پنهنجن جون چٺيون

سنڌ ۾ وڪيلن جي ڪاميابي سنڌ جي شعور جي ڪاميابي

ڪجھ ڏينهن  پھريان پوري سنڌ جي تمام بارن جي اليڪشن ٿي جنهن ۾ پيپلز پارٽي کي مات ڏئي سنڌ سنڌي ماڻھن ۽ سنڌ جي شعور ۽ سنڌ جي حلالي پٽن جي فتح ٿي جنهن ۾ سنڌ جي گھرو وزير ضياالحسن لنجار کي پوري طاقت ھوندي به ناڪامي ملي ۽ سيد جعفرشاھ، اطھر عباس سولنگي، ڪي بي لغاري ۽ ٻين سنڌ جي حمايت ڪندڙن جي فتح ٿي. سنڌ جي وڪيلن ضياالحسن  لنجار کي ٻڌايو ته سنڌ ظلم  جبر ۽ ڏاڌ کي نٿي مڃي. سنڌ ھاء ڪورٽ بار جي اليڪشن ۾ سنڌ جو حمايتي اڳواڻ حسيب جمالي ۽ پيپلز پارٽي جو حمايتي سرفراز ميتلو آمھون سامھون ٿيا ان اليڪشن ۾ به سنڌ جي شعور اھو ثابت ڪيو ته سنڌ ڏاڍ ۽ طاقت کي نٿي مڃي. حسيب جمالي وڏي مقابلي بعدي کٽي ويو. ان اليڪشن ثابت ڪيو ته سنڌ پيپلز پارٽي کان تنگ اچي چڪي آهي.

صفدر سولنگي/ڪوڙي جا ڀاڻ

مٽياريءَ جي سياست ۾ تاريخي موڙ

مٽياريءَ جو سياسي منظرنامو هڪ وڏي تبديليءَ مان گذري رهيو آهي، جتي ڏهاڪن جي مخدوم گاديءَ جي اجاراداريءَ کي هڪ مضبوط ۽ گهڻ رخي مخالف اتحاد للڪاري رهيو آهي. هي جنگ رڳو ووٽن جي نه، پر مالي شفافيت ۽ ادارن جي طاقت جي بنياد تي لڙي پئي وڃي، جيڪا مٽياريءَ جي سياسي تاريخ ۾ هڪ نئون موڙ آهي. مخدوم خاندان جي اڳواڻي هاڻي سياسي طرح لڏندي نظر اچي ٿي. مخدوم سعيد الزمان ۽ رفيق الزمان جي عليحدگي صرف خانداني جهيڙو نه پر اخلاقي بحران جي انتها آهي. مخدوم سعيد الزمان ۽ سندس فرزند مخدوم حسيب الزمان جو مخالف ڌر سيد شاهه زمان شاهه سان رابطو ۽ ھالا جي  ايڪٽو سياسي ڪارڪنن سان ملاقات خاندان اندر بغاوت جو واضح اشارو آهي. عوامي ۽ اندروني ناراضگي مخدوم جميل الزمان کي ضلعي اندر اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته خاندان جي سياست جي مضبوط بنياد (شفافيت) کي ڪرپشن جي الزام اندروني طور ڪمزور ڪري ڇڏيو آهيمخدوم مخالف اتحاد هڪ گهري ۽ سوچيل سمجهيل حڪمت عملي تحت ميدان ۾ آيو آهي، جنهن جا اهم ڪردار طاقت ۽ قانون جي نئين سياست جو پيغام ڏئي رهيا آهن. سيد شاه زمان شاهه، بشير ميمڻ، رئيس نظير احمد راهو، عوامي اتحاد مخدوم جميل لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگهن ٿا. ڄاموٽ/ شاهه /راهو اتحاد هڪ گڏيل، سوچيل سمجهيل ۽ وڏن ادارن سان ڳنڍيل متبادل پيش ڪري رهيو آهي. ڪراچيءَ ۾ اڳوڻي سينيٽر محمد علي شاهه، سيد شاهه زمان شاهه ۽ نظير احمد راهو جي ملاقات ۽ محمد علي شاه ۽ مخدوم رفيق الزمان جي ملاقات ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿي ته هيءَ لهر صرف مڪاني نه، پر وڏن سياسي ادارن جي حمايت سان آهي. 2024 جي اليڪشن ۾ جيڪو مخدوم رفيق الزمان ۽ مخدوم فخرالزمان ٻئي طرف  سيد محمد علي شاھ ڄاموٺ پي ايس 57 جي اليڪشن تي عوام سميت ھر ماڻھو کي پريشان ڪري ڇڏيو هو تہ ووٽ ڪنھن کي ڏيون؟ اڄ انھن جو ھڪ ٽيبل تي ويھڻ ۽ ماني کائڻ ان شيء جو ثبوت آھي تہ گهڻو ڪجھ ٿيڻو آھي. ھن وقت مٽياري ۾ سيد محمد علي شاھ ڄاموٽ ۾ ماڻھن جي اميد آھي ڇو جو ھر ھڪ ڪارڪردگي ڏسندو آھي ٽائون ڪميٽي کي ڏسو يا پي ايس 57  جي ڪارڪردگي عوام لاء رزلٽ زيرو آھي. ايندڙ اليڪشن ۾ مٽياريف ۾ شايد پيپلز پارٽي جو مقابلو پيپلز پارٽي سان ئي ٿئي.

اويس گل ميمڻ

سنڌ جي ثقافت سان ساڙ ڇو؟‎

سنڌ جي ثقافت رڳو لباس، موسيقي يا رقص نه آهي پر اها زندگيءَ جو هر موڙ، هر لمحو ۽ هر احساس آهي، جيڪو نسلن کان نسلن تائين سنڌين جي دلين ۾ موجود آهي. سنڌي ٻارن جي ڪن ۾ لطيف سرڪار جا بيت، نانيون ۽ ڏاڏيون جيڪي لوليون، ڪهاڻيون ۽ عبرت آموز قصا ٻڌائينديون آهن، سنڌي ٻارن کي پنهنجي تاريخ، پنهنجي تهذيب، پنهنجي محبت ۽ پنهنجي اخلاقي قدرن سان ڳنڍين ٿيون، جڏهن اهي ٻار وڏا ٿين ٿا ته انهن جي مٿي تي ٽوپي، ڳچيءَ ۾ اجرڪ، مٿي تي پٽڪو ۽ هٿن ۾ پنهنجي ڌرتيءَ جي خوشبو هوندي آهي، اهي علامتون نه رڳو سينگار آهن پر سنڌي جي وجود، عزت، غيرت، وقار ۽ سڃاڻپ جو تاج آهن. سنڌ جي ثقافت ۾ جيڪڏهن ڪا لساني يا سياسي جماعت غلط تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته اهو رڳو ثقافتي دٻاءُ يا سياسي ڇڙواڳي ناهي پر سنڌين جي دلين تي اثر ڪندڙ سخت برو  عمل آهي.پر هو ٻڌي ڇڏين سنڌ جي ثقافت سدائين زنده، قائم ۽ عوام جي دلين ۾ محفوظ رهندي، هيء سنڌ جي تهذيب سڃاڻپ تاقيامت محفوظ  شاد آباد  سلامت رهندي.

 وفا ولي محمد ڦل /ڦل شهر