ثقافتي ڏهاڙو ۽ منشيات کان نجات
سنڌ جي ڌرتي صديون پراڻي تهذيب، رنگن ۽ روايتن سان ڀرپور سرزمين آهي جيڪا موهن جي دڙي کان جديد دور تائين پنهنجو جدا مقام رکي ٿي. هر سال ڊسمبر جي پهرئين آچر تي ملهائجندڙ ثقافت ڏهاڙو سنڌ جي ماڻهن لاءِ نه رڳو سادگي، محبت ۽ روايتن جي جشن جو ڏينهن هوندو آهي پر اهو پنهنجي ماضي سان وابستگي، پنهنجن وسارجندڙ قدرن جي يادگيري ۽ گڏيل قومي سڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ جو هڪ اهم پليٽ فارم بڻجي چڪو آهي. ان ڏينهن سنڌ جو هر ننڍو شهر، ڳوٺ، اسڪول، ڪاليج توڙي ادارا ٽوپي ۽ اجرڪ جي خوشبوءِ سان مهڪجي پون ٿا ڇو ته اجرڪ سنڌي ماڻهن لاءِ صرف ڪپڙو نه پر غيرت، عزت، ڀائپي ۽ محبت جي علامت آهي. هن ثقافتي سونهن ۽ رنگن جي وچ ۾ هڪ اهم پيغام جيڪو وڌيڪ طاقت سان اجاگر ٿيڻ گهرجي اهو آهي منشيات کان پاڪ سنڌ جو پيغام، ڇو ته ثقافت صرف ناچ ڳائڻ جو نالو نه آهي بلڪه اها سماجي ذميواري، گڏيل تربيت، اخلاقي سگهه ۽ انساني قدمن جي مجموعي سڃاڻپ آهي. پرنٽ ميڊيا، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ محترم علي قاضي پاران منشيات خلاف مهم ۽ ثقافتي سڃاڻپ بابت پروگرامن سان شعور وڌيو آهي. نوجوانن کي مثبت رستو ملي ٿو ۽ منشيات جا ڄار پاڻمرادو ڪمزور ٿين ٿا. اهو سمجهڻ گهرجي ته ثقافت ڏهاڙو صرف خوشيءَ جو ڏينهن نه پر سڃاڻپ، اتحاد ۽ ذميواري جو ڏينهن آهي، جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته سنڌ پنهنجو قديم حسن، اخلاقي سگهه ۽ علمي عظمت برقرار رکي ته پوءِ منشيات خلاف واضح، سخت ۽ اجتماعي جدوجهد ضروري آهي.
وفا ولي محمد ڦل/ ڦل شهر
7 ڊسمبر” منشيات کان پاڪ سنڌ” ايڪتا ڏهاڙو
پهريان ته ثقافتي ايڪتا ڏهاڙي جي خالق پنهنجي اخبار ٽائيم نيوز چينل جي سرواڻ علي قاضي کي سلام پيش ٿو ڪيان جنهن اڄ کان 16 سال اڳ 6 ڊسمبر 2009 تي پهريون دفعو ثقافتي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جو سڏ ڏنو ۽ سنڌين سنڌ وارن ان سڏ تي لبيڪ چوندي ان ڏينهن کي عيد ڏهاڙي کان به وڌيڪ ملهائڻ جو وچن ڪيو ۽ اهو ڏهاڙو هاڻي هرسال ڊسمبر جي پهرئين آچر ڏهاڙي تي ملهائبو ٿو رهي ۽ اسان سنڌي سنڌ وارا ۽ سڄي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ اندر رهندڙ سڀ سنڌي ۽ سنڌ سان پيار ڪندڙ اهو ڏهاڙو اهڙي ته جوش و جذبي سان ملهائيندا ٿا اچون جو هر ننڍي وڏي پوڙهي پڪي ڀائرن ڀينرن کي ان ڏينهن جو شدت سان انتظار رهي ٿو. هرسال ايڪتا ڏهاڙو مختلف عنوانن سان ملهائجي ٿو پيو. هن دفعي “منشيات کان پاڪ سنڌ”جي عنوان سان ايڪتا ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد به اهوئي آهي ته سنڌ جي رهواسين کي خطرناڪ نشي جهڙي لعنت کان پاڪ ڪجي.
محمد خالد ميمڻ /ڦل
سنڌي ڪلچر ڊي – ڌرتيءَ جي سڃاڻپ جو دائمي جشن
سنڌي ڪلچر ڊي اهو ڏينهن آهي جيڪو سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ نه رڳو سُر، ڌُن ۽ رنگ ڀري ڇڏيندو آهي، پر سندن وجود کي صديون پراڻي تهذيب، ثقافت ۽ روايتن سان نئين سر جوڙي ڇڏيندو آهي. جڏهن به سنڌي ماڻهو اجرڪ اوڍين ٿا، ٽوپي پائين ٿا، پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڳالهائين ٿا، پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت جو اظهار ڪن ٿا، تڏهن اها صرف روايتي ادا نه هوندو آهي، پر تاريخ سان ملاقات، تهذيب سان گفتگو ۽ پنهنجي وجود جي سڃاڻپ سان نئون عهد آهي. ثقافتي ڏينهن تي سنڌ جا شهر، ڳوٺ، دڙا، ۽ چوپڙيون سڀ ڪنهن هڪ سُر ۾ هم آواز ٿين ٿا. ان ڏينهن جڏهن ماڻهو صوفي سرمدن جي ڪلام تي جهومي رهيا هوندا آهن، تڏهن اهو منظر صديون پراڻي تهذيب جي جياپي جو احساس ڏياريندو آهي. سنڌي ڪلچر ڊي صرف جشن نه آهي، اها هڪ تحريڪ آهي—تهذيب جي تحفظ جي تحريڪ، محبت جي واڌاري جي تحريڪ، علم ۽ ادب جي ٻيهر تجديد جي تحريڪ، ۽ انساني اتحاد جي تحريڪ. اهو ڏينهن هڪ وعدو آهي- ته سنڌي تهذيب جو گيت نه رڪجندو، ثقافت جو ڏيئو نه وسامندو ۽ محبت جو پيغام هميشه دلين تائين پهچندو رهندو.
غلام مصطفيٰ جمالي/ کڏهرو موري
سنڌ رھي آباد سدا سنڌ رھي خوشحال سدا
سنڌي ثقافتي ڏهاڙو سنڌ جي شان آھي ثقافتي ايڪتا ڏھاڙي جو سنڌي ماڻھو هر سال انتظار ڪندا آهن. ھن ڏينهن کي عيد جي خوشين جھڙو رنگ ڏيئي ٽوپي، اجرڪ، پٽڪو، شاھ جي بيتن سان ڀيٽا ڏيئي ملهايو ويندو آهي. ان ڏينهن تي سنڌي ماڻهو مھمان نوازي، مچ ڪچھريون، وڏا رقص، سگھڙن جون ڪچهريون، ميلا ملاکڙا، ميوزڪ شو، ھوجمالا گيت، صوفي راڳ، شاعري اديبن ۽ سنڌ جي بزرگن سائين سچل سرمست شاھ عبداللطيف ڀٽائي لال شھباز قلندر شيخ اياز ۽ ولين جي مزارن تي حاضري ڀري سنڌ جي پراڻي قديمي 5000 سالن جي آثارن کي ڀيٽا پيش ڪندا آهن. سنڌي ثقافت ايڪتا ڏھاڙو ھرسال عيد جيان ملھائي اھو ثابت ڪندا آهن تہ سنڌ ڌرتي صوفين اوليائن جي ڌرتي آهي سنڌ جي ماڻهن ھيمشہ امن پيار محبت ڀائيچاري جو پيغام ڏنو آهي.
مختيارعلي بلوچ/ تنگواڻي