پنهنجن جون چٺيون

شڪارپور کي هر قسم جي قبضا مافيا کان بچايو

شڪارپور شهر اڄ ڪلھ قبضه مافيا، منشيات فروش مافيا ۽ ڦرون ڪرڻ وارن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي گهيري ۾ آهي جو اهي وڏي سياسي طاقت پيا رکن ۽ بدقسمتي سان حڪمران ڌر سان تعلق پيا رکن. جنهن جو اثر اهو آھي جو تپيدارن، مختيارڪارن ۽ ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي ملي ڀڳت سان سرڪاري ملڪيت پهنجي بابي ڏاڏي جي ميراث سمجهيون ڪوڙيون داخلائون رکي پيا کپائيندا وڃن. جو هنن کي پڪ آهي ته رياست پاڪستان انهن کي پئي استعمال ڪندي پنهنجي ڪارسرڪار کي پنهنجي مرضي مطابق هلائڻ لاء ۽ بدلي ۾ هو هنن خلاف ڪڏهن ڪو ايڪشن نه کڻندي. سو اسان جي شهر شڪارپور جي ستر سيڪڙو سرڪاري ملڪيت وئي کپي نه سم جون انگريزسرڪار جون کوٽايل کڏون بچيون آهن ۽ نه ئي ڪو سرڪاري پلاٽ ئي واندو پيل آهي. ساڻ شهر جا قبرستان جن ۾ حاجي لطيف شاه جيلاني، چڻنگي مقام، الف شاهه شهيد، علي شاهه پير ۽ منڇر شاهه وغيره سڀ وڪامي ويا آهن. هاڻي عوام لاء صاف سٿري ساهه کڻڻ لاء هوا به ناهي بچي اها به انساني گند جي تعفن سان زهريلي ٿي وئي آهي جنهن سبب ساه جون بيماريون عام جام هن. اسان جي تمام اختيارين بشمول فيلڊ مارشل کي استدعا آهي ته خدارا قوم جي واهر ڪيو ۽ قوم جي نمائندگي جي نالي تي قومي ڏوهارين جو احتساب ڪيو.

استاد جاويد احمد هڪڙو/ شڪارپور

هڪ خط سنڌ اسيمبلي جي چونڊيل نمائندن ڏانهن!

سنڌ اسيمبلي جي چونڊيل سڀني نمائندن کي عرض ٿو ڪجي ته صدين کان رهندڙ ٻهراڙيءَ جي غريب عوام لاءِ به ٿورو سوچيو. ڇاڪاڻ ته سنڌ جا ٻهراڙيءَ جا اڪثر علائقا بنيادي سڀني سهولتن کان محروم بڻيل آهن. ٻھراڙي ۾ تعليم به تباهه لڳي پئي آهي. ڪٿي اسڪول جي عمارت ڪونهي ته ڪٿي وري استادن جي کوٽ. فرنيچر، ليبارٽري، لائبريري، راندين جي ميدان سميت هر سهولت اڻلڀ نظر ايندي. ٻهراڙين جي ماڻهن کي صحت جي ڪا به سهولت مليل نظر ئي نه ايندي. سنڌ جا اسڪولَ توڙي اسپتالون نڌڻڪا ۽ لاوارث نظر ايندا. سنڌ ڪابينا جا  سمورا ميمبر وري اها دعويٰ ڪندي نظر ايندا ته اسان سنڌ کي پئرس بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌ جي روڊن رستن جي ڳالھ ڪجي ته ٻهراڙي جا روڊ رستا اڪثر ڀڳل ٽٽل زبون حالي جو شڪار نظر ايندا. اڄ به اسان جي ضلعي سجاول جي يونين ڪائونسل مراد جا  ڳوٺَ سيد آگيڏنو شاهه، ڳوٺ صديق اوٺار ۽ ڳوٺ اسحاق ملاح سميت يوسي جا سمورا ڳوٺ پڪي رستي سميت زندگي گذارڻ جي هر سهولت کان محروم آهن. وقت جي سمورن حڪمرانن کي گهرجي ته سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ڏانهن ٿورو ڌيان ڏين.

سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو

سرن جي بٺن مان نڪرندڙ زھريلو ڌونهون انساني زندگيءَ لاءِ خطرو

شهيد بينظير آباد ضلعي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بي ڌياني، لاپرواهي ۽ غير ذميوار رويي سبب ماحولياتي آلودگي سنگين صورتحال اختيار ڪري چڪي آهي. سڪرنڊ، دولتپور، شاهپور جهانيان، مجيد ڪيريو، ٻانڌي، صابو راهو، قاضي احمد، جمال شاهه ۽ ٻين ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وڏي تعداد ۾ قائم سرن جا بٺا هن وقت انساني صحت لاءِ موت جو پيغام بڻجي ويا آهن. سرن جي انهن بٺن تي نه رڳو ڪاٽن فيڪٽرين مان نڪرندڙ ڪن ساڙيا وڃن ٿا، پر ڪراچي سميت ٻين وڏن شهرن جي اسپتالن مان آيل زھريلو فاضل مواد، استعمال ٿيل رت وارا ڪپڙا، پلاسٽڪ شاپر، سرنجون ۽ گند جا ڍير به ساڙيا وڃن ٿا. نتيجي طور، فضا ۾ زھريلو دونهون، بدبو ۽ خطرناڪ گيسون خارج ٿين ٿيون، جيڪي سڌو انساني صحت تي اثرانداز ٿي رهيون آهن. اچو ته ان مسئلي تي صرف ڳالهيون نه ڪريون پر عمل سان ثابتي ڏيون ته اسان زنده قوم آهيون بي حس نه.

راج ڪمار اوڏ/ سڪرنڊ

مذاق ڪچهري‎

سنڌ حڪومت طرفان سالياني ڪارڪردگي معلوم ڪرڻ بابت سڄي صوبي ۾ کليل ڪچهريون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن لاء مختلف وزيرن ۽ مشيرن کي عوام ۾ موڪليو ويو. ۔اهڙين ڪچهرين مان سجاول ۽ گهوٽڪي ۾ ٿيل ڪچهرين سماجي ميڊيا ۾ وڏي پذيرائي حاصل ڪئي آهي. سجاول ۾ هڪ پيرسن پاران پنهنجي زمين تي قبضي بابت سوال ڪرڻ تي اڻ ڄاتل غنڊن، سرعام وزيرن، ڊي سي ۽ ايس پي سامهون کيس سخت تشدد جو نشانو بنايو. گهوٽڪي ۾ عام ماڻهن دانهون ڪيون ته مائيڪ سرڪاري ملازمن بجاءِ عوام کي ڏني وڃي جيئن اهي سوال ڪري سگهن پر سرڪاري نوڪرن عوام جي سوالن کان ڊڄي مائيڪ مان هٿ نه ڪڍيا. هڪ هنڌ ته سوال ڪندڙ کي اهو به چيو ويو ته تون اٺن قبيلن جي سردار کان سوال ڪرڻ جي جرئت ڪئين ٿو ڪرين! هي ته وڏو مذاق آهي عوام سان، اهو عوام جنهن کي طاقت جو سرچشمو هجڻ جي ستي پياري سمهاريو ويو آهي.

شفيق احمد ڪانڌڙو/نصيرآباد