گاڏين جا ڪرايا گھٽ ڪرايو!
ملڪ ۾ جڏهن به پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگھه وڌن ٿا ته زندگي جي ضرورت جي هر شيءِِ مهانگي ٿيندي آهي ان کان علاوه پيٽرول ۽ ڊيزل وڌڻ جي بهاني ملڪ ۾ هلندڙ ٽرانسپورٽ جا ڪرايا به هٿرادو طور وڌايا وڃن ٿا، سنڌ ۾ ته گورنمينٽ جي مقرر ڪيل ڪراين تي ڪو به عمل نٿو ٿئي. سنڌ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جو به حال اهو آهي ته تيل وڌڻ جو جواز ڄاڻائي ڪرايا هڪدم وڌايا وڃن ٿا پر ان جي ابتڙ تيل مسلسل گهٽ ٿيڻ کان پوء وري ڪير به ڪرايو گهٽ نٿو ڪري. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ لوڪل بسن کان ويندي ڪراچي کان سموري سنڌ ويندڙ بسن ۽ وينن جا ڪرايا ايترا ته وڌي ويا آهن جو عام مزدور ماڻهو ان تي پريشان نظر اچي رهيو آهي پر سندن ڪير به داد رسي ڪرڻ لاء تيار ناهي. ڪراچي کان نواب شاھ تائين بس جو ڪرايو 800 مان وڌائي پهرين 1100 ڪيو ويو ۽ تيل جي معمولي اضافي جي بهاني وري هڪدم ڪرايو وڌائي 1200 روپيا ڪيو ويو، ان خلاف عوام جون دانهون نڪتيون پر ڪنهن به داد نه ڪيو. حيرت جي ڳالھ آهي ته ڪراچي کان نواب شاھ جو ڪرايو 1200 روپيا ورتو وڃي ٿو، جڏهن ته ڪراچي کان سکر لاڙڪاڻي جيڪب آباد جيڪي نواب شاھ کان به ڊبل پنڌ تي آهن انهن شهرن جو ڪرايو مختلف ٽرانسپورٽرن پاران اڄ به 1400 کان 1600 روپيا ورتو پيو وڃي، سنڌ حڪومت جي ٽرانسپورٽ کاتي جي وزير ۽ سيڪريٽري کان مطالبو ڪجي ٿو ته ڪراچي شھر ۾ هلندڙ لوڪل ٽرانسپورٽ ۽ ڪراچي کان سڄي سنڌ ڏانهن ويندڙ گاڏين جي مالڪن کي سرڪار پاران في ڪلوميٽر جي حساب سان مقرر ڪيل ڀاڙو اوڳاڙڻ جو پابند بڻايو وڃي.
قاسم خاصخيلي/ سڪرنڊ
ٽيسٽ کان پوء رھجي ويل منظر
آء بي اي ۔ ويب پورٽل تي ھرھڪ اميدوار جي تعليمي قابليت، تصوير، موبائل نمبر، شناختي ڪارڊ نمبر سان گڏ ايڊريس ۽ ڊوميسائل سميت مڪمل بائيوڊيٽا تي ضلعي وائز اڪائونٽ ٺھيل آھي. انھي سان گڏ اميدوار جنھن به کاتي ۾ اپلائي ڪيو آھي يا پاس ٿي جيڪي به مارڪون کنيون آھن، اھو سڀ رزلٽ ۽ رڪارڊ به موجود آھي. آء بي اي ويب پورٽل ذريعي ڊيش بورڊ تي اھو پڻ اضافي طور واضع ڪري سگھجي ٿو ته ڪھڙي ضلعي ۾ اپلائي ڪندڙن جو تعداد ۽ پاسنگ ريشو ڪيترو آھي ۽ اھي ڪھڙن کاتن ۾ ڪيتري اسڪور تائين ٽيسٽ پاس ڪري ويٽنگ لسٽ ۾ موجود آھن. سنڌ جاب پورٽل جي بجاء آء بي اي جي ويب پورٽل تي مختلف ڪيٽيگريز ۾ پاس ٿيل اميدوارن ڏي آفر آرڊر موڪليا وڃن ته آساني ٿيندي، پوء سڀ اميدوار پنھنجي پسند جي شعبي ۽ ويجھي ضلعي جو آفر آرڊر قبول ڪندا جيئن ئي ھنن جي ويب پورٽل تي مختلف کاتن جا آفر آرڊر پينڊنگ ۾ اچي ويندا ته ھي انھن کي لسٽ ۾ ڏسي سگھندا، جيڪو به آفر آرڊر کي لاڪ ڪندو اھو آفر آرڊر انھي اميدوار جي ويب پورٽل اڪائونٽ ۾ فڪس ٿي ويندو ۽ اميدوار جو ميسج کاتي تائين پھچي ويندو. اھڙي طرح سان ٽاپ ٽو باٽم جو سسٽم به ازخود ڪم ڪندو. مثال جيڪو 45 مارڪن وارو آفر آرڊر کي رجيڪٽ ڪندو ته آفر آرڊر 44 مارڪن واري ڏي پاڻ ئي شفٽ ٿي ويندو ۽ جيڪڏھن 44 مارڪن وارا به آفر آرڊر کي قبول نه ڪندا ته اھو آرڊر 43 مارڪن ڏي ھليو ويندو پوء نه ئي ڪنھن سرٽيفيڪٽ جو چڪر ۽ نه وري انٽرويو جو رولو بس صرف ويب پورٽل تي اھو واضع ٿيل ھجي ته ڪنھن ڏينھن ۽ ڪھڙي کاتي ۾ ڪيترا آفر آرڊر قبول ٿيا ۽ ڪيترين مارڪن تائين ڀرتيون مڪمل ٿي چڪيون آھن انھي سان گڏ ويٽنگ ۽ پوسٽ حاصل ڪندڙ جو تعداد ۽ سيڪڙو به ويب پورٽل جي ڊيش بورڊ تي ظاھر ۽ اپڊيٽ ڪيو وڃي.
نويد خان سومرو
ضلعي سجاول جي يوسي مراد پور جي ڳوٺن کي بنيادي سهولتون ڏيو!
تعلقي ۽ ضلعي سجاول جي يونين ڪائونسل مراد پور جي ڳوٺن ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه، ڳوٺ محمد ملاح، ڳوٺ اسحاق ملاح، ڳوٺ محمد صديق اوٺار سميت ڪافي ڳوٺَ بنيادي سهولتن کان محروم آهن. هنن سمورن ڳوٺن کي پڪو رستو نه هجڻ ڪري برسات وقت ڳوٺن جو شهرن سان رابطو ڪٽجي ٿو وڃي. حالت اهڙي آهي جو ايمرجنسي ۾ ڪنهن مريض کي اسپتال تائين به نٿو پهچائي سگهجي. خدانخواسته اگر ڪا فوتگي ٿي وڃي ته لاش کي به ٽي کان چار فُٽَ پاڻي مان کڻڻو پئجي ٿو وڃي. ان کان علاوهه يونين ڪائونسل مراد پور جا سمورا ڳوٺ بجلي جهڙي سهولت کان به محروم آهن. هتي قادري فش فارم ٻه ڪلوميٽر جي فاصلي تي بجلي موجود آهي پر اسان جي ڳوٺن کي ميسر ڪونهي. ڳوٺن کي سم نالي جي سهولت نه هجڻ ڪري ڪافي ڳوٺ برساتي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي وڃن ٿا، جنهن سبب ڳوٺاڻن جا ڪچا گهر ۽ فصل تباهه ٿي وڃن ٿا. خدارا يونين ڪائونسل مراد پور جي ڳوٺن کي صحت مرڪز ڏنو وڃي ۽ سمورن بنيادي مسئلن تي ڌيان ڏئي فورن حل ڪيا وڃن.
علي رضا شاهه