جنسي استحصال کان کليل گٽرن تائين
معصوم ٻارڙا انسانيت جو سڀ کان پاڪ حصو آهن، دنيا جو سڀ کان سادو سچ به اهي ئي آهن، پر افسوس ته اسان جي ڌرتي تي سڀ کان وڌيڪ خطري ۾ به اهي ئي آهن. اسان جي شهرن ۾ ته هوا ئي مختلف آهي؛ هتي ٻارڙن جي اکين ۾ خوف آهي، سندن قدمن ۾ خطرا آهن ۽ سندن مستقبل تي بي حسيءَ جو ڳرو پردو ٽنگيل آهي. اسڪول، جيڪي امن ۽ سکيا جا گهر هئڻ گهرجن، اڄ ڪيترن ئي ٻارن لاءِ تشدد جا مرڪز بڻيل آهن. مدرسن ۾ ته حال وڌيڪ ڏکوئيندڙ آهي. شهرن جا روڊ، نالا ۽ کليل گٽر روزاني معصوم زندگيون ڳڙڪي ٿا وڃن. ڪراچي جي نيپا چوڪ تي گٽر ۾ ڪري فوت ٿيل معصوم ٻار جو لاش پندرهن ڪلاڪن کان پوءِ مليو هي حادثو نه پر اسٽيٽ ۽ ادارن جي گڏيل غفلت جو ڪيل قتل آهي. ذميواري صاف آهي لاپرواهه حڪومت، ڪمزور شهري ادارا، تربيت کان خالي استاد ۽ مدرسا، بي حس سماج، ۽ ڪم ڏيکاريل پر نتيجا نه ڏيندڙ تنظيمون. جڏهن وڏا خاموش رهن ٿا ته معصوم ٻارڙا مرندا آهن. ۽ جڏهن ننڍا ٻارڙا مرندا آهن ته سماج جو مستقبل مرندو آهي، ڇو ته ٻار مستقبل جو معمار آهن ۽ ٻار انسانيت جو سڀ کان قيمتي سرمايو آهن. اهي واقعا تڏهن ختم ٿيندا جڏهن قانون لفظن ۾ نه پر عمل ۾ سخت هوندو.
حاڪم علي چانڊيو
ماروي ملير جي صنم ميگھواڙ
مارئي جو ڪردار ڪنهن کان لڪل ڪونهي. مارئي ٿر جي اها خوبصورت ڪوئل هئي، جنهن جو مثال اڄ به سنڌ فخر سان پيش ڪري ٿي. پر سوال اهو آهي ته ان ئي صحرائن جي صنم، جيڪا پنهنجي ڌرتيءَ جي مٽي، پنهنجن ماڻهن جي محبت ۽ پنهنجي تهذيب جي خوشبوءَ کان پري ڪوئيٽا ۾ قيد سهي سگهي ٿي؟ اهو ڪيئن سمجهي سگهي ٿي ته سنڌ جي ڌيءَ سوکڙي ڪري ڪوئيٽا وڃي پهچي ۽ ڪوڪ نه ڪري؟ ڇا اهو ممڪن آهي ته ماءُ جي گود کان وڌيڪ هو فلاحي ادارن کي محفوظ سمجهي؟ امن جي نگريءَ کان وڌيڪ ڌارين جي قبضي کي ڀلو ڄاڻي؟ پيءُ جو پيار وساري، برادريءَ جو ڀرم ڀسم ڪري؟ ڌرم، تهذيب ۽ روايتن کان ڌار ٿيڻ جو سوچي؟ پنهنجي ريتن رسمن—ٽيج، ڪانهوڙو، هولي، ديوالي، رکڙي پونم، ٿدڙي جا لوليا ۽ ويساک جا ورت—وساري سهڻي سنڌ ڇڏي ۽ تمام پري پرديس ۾، پراين جي وچ ۾ پنهنجن جي خلاف پيش ٿئي! اهو شايد ممڪن ٿيو جڏهن تاريخ، تهذيب ۽ سڃاڻپ کان لاتعلقي وڌڻ لڳي. جيڪڏھن اسان سجاڳ نه ٿياسين ته ملير مان ماريون ۽ ايوڌيا / امن جي نگري مان سيتائون پنهنجن کان وڌيڪ پراون کي محفوظ سمجهڻ لڳنديون.
دادو پرمار
سنڌي ثقافت جو ڏھاڙو ۽ منشيات کان پاڪ سنڌ
سنڌي ثقافت جو ڏھاڙو هر سال ڊسمبر جي پهرئين آچر تي وڏي شان سان ملهائجي ٿو. هن ڏينهن جو مقصد سنڌ جي هزارين ورهين پراڻي تهذيب، روايتن، سچائي، رواداري ۽ محبت جي پيغام کي اجاگر ڪرڻ آهي. سنڌي ميڊيا خاص ڪري پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي ٽيم ۽ سرواڻ علي قاضي ھر سال سنڌي ايڪتا عيد ملھائڻ جو وچن ڪيو سڄي سنڌ ۾ رھندڙ ماڻھو اجرڪ ۽ ٽوپي پائي سنڌي سڃاڻپ جو اظهار ڪن ٿا. اجرڪ سنڌ جي مهمان نوازي، احترام ۽ محبت جو علامتي تحفو آهي. سنڌي ٽوپي عزت، غيرت ۽ سڃاڻپ جو نشان سمجهي ويندي آهي. “منشيات کان پاڪ سنڌ” هڪ خوبصورت نعرو به آهي ۽ هڪ اهم سماجي ضرورت پڻ. منشيات نه رڳو نوجوان نسل کي تباهه ڪري ٿي، پر سڄي سماج جي امن، ترقي ۽ خوشحالي کي به سخت نقصان پهچائي ٿي. اسان سڀني جي ذميواري آھي ته اهو نعرو هڻون ته سرزمين تي منشيات جهڙو ناسور ڪنهن به صورت ۾ قابلِ قبول ناهي.
اسد زرداري/ سرھاڙي
ميرپور ماٿيلو ٻيلو ڪير بچائيندو
ميرپور ماٿيلو ٻيلي ۾ وڻن جي ڪٽائي معمول بڻيل آھي جنھن ۾ ھتان جو عملو ملوث آهي جيڪو رات جي تاريخي ۾ وڻ وڍرائي پيو. ھن ٻيلي ۾ ھڪ پلاٽ آھي جتي ٽاري جا قيمتي وڻ آهن پر ھاڻي ھن پلاٽ تان ٽاري جي ڪٽائي جاري آھي گذريل رات ڊونڪي پمپ ويجھو ٽاري پلاٽ مان لکين رپين جو ٽاري جو وڻ ڪٽجي ويو جنھن تي فاريسٽ ڊپارٽمينٽ پاران نمبر کان سواء صرف تاريخ لڳائي وئي. ھن ٻيلي کي تباهه ڪري بااثر ماڻھن کي زمينون ليز تي ڏنيون پيون وڃن جتي فش فارم قائم ڪري ڳوٺن جا ڳوٺ آباد ڪيا پيا وڃن. وڻ جي ھن ڪٽائي جي ڪري ماحوليات تي وڏو اثر پئجي رھيو آھي تنھن کي فاريسٽ ڊپارٽمينٽ جي اعلي’ آفيسرن کي گھرجي تہ ھن ڪرپٽ عملي تي ايڪشن کڻي وڻن جي ڪٽائي روڪرائي، جيڪي زمينون بااثر ماڻھن وٽ ليز تي آھن اھي واپس ڪرائي ھن تي وڻ پوکيا وڃن جيئن ماحول ۾ بھتري اچي سگھي.
علي حسن چڍڙ