پنهنجن جون چٺيون

27هين ترميم سان ڇا ٿيندو؟

اسان جي ملڪ پاڪستان جي مقدر ۾ رڳو تجربا ئي لکيل آهن جو رياستي ادارن طرفان سياستدانن کي پنهنجي ڏوھ ۾ شريڪ ڪري پوء انهن کي بليڪ ميل ڪري هر قسم جا قانون پاس ڪرائي پيا پاڪستان جي آئين سان هٿ چراند ڪن ۽ جيئن وڻين تيئن پيا پنهنجي لاء آسانيون ۽ قوم پاڪستان لاء وڏا ويل ڪن. چوڻ وارا ته چون پيا شهبازشريف جيڪو ڪم شروع ڪيو آ نيٺ ملڪ کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دؤر جيان ڪنهن وڏي سانحي طرف ڌڪيندو جنهن سان ملڪ ۽ قوم ستر سال پوئتي رهجي ويندي ۽ ڊڪٽيٽر دنيا جي وڏين رياستن ۾ پنهنجا جزيرا آباد ڪري ست نسلن لا پيا محفوظ ٺڪاڻا ٺاهين. قوم جيڪا اڄ ستر هزار ارب روپين جي مقروض آ دنيا جي وڏين طاقتن جي سي ست سالن اندر 140 هزار ارب جو قرضي ڪري ملڪ ۽ قوم کي پوء اشرف غني جيان ڀڄي هليا ويندا پنهنجن خصوصي جهازن ۾ ۽ ملڪ ۽ قوم پئي دنيا جي وڏين طاقتن جي غلامي ۾ هرطرح جا عذاب برداشت ڪندي. ستاويهين ترميم پاڪستان جي آئين کي ادارن جو ماتحت بڻائي ڇڏيندي. قوم کي جيئن انگريز سرڪار هر ڪم محختيارڪار ۽ ڪليڪٽر کان سزا ڏياري وٺندي هئي اسان جي رياست به عدالتن کان مٿانهان فيصلا ڪرائي قوم کي انهن ڪرپٽ روينيو عملدارن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏيندي.

استاد  جاويد هڪڙو/ شڪارپور

سنڌ جي عوام کي سياسي آزادي ڪير ڏياريندو!

محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت سان گڏ ئي عوامي اقتدار جمهوريت جو باب بند ٿي ويو. جيئي ڀٽو جو نعرو هڻندڙ جيالن بدران جاگيردارن ۽ سردارن جي سهڪار ۽ مدد حاصل ڪري اقتدار جي ايوان تئاين پهچي ويا آهن. جنهن عوامي ميڙ ۾ کليل ڪچهريون ڪري عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بدران سفارش، رشوت خوري ۽ پنهنجن کي نوازڻ واري پاليس ملڪ ۾ متعارف ڪرائي وئي آهي. ملڪ اندر غريب عوام جو جئڻ ٿي ويو جنجال ٺهيل حڪومت ڄڻ ڪنگال حقدارن کي حق به نه ٿو ملي. اٺهتر سالن کا سرڪاري زمينن ۽ معدني وسيلن تي قابض بڻيل جاگيردارن ۽ سردارن پنهنجي طاقت جو اثر ظاهر ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ نجي عدالت جرڳا سسٽم ۽ ڌاڙيل فورس ٺاهي رياست جي رٽ کي ناڪام بڻائي عوام مٿان راڄ ڪري ٿاڻن ۽ عدالتن جو قانون مٺ ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي سنڌ غلامي جو ڪوٽ بڻجي وئي آهي جتي قيد سنڌي عوام آهي. هاڻي ڏسجي ته آزادي ڪير ۽ ڪڏهن ٿو ڏياري.

مدهوش يوسف لغاري/شڪارپور

طبقاتي تعليمي نظام‎

پاڪستان ۽ سنڌ ۾ طبقاتي تعليمي نظام جو بنياد ملڪ جي وجود ۾ ئي پيو هو. انگريزن جي دور ۾ هڪ ئي تعليمي نظام هو پر ملڪ ٺهڻ بعد غريب جي ٻار کي هميشه غريب توڙي غلام رکڻ لاء طبقاتي تعليمي نظام رائج ڪيو ويو. هڪ ئي ملڪ ۾ ٻه، ٻه ۽ ٽي ٽي  قسم جا تعليمي معيار رائج ڪرڻ ا ئين آهي جئين عيسايت ۾ ڪيٿولڪ ۽ پروٽيسٽنٽ، هندازم ۾ برهمڻ ۽ شودر. ملڪي آئين اهڙي طبقاتي مت ڀيد جي خلاف آهي پر هتي، عام حڪومتي اسڪول، وفاقي بورڊ وارا اسڪول، ڪئمبرج ۽ آڪسفورڊ وارن جا اسڪولي نصاب الڳ الڳ آهن جيڪا ڳالهه تعليم سڀني لاء برابري واري بنيادي  نقطي جي خلاف آهي. چيو وڃي ٿو ملڪ ۾ شريعت ڪورٽ به آهي ته فيصلا جج صاحبان اسلامي اصولن کي سامهون رکي ڪن ٿا، اسمبليون به قانون اهڙا پاس ڪن ٿيون جيڪي اسلام جي روح خلاف نه هجن ته پوء طبقاتي تعليمي نظام کي جاري وساري رکڻ تي اعليٰ عدالتن ۽ ملڪ جي بااختيار ادارن جي خاموشي کي ڪهڙو نالو ڏيون؟

شفيق احمد ڪانڌڙو/نصيرآباد

قبي تعلقي جا يوسي سيڪريٽري

قبوسعيدخان تعلقي جون يوسيز عوام لاء بي لاڀ بڻيل آهن سياسي آشيرواد سان مقرر يوسي سيڪريٽري آفيس مان غائب رهڻ سبب عملي طور آفيسن جو ڪم ڪار ٺپ آهي ڄم ۽ فوتگي سرٽيفڪٽ سميت ٻين ڪمن لاء ايندڙ ماڻهن جي شنوائي نٿي ٿئي رهواسي چڪر ڪاٽي جتيون گسائي ڇڏين ٿا پر انهن جو رشوت کانسواء ڪم ناهي ٿيندو. ساڳئي وقت آفيسن ۾ ڪرپٽ عملو وري بروڪرن جي معرفت اهي ساڳيا سرٽيفڪٽ جاري ڪندو آهي، جڏهن ته ڪم سانگي آيل ماڻهن جا ڪم نه ٿيڻ تان عملي سان ڦڏا روز جو معمول بڻيل آهن. ماهوار في يوسي لاء  ٻارنھه لکن جي بجيٽ ڪٿي خرچ ٿي رهي آهي ڪا خبر نه آهي. شهر جي سياسي سماجي حلقن يوسيز جي ڪارڪردگي تي علائقي جي چونڊيل نمائيندن ۽ مڪاني کاتي جي اختيارين جي پراسرارخاموشی تي ڪيترائي سوال پيدا ٿين ٿا.

جداجاويد/قبوسعيدخان