پنهنجن جون چٺيون

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ نشونما جون سهولتون

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاڪستان جي غريب عوام لاءِ هڪ اهم امدادي سهولت آهي، جنهن جو مقصد عورتن ۽ ٻارن جي مدد ڪرڻ، خوراڪ، تعليم ۽ صحت جي سهولت ڏيڻ آهي. ان ئي مقصد تحت نشونما پروگرام به آهي. هن پروگرام ۾ ٻار لاءِ هڪ ڪتاب (ڪاپي) ڏني وڃي ٿي، جنهن ۾ ٻار جو نالو، تاريخ، چاڪليٽ، خوراڪ، دوا وغيره جو احوال ايندڙ قسط جي تاريخ لکيل هوندي آهي. هر 3 مهيني تي نئين تاريخ سان قسط ملي ٿي. اهو طريقو غريب مائرن لاءِ وڏي سهولت بڻجي ويو آهي، ڇو ته قسط وقت تي ملي ٿي، ۽ بغير پريشان ٿيڻ جي عورتون امداد حاصل ڪري سگهن ٿيون. اسان جي صلاح آهي ته تعلقي وائيز هڪ سينٽر مقرر ڪيو وڃي روزانو گهٽ ۾ گهٽ 500 عورتن کي قسط ڏني وڃي. هر عورت کي پنهنجي نالي واري ڪاپي سان سڏيو وڃي. پيسا رڳو بينظير آفيس مان ڏنا وڃن ٻي ڪنهن جاءِ تان نه جيئن فراڊ کان بچاءُ ٿئي. اهڙي رٿا سان غريب عوام کي سڪون، سهولت ۽ وقت جي بچت ملندي، ۽ نظام شفاف ٿي سگهي ٿو.

زاھد حسين الحسيني/ سرھاڙي

ھڪ چٺي تعليم واري صوبائي وزير ڏانھن‎

اسين ڳوٺ ڏڙ درس تعلقو ڏيپلو ضلعو ٿرپارڪر جا رهواسي عرض ڪريون ٿا ته اسان جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول (مين) ۾ 17 جنوري 2025 تي ماستر جي مقرري ٿي، جيڪو ڏيپلي شهر جو رهواسي آهي پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هن اڃا تائين اسڪول تي جوائننگ نه ڪئي آهي. هن خلاف اڃا تائين ڪوبہ قدم نہ کنيو ويو آهي. سندس غيرحاضري سبب 100 کان وڌيڪ معصوم ٻار تعليم کان محروم آهن، جيڪي روزانو اسڪول اچن ٿا پر استاد جي غير موجودگي سبب مايوس ٿي واپس وڃن ٿا. اسان کي خدشو آهي ته کيس سياسي پٺڀرائي حاصل آهي، جنهن ڪري تعليم کاتي جا آفيسر به خاموش آهن. اسان مطالبو ڪريون ٿا تہ گوسڙو ماستر کي فوري طور اسڪول تي ڊيوٽي ڪرڻ جو پابند ڪيو وڃي. جيڪڏهن هو حاضر نٿو ٿئي ته سندس جاءِ تي ٻيو ايماندار استاد مقرر ڪيو وڃي.

محمد اسلم درس/ ڳوٺ ڏڙ، ٿرپارڪر

ڪارو جادو — سماجي ناسور

ڪارو جادو جنهن کي وھمي عمل يا  نفسياتي فريب به چيو وڃي ٿو، صدين کان وٺي انساني ذهن کي خوف ۽ وهم جي زنجيرن ۾ جڪڙيندو رهيو آهي. خاص طور سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اڄ به ڪارو جادو هڪ عام پر خطري واري عمل طور موجود آهي، جتي ماڻهو پنهنجي دشمني، حسد يا ذاتي فائدي لاءِ بيگناهن تي سحر ڪرائين ٿا. ڪارو جادو، نه رڳو فرد جي ذهني، جسماني ۽ روحاني برباديءَ جو سبب بڻجي ٿو پر پوري سماج ۾ خوف، بيچيني، بدگماني ۽ بي يقيني پيدا ڪري ٿو. ماڻهو علاج ڪرائڻ بدران عاملن، جعلي پيرن ۽ ڌوڪيبازن وٽ وڃن ٿا، جتي سندن مالي، اخلاقي ۽ نفسياتي استحصال ٿئي ٿو. ان سان نه صرف شخصي آزادي متاثر ٿئي ٿي، پر سماجي هم آهنگي به خطري ۾ پئجي وڃي ٿي. حڪومت کي گھرجي ت اھڙن جعلي پيرن ڀوپن ۽ فراڊ ڪندڙن جادوگرن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري ڇو ت اھي جھالت کي ھٿي ڏين ٿا ۽ سماج کي تباھ ڪن ٿا.

دريا خان بلوچ/ دادو

ٿولهه ۽ معلوماتي ٿولهه Obesity and Infobsity

ٿولهه (Obesity) جو مطلب آهي جسم ۾ وزن جو ضرورت کان وڌيڪ وڌي وڃڻ، جنهن سبب جسماني فٽنيس متاثر ٿي ويندي آهي ۽ پيٽ وڏو نظر ايندو آهي. ان جي ابتڙ، معلوماتي موٽاپو (Infobsity) جو مطلب آهي غيرضروري معلومات تمام گهڻي مقدار ۾ حاصل ڪرڻ، جيڪا ذهن کي پريشان ڪري ٿي ۽ ڌيان ڏيڻ جي صلاحيت کي گهٽائي ٿي. اڄڪلهه ماڻهو موبائيل فونن تي ريلز، ٽڪ ٽاڪ ۽ ٻين تفريحي پليٽ فارمن کي گهڻو وقت ڏين ٿا. اهو رڳو وقت جو ضايع ڪرڻ ناهي پر ذهني ۽ جسماني صحت لاءِ به نقصانڪار آهي. موجوده دور ۾ ٿولهه ۽ معلوماتي ٿولهه ٻه وڏا چيلينج بڻجي چڪا آهن، جيڪي ماڻهن جي صحت، ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ۽ سُک شانتي تي منفي اثر ڇڏين ٿا. جيڪڏهن انهن ٻنهي مسئلن کي روڪيو نه ويو ته مستقبل ۾ سماجي ۽ ذهني مسئلا وڌيڪ وڌي سگهن ٿا. ٿولهه کان بچڻ لاءِ روزانو جسماني مشق ڪرڻ ۽ مناسب مقدار ۾ متوازن خوراڪ کائڻ ضروري آهي. معلوماتي ٿولهه  کان بچڻ لاءِ موبائيل جو غير ضروري استعمال گهٽايو وڃي ڪتاب پڙهيا وڃن، نيون صلاحيتون سکيون وڃن.

سينگار علي وساڻ/خيرپورميرس