه رکن.
الهداد سرهاري
ڪنڊيارو شهر ۾ 20 ٽرانسفارمر خراب
ڪنڊيارو شهر جي مختلف علائقن ۾ لڳ ڀڳ 20 بجلي جا ٽرانسفارمر خراب ٿيڻ سبب ڪيترن ئي پاڙن ۾ بجلي جي فراهمي سخت متاثر آهي. شهري ڪيترن ئي ڏينهن کان سخت گرمي ۽ بجلي جي بندش سبب ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت چندو گڏ ڪري ٽرانسفارمرن جي مرمت ڪرائڻ جي ڪوشش به ڪئي، پر مسئلو اڃا تائين مڪمل طور حل نه ٿي سگهيو آهي. ڪيترائي ڀيرا سيپڪو جي لاڳاپيل عملدارن کي آگاهه ڪيو ويو پر اڃا تائين مناسب قدم نه کنيا ويا آهن. اپيل ته ڪنڊيارو شهر جي خراب ٽرانسفارمرن جي فوري مرمت يا تبديلي ڪرائي بجلي جي فراهمي بحال ڪئي وڃي ڇو ته گهرن ۾ ننڍڙا ٻار، بيمار مريض ۽ بزرگ موجود آهن، جيڪي سخت گرمي سبب وڏي تڪليف ۾ آهن.
محمد سچل سومرو
سنڌ ۾ ميرٽ جي لتاڙ: قابليت جو قتل يا مستقبل جي چوري؟
ڪنهن به قوم جي ترقي جو راز ان ڳالهه ۾ لڪل هوندو آهي ته ان جي ادارن ۾ فيصلا ميرٽ، انصاف ۽ شفافيت جي بنياد تي ٿين. بدقسمتي سان سنڌ ۾ ميرٽ جي لتاڙ هڪ اهڙو مسئلو بڻجي چڪو آهي، جنهن نوجوانن جي اميدن، والدين جي خوابن ۽ ادارن جي ساک کي سخت نقصان پهچايو آهي. سنڌ جا هزارين نوجوان اعليٰ تعليم حاصل ڪن ٿا، مقابلي جا امتحان ڏين ٿا، ڏينهن رات محنت ڪن ٿا ۽ پنهنجي قابليت تي ڀروسو رکن ٿا. پر جڏهن نتيجا سندن اميدن جي ابتڙ اچن يا ڀرتين بابت شفافيت تي سوال اٿن، تڏهن انهن جي دلين ۾ رياست ۽ ادارن بابت بي اعتمادي پيدا ٿئي ٿي. اڄ سنڌ جو نوجوان نوڪري کان وڌيڪ انصاف گهري ٿو. کيس يقين ڏيارڻ ضروري آهي ته جيڪڏهن هو محنت ڪندو ته کيس پنهنجي قابليت جو صلو ضرور ملندو. جيڪڏهن اها اميد ختم ٿي وئي ته پوءِ بي روزگاري سان گڏ نااميدي، ذهني دٻاءُ ۽ برين ڊرين جهڙا مسئلا وڌيڪ شدت اختيار ڪندا، جتي قابل نوجوان پنهنجو مستقبل ٻاهرين ملڪن يا خانگي شعبي ۾ ڳولڻ تي مجبور ٿيندا.
مختيار علي بلوچ/تنگواڻي
آءِ بي اي پاران ڪيل ڪجھ غلطين جو اعتراف ناحق جو ازالو ڪير ڪندو…..!؟
جيئن ته ماضي ۾ سڀني کي خبر آهي ته مختلف ادارن ۾ سنڌ حڪومت پاران ڀرتي جي لاء آئي بي اي سکر معرفت ٽيسٽ وٺي، پوء اھل اميدوارن کي لاڳاپيل ادارن ۾ ڀرتي ڪيو پيو وڃي. ھاڻي اچجي ڪجھ اھم ڳالھين تي جيڪي آءِ بي اي جون خاميون، خرابيون، ميرٽ جو قتل ۽ اھل اميدوارن سان ڪيل ويڌن جنھن جو اڃان تائين ازالو نه ٿيو آھي جنھن جي سزا اھل اميدوار ڀوڳي رھيا آھن. مختلف وقتن تي ٿيندڙ ٽيسٽن ۾ آئي بي اي جي سوالي پيپر ۾ جواب ته موجود ھوندا آھن ،پر جوابي چاٻي ۾ وري غلط جواب اپ لوڊ ڪيا ويندا آھن. مون سان به اهڙو ظلم ٿيو آهي جنهن ۾ پاس هجڻ باوجود مون کي فيل ڄاڻايو ويو. ان ٿيل سموري ناحق جون ڪافي دانھون ڪوڪون ڪيون مگر ڪنھن بہ غلطيون درست نه ڪيون. عدالت جي سخت پڇاڻي کانپوءِآءِ بي اي وارا پنھنجي ساک بچائڻ لاء پريس رليز جاري ڪن ٿا مگر تدارڪ نٿا ڪن. ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته آءِ بي اي وارن کي کپي ته ھارڊ ايريا لاء ورتل ٽيسٽ 25 فيبروري 2023 شام ۽ 26 فيبروريءَ 2023 جي JEST ,PST جي جوابي چاٻي روائيز ڪري اھل اميدوارن کي فائدو ڏنو وڃي، ائين نه ٿئي جيڪي چاليھ تي ڀرتي ٿيل آھن جوابي ڪي روائيز ٿيڻ کانپوءِ اھي اميدوار چوٽيھ کان اوڻيھتاليھ مارڪن تائين وڃي پھچن.
زاھد حسين لغاري/ سجاول