پنهنجن جون چٺيون

پاڪستان ۾ وڌندڙ بيروزگاري

پاڪستان ۾ بيروزگاري ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، ملڪ جي بيروزگاري جي شرح 2020–21 ۾ 6.3 سيڪڙو مان وڌي 2024–25 ۾ 7.1 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جيڪا گذريل 21 سالن جي بلند ترين سطح آهي. هن عرصي دوران بيروزگار ماڻهن جو انگ 4.5 ملين مان وڌي 5.9 ملين ٿي ويو، يعني لڳ ڀڳ 1.4 ملين وڌيڪ ماڻهو بيروزگار ٿيا. خيبرپختونخوا (ڪي پي) ۾ بيروزگاري سڀ کان وڌيڪ 9.6 سيڪڙو، پنجاب ۾ 7.3 سيڪڙو، بلوچستان ۽ سنڌ جيڪي ترتيب وار 5.5 سيڪڙو ۽ 5.3 سيڪڙو آهي. پاڪستان ۾ وڌندڙ بيروزگاري انتهائي ڳڻتي جوڳو مسئلو بڻجي چڪي آهي. حڪومت کي گهرجي ته هن مسئلي کي سنجيدگي سان منهن ڏئي، جنهن لاءِ روزگار جي تحفظ کي مضبوط ڪرڻ، زراعت لاءِ وڌيڪ رعايتون ڏيڻ، صنعت ۽ برآمدن تي ڌيان مرڪوز ڪرڻ، ۽ ٽيڪنيڪل ۽ ووڪيشنل تعليم کي وڌائڻ ضروري آهي.

سينگار علي وساڻ/خيرپورميرس

ڪارونجهر سميت سنڌ جي وسيلن جو سوڌو نه ٿيڻ ڏبو

سنڌ جيڪا صدين کان وسيلن، محبتن، مهربان آغوش، تاريخي تهذيب ۽ فطري حسن جي سرزمين رهي آهي اڄ به پنهنجي وجود جي واٽ تي بيٺل آهي پر افسوس جو هن ڌرتيءَ جا وسيلا روزاني ڌاڙن، استحصالن ۽ لوڏن جي ور چڙهيل آهن. خاص طور تي ٿرپارڪر جو ڪارونجهر جيڪو رڳو پهاڙ ناهي پر هڪ تاريخ، هڪ ساهه، هڪ سڃاڻپ ۽ هزارين سالن جي تهذيبن جو شاهڪار آهي تنهن تي اڄ به وسيلن جي لالچ ۾ هٿ وجهڻ جون ڪوششون جاري آهن. تنهن هوندي به سنڌي قوم واضح ڪري چڪي آهي ته ڪارونجهر سميت سنڌ جي ڪنهن به وسيلي تي ڌاريا ڪو به حق نٿا رکن ۽ نه رکي سگهندا ۽ نه سنڌي قوم انهن ڌارين کي اجازت ڏيندي. سنڌ جا وسيلا سنڌ واسين جا آهن انهن جو تحفظ هر سنڌيءَ جو قومي فرض آهي. سنڌي قوم جي غيرت، سگا جي سجاڳي، قومپرست تحريڪن جي للڪار، اديبن جي قلم جي باهه ۽ پورهيتن جي مزاحمت گڏجي هڪ ئي آواز ۾ چون ٿا ته ڪارونجهر ڪنهن به قيمت تي ڌارين حوالي نه ڪيو ويندو.

وفا ولي محمد ڦل/ڦل شهر

فريده مڱريو—هاءِ ڪورٽ بار ۾  تاريخ رقم ڪري ڇڏي

عورت هر شعبي ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي ۽ هاڻي قانوني ميدان ۾ بہ عورتن جون ڪاميابيون نوان رستا کولينديون پيون وڃن. انهن ئي ڪامياب عورتن مان هڪ روشن نالو وڪيل فريده مڱريو جو آهي جيڪا تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي عورت جنرل سيڪريٽري طور منتخب ٿي آهي. فريده مڱريو 2582 ووٽن سان شاندار ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته عمران مٺاڻي 1463 ووٽن سان ٻئي ۽ مرزا سرفراز 1257 ووٽن سان ٽئين نمبر تي رهيا. هي نتيجو واضع ثبوت آهي تہ وڪيل برادري نه صرف هن جي محنت ۽ شفاف ڪردار کي ساراهيو آھي پر عورت قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظھار به ڪيو آهي. فريده مڱريو جو هي اعزاز رڳو هڪ ذاتي ڪاميابي نہ پر سماجي سوچ، ادارتي ترقي ۽ عورتن جي اڳواڻيءَ ڏانهن وڌندڙ قدم جو روشن مثال آهي.

ايڊووڪيٽ عبدالسلام سومرو/ ڪراچي

ضلعو ڪشمور ٻيھر رت سان رنگجي ويو

ضلعو ڪشمور اٺن سالن تائين ڌاڙيلن جي حوالي ھو مسافرن، مزدورن، راھگيرن ۽ پوليس جوانن ڌاڙيلن جي ھٿان شھادتون ماڻيون آهن پر ڪجھ عرصي کانپوءِ ڪجھ ڌاڙيلن پاڻ کي قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي آڏو سرينڊر ٿي ويا پر بدقسمتيءَ سان انھن ئي وڏيرن جاگيردارن سرينڊر ڪيل ڌاڙيلن ھڪ دفعو ٻيھر ڏوھي وارداتون تيز ڪيون آهن. هڪ دفعو وري غوثپور شھر ڀرسان اسان کان ھڪ ٻچڙو مزمل پنھور ڌاڙيلن بي ڏوھ شھيد ڪري پوري ڪشمور ضلعي جي ان دردمندن جي دلين تي ھڪ گھري چوٽ ڏني جيڪا چوٽ صدين تائين نہ ڇٽي سگهندي. ضلعي جي پوليس ڪمانڊر آڏو ان قتل تي سواليا اٿاريا ويا آهن تہ ڪمانڊر صاحب اوهان جا اھي ڊرون حملا به امن ڪري نه سگهيا آهن. جيستائين سرينڊر ٿيندڙ ڏوھارين کي ماريو نہ ويندو تيستائين اھي ڏوھاري ھن ضلعي اندر بدامنيءَ کي ڪڏهن بہ نہ ڇڏيندا.

مختيار علي بلوچ/ تنگواڻي