پنهنجن جون چٺيون

هي خوني جهيڙا آخر ڪڏهن ختم ٿيندا؟

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ قبيلائي ۽ ذاتي تڪرارن سبب ٿيندڙ خوني جهيڙا هڪ سنگين سماجي مسئلو بڻجي چڪا آهن. ننڍڙن اختلافن کان شروع ٿيندڙ معاملا ڪڏهن ڪڏهن دشمنين ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا، جن جو نتيجو انساني جانين جي ضايع ٿيڻ، خاندانن جي اجڙي وڃڻ ۽ علائقي ۾ خوف جي فضا جي صورت ۾ نڪري ٿو. سوال اهو آهي ته هي خوني جهيڙا آخر ڪڏهن ختم ٿيندا؟ جيئن ڪالهه دادو جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيندڙ جهيڙي دوران هڪ عورت سميت 8 ڄڻا قتل ٿيا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. آخر ڪيتريون مائرون پنهنجا پٽ وڃائينديون، ڪيتريون ڀينرون ڀائرن جي وڇوڙي جو ڏک سهنديون ۽ ڪيترا ٻار يتيمي جي زندگي گذاريندا؟ جهيڙن جو حل گولين ۽ هٿيارن ۾ نه، پر ڳالهين، قانون ۽ انصاف ۾ آهي. هر تڪرار کي طاقت ذريعي حل ڪرڻ بدران مقامي معززن، چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميا کي گڏجي امن لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ذميواري آهي ته ڪنهن به ڌر جي اثر هيٺ اچڻ کان سواءِ قانون تي عمل ڪرائين ۽ ڏوهارين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻين. اسان جي سماج کي به سوچڻو پوندو ته آخر دشمنين جو هي سلسلو ايندڙ نسلن تائين ڇو منتقل ڪيو وڃي؟

وفا معشوق علي کوکر/ خيرپور ناٿن شاهه

قانون جي شاگردن سان ٿيندڙ ناانصافيون!

شاگرد سماج اندر ھڪ اھڙو حساس طبقو ھوندو آھي جن کي ادارا، استاد، والدين سنڀاليندا ۽ سندن تعليم، تربيت ۽ ضرورتن جو خيال رکندا آھن. ڇاڪاڻ ته اھي ئي شاگرد مستقبل ۾ سماج جا واڳ ڌڻي ٿيندا، پر افسوس! سنڌ جا شاگرد پنھنجي ننڍن ننڍن جائز، آئيني مطالبن لاءِ اڄ به ڪلاس روم ڇڏي روڊ تي سراپا احتجاج آھن پر ڪو ٻڌڻ وارو ناھي. سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپيل لا ڪاليجن ۾ وقت سر امتحان نه ٿيڻ سنگين مسئلو رھيو آھي. سنڌ يونيورسٽي انتظاميه ڪاليج سائيڊ پنج سالا ايل ايل بي (آنرز) پروگرام ۾ انرولڊ سوين شاگردن سان ناانصافيون ڪرڻ واري روايت کي اڄ به برقرار رکيو اچي، لا ڪاليجن جي شاگردن جو سڀ کان بنيادي مسئلو وقت تي سيميسٽر امتحان منعقد نه ٿيڻ آھي. جيڪي سيميسٽر امتحان جون مھيني ۾ ٿيڻا ھئا انھن جو شيڊيول آگسٽ جي ختم ٿيڻ تائين جاري ناھي ڪيو ويو. قانون جا شاگرد جيڪي سڀاڻ جا قانوندان بڻجي معاشري ۾ انصاف کي يقيني بڻائيندا اھي پاڻ ھن سنگين ناانصافي سبب سخت ذھني دٻاءُ جو شڪار آھن. اهو مسئلو حل ڪرڻ گهرجي.

آفتاب سليمان لغاري

اڳوڻي شاگرد سياست جو اھم ڪردار شھيد اقبال ميمڻ!

دڙي جي پسگردائيءَ واري ڳوٺ لاکا واسي سنجيدا شاگرد سياست جي اھم جدوجهدي ڪردار شھيد اقبال ميمڻ جو ورسيءَ جو ڏھاڙو ملهايو ويو. اقبال ھڪ ذھين ترين انوکو طالب علم ھو. ھن ظلم ستم ڏاڍ جبر واري آمراڻي دور ۾ سياسي آزاديءَ جي بند ٿيل تنگ نظر گسن کي بھادري سان لتاڙي ڀٽوازم جو متوالو بڻجي تعليمي ادارن ۾ مخلص شاگرد سياست کي نوان مثالي لاڙا رجحان ڏنا. اقبال ميمڻ جو جنم 5 جون 1968 تي دڙي ڀرسان لاکا ڳوٺ ۾ ٿيو جنھن بنيادي پرائمري تعليم دڙي مان حاصل ڪرڻ بعد سيڪنڊري جي تعليم بٺوري جي ھاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي جڏھن تہ وڌيڪ تعليم ھن سجاول ڊگري ڪاليج مان حاصل ڪئي جتي شروعاتي طور سندس دل ۾ شاگرد سياست سان دلچسپيءَ جو جذبو جاڳي پيو تہ ھن پيپلز پارٽيءَ جي ذيلي شاگرد ونگ سپاف جوائن ڪري ورتي ۽ ان جي فورن بعد کيس سپاف جو ضلعي آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو. اقبال تنظيمي پروگرامن جي مورچن توڙي احتجاجي جدوجھدي جلسن جلوسن ۾ ڇانيل رھندو ھو ۽ جنرل ضياءُ جي ڪاري آمريتي دور ۾ 37 سال اڳ اڄوڪي 30 آگسٽ 1989 جي غمگين ڏھاڙي تي نڪتل تنظيمي دوري دوران ھڪ المناڪ روڊ حادثي ۾ اسان کان ھميشہ لاءِ وڇڙي ويو.

وفا ميمڻ/دڙو

ملڪ کي ڪمزور نه ڪريو

ڇا ٿا سمجھو جيڪا حڪومت پنھنجن وزيرن کي ھڪ رخ ۾ نه پئي رکي سگھي ڇا اھا چئن صوبن جي جاء تي چاليھ صوبا يا ائين چئون چاليھ اين ايف سي ايوارڊ ڏئي سگھندي ۽ جي ڏئي بہ وئي تہ ڇا اھا انھن کي پنھنجا پورا حق ڏئي سگھندي جو ھاڻي سواء پنجاب صوبي جي باقي سٻ پيا سوال اٿارين تہ تہ ھنن سان ظلم پيو ٿئي. ھنن جا وسيلا تہ کسيا ويا ۽ آئين پاڪستان جي حوالن سان اسان کي خاموش رھڻ جو چيو ويو نہ ته مختلف سياسي آئيني دٻاء ڏسڻ جو چيو ويو ۽ صوبن جي عوام جي لولي لنگڙي حڪومتن کي ختم ڪري گورنر راڄ لڳائڻ جو چيو ويندو آھي جنھن سان صوبائي حڪومتون خوف ۾ اچيو وڃن ۽ وفاق پاڪستان جو ھر ستم آئين پاڪستان جو لازمي حصو سمجھيو خاموش رھن پر جڏھن اھي ڪمزور صوبا بہ ويا ٽڪرا ٿي تہ ھنن کي روڪيندو ڪير جيڪي سواء پنھنجي اصل فرضن جي ادائگيءَ جي باقي سڀ پيا ڪن. الله پاڪ اسان جي وطن پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي سوچ کان محفوظ رکي ۽ قومي اتحاد کي قائم رکي. آمين يا رب العالمين.

استاد جاويد احمد ھڪڙو/شڪارپور