پنهنجن جون چٺيون

اسڪول اسپيسفڪ بجيٽ تعليم جي بهتري ڏانهن اهم قدم

سنڌ حڪومت پاران اسڪول اسپيسفڪ بجيٽ تحت سرڪاري اسڪولن کي سندن ضرورتن موجب مالي وسيلا فراهم ڪرڻ هڪ ساراهه جوڳو قدم آهي. هن بجيٽ جي ذريعي اسڪولن ۾ مرمت، صفائي، فرنيچر، پيئڻ جي صاف پاڻي، بجلي ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي ممڪن ٿي آهي. جڏهن اسڪولن کي پنهنجي ضرورتن مطابق خرچ ڪرڻ جو اختيار ملي ٿو ته اهي بروقت مسئلا حل ڪري سگهن ٿا، جنهن سان شاگردن لاءِ بهتر تعليمي ماحول پيدا ٿئي ٿو. هن پروگرام سان نه رڳو اسڪولن جي حالت بهتر ٿئي ٿي، پر والدين جو سرڪاري اسڪولن تي اعتماد پڻ وڌيو آهي. جيڪڏهن هي سلسلو جاري رهيو ته سرڪاري اسڪول وڌيڪ مضبوط ٿيندا ۽ سنڌ ۾ معياري تعليم جو خواب حقيقت ۾ تبديل ٿيندو.

 نيڪ محمد شنباڻي

ڪرپشن جي ور چڙهيل سنڌ

ڪرپشن ڪنهن به معاشري کي اندران ئي اندر ڪمزور ڪري ڇڏيندي آهي، ۽ سنڌ به هن ناسور کان محفوظ نه رهي آهي. جڏهن رشوت، سفارش ۽ ناجائز فائدا عام ٿي وڃن تڏهن انصاف، ميرٽ ۽ عوامي حق متاثر ٿين ٿا. نتيجي ۾ ترقياتي منصوبا سست ٿي وڃن ٿا ۽ عوام بنيادي سهولتن کان محروم رهجي وڃي ٿو. ڪرپشن سبب تعليم، صحت، روڊن، پاڻي ۽ ٻين اهم شعبن لاءِ رکيل وسيلا پنهنجو صحيح مقصد حاصل نٿا ڪن. ان جو سڀ کان وڏو نقصان غريب ۽ وچولي طبقي کي ٿئي ٿو، جيڪي اڳ ئي زندگيءَ جي مشڪلاتن سان وڙهي رهيا آهن. ڪرپشن جو خاتمو صرف قانونن سان ممڪن ناهي پر ان لاءِ ايمانداري، شفافيت، احتساب ۽ اجتماعي ذميواري ضروري آهي. هر اداري کي ميرٽ تي هلائڻ، بدعنواني ۾ ملوث ماڻهن خلاف بنا امتياز ڪارروائي ڪرڻ ۽ عوام ۾ قانون جي احترام جو شعور پيدا ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.

امتياز حسين بروهي/ نوابشاهه

پرائمري ٻارڙن جي اسڪول جو ٽائيم

پرائمري شاگردن ۽ خاص ڪري معصوم نياڻين جي اسڪول ٽائيمنگ ۾ اڍائي وڳي موڪل ڪرڻ پرائمري جي ٻارڙن جي پريشانين جو سبب آهي، اڪثر ٻارڙا صبح جو بک تي جلدي جلدي اسڪول وڃن ٿا اهي ڏيڍ وڳي پريشانين کي منهن ڏيندا رهن ٿا، تعليم کاتي کي ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ نت نون تجربن ڪرڻ بدران عملي طور تي اسڪول جي شاگردن ۽ استادن لاءِ ڪم ڪيا وڃن ۽ زميني حقيقتن کان ڪم وٺڻ گهرجي. ڪجهه مهينا اڳ اهو اعلان ڪيو ويو هو ته حڪومت سنڌ تعليم کاتي پاران اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي منجهند جي ماني اسڪولن ۾ حڪومت سنڌ پاران کارائي ويندي، جيڪدهن واقعي اهڙي ڳالهه آهي ته پوءِ سنڌ جي خاص طرح پرائمري اسڪولن جي معصوم گلڙن جهڙن ٻارڙن کي ڪجهه دل جاءِ ٿيندي پر وڏي حيرت جي اها ڳالهه به آهي ته اهڙي شديد گرمي ۾ صبح 8 وڳي کان اڍائي وڳي تائين مسلسل ساڍا ڇهه ڪلاڪ ٻارڙا بغير ڪنهن پکي جي هوا جي ، بغير ڪنهن پيئڻ جي پاڻي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ۾ بغير سولر سسٽم جي ساڍا 6 ڪلاڪ ڪيئن ٻارڙا تعليم حاصل ڪري سگهندا؟

عبدالوحيد عباسي /لاڙڪاڻو 

پوسٽ گريجوئيٽ پروگرام ۾ ڊريس ڪوڊ بابت تجويز

پوسٽ گريجوئيٽ پروگرام ۾ ڊريس ڪوڊ کي به تعليمي پروگرام جو اهم حصو بڻائڻ گهرجي. يونيورسٽي يا اداري ۾ شاگردن جو لباس نه رڳو سندن شخصيت پر اداري جي وقار، نظم ۽ ضبط جي پڻ نمائندگي ڪري ٿو. تنهن ڪري پوسٽ گريجوئيٽ سطح تي مناسب، سادو، باوقار ۽ تعليمي ماحول سان مطابقت رکندڙ ڊريس ڪوڊ مقرر ڪرڻ هڪ بهترين قدم ٿي سگهي ٿو. ڊريس ڪوڊ جو مقصد شاگردن تي غيرضروري پابنديون لاڳو ڪرڻ نه پر هڪ منظم ۽ سنجيده تعليمي ماحول پيدا ڪرڻ هجڻ گهرجي. خاص طور تي پوسٽ گريجوئيٽ شاگردن کي مستقبل ۾ يونيورسٽين، سرڪاري ۽ خانگي ادارن، تحقيقاتي مرڪزن ۽ مختلف پروفيشنل شعبن ۾ ڪم ڪرڻو هوندو آهي. مناسب لباس کين پروفيشنل انداز، اعتماد ۽ ذميواري جو احساس پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو. ڊريس ڪوڊ ۾ صاف سٿرو ۽ مهذب لباس، مناسب جوتا ۽ مجموعي طور پروفيشنل ظاهري شڪل کي ترجيح ڏني وڃي. مرد شاگردن لاءِ سادو شلوار قميص، پينٽ شرٽ يا ٻيو مناسب رسمي لباس رکيو وڃي، جڏهن ته عورتن لاءِ به سندن ثقافت، سهولت ۽ اداري جي ماحول مطابق باوقار لباس جي اجازت هجي. ان سان گڏ اهو به ضروري آهي ته ڊريس ڪوڊ سڀني شاگردن لاءِ برابري جي بنياد تي لاڳو ڪيو وڃي ۽ شاگردن جي معاشي حالتن کي نظر ۾ رکيو وڃي. تمام مهانگو يا مخصوص لباس لازمي ڪرڻ بدران سادو ۽ آساني سان دستياب لباس تجويز ڪيو وڃي.

عبدالله ڀٽي

زهريلي سپاري آخر ڪڏهن بند ٿيندي؟

آخر اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو جڏهن اسان جي گهٽين، بازارن ۽ دڪانن تان زهريلي سپاري ۽ صحت لاءِ نقصانڪار شين جو خاتمو ٿيندو؟ آخر ڪيتري عرصي تائين اسان جو نوجوان نسل چند لمحن جي ذائقي ۽ عادت جي قيمت پنهنجي صحت، مستقبل ۽ زندگي سان ادا ڪندو رهندو؟ زهريلي سپاري رڳو هڪ عام شيءِ ناهي پر اهڙو مسئلو آهي، جيڪو خاموشيءَ سان اسان جي معاشري جي بنيادن کي متاثر ڪري رهيو آهي. خاص طور تي نوجوان طبقو ان جو آسان شڪار بڻجي رهيو آهي. شروعات شوق سان ٿيندي آهي، پوءِ اها عادت بڻجي ويندي آهي ۽ آهستي آهستي انسان کي صحت جي سنگين مسئلن ڏانهن وٺي ويندي آهي. سڀ کان وڌيڪ ڳڻتيءَ جي ڳالهه اها آهي ته اهڙيون شيون نوجوانن جي پهچ ۾ آسانيءَ سان موجود آهن. جيڪڏهن اسڪولن، ڪاليجن ۽ رهائشي علائقن جي آس پاس نقصانڪار سپاري ۽ ٻيون مضر شيون وڪامنديون رهنديون ته پوءِ اسان پنهنجي نئين نسل کي ڪيئن محفوظ رکي سگهنداسين؟

انجنيئر وسيم چنا/ سيوهاڻ شريف