سنڌ ۾ 17 سالن جي حڪومت ۽ پنجاب جي ڏيڍ سال جي مريم سرڪار
پنجاب ۾ مريم نواز سرڪار اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ مختصر عرصي ۾ اهم ۽ عملي قدم کنيا آهن، جن جو اثر عام ماڻهن تي پوي ٿو. معيشت ۽ روزگار لاءِ آءِ ٽي سٽي منصوبو شروع ڪيو ويو. زراعت کي سهارو ڏيڻ لاءِ ڪسان ڪارڊ ۽ گرين ٽريڪٽر اسڪيم متعارف ڪرايون ويون. سماجي فلاح جي شعبي ۾ رمضان نگهبان پيڪيج، همت ڪارڊ ۽ ڌيءَ راڻي پروگرام ذريعي غريب ۽ ڪمزور طبقي کي سڌي مدد مهيا ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي، سنڌ ۾ گذريل ڪيترن سالن کان ساڳي حڪومت هئڻ باوجود عملي ڪارڪردگي تي سنجيده سوال موجود آهن. هزارين اسڪول بند آهن يا غير فعال آهن. صحت جا بنيادي مسئلا اڃا برقرار آهن. اسپتالون موجود آهن پر دوائون، عملي ۽ سهولتن جي کوٽ سبب عام ماڻهو نجي اسپتالن ڏانهن وڃڻ تي مجبور آهن. صفائي، پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ نيڪال جا مسئلا شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سنجيده آهن. ٿر ۽ ٻيا ڏورانهن علائقا اڃا غذائي کوٽ ۽ ٻارن جي فوتگين جا شڪار آهن. انفراسٽرڪچر ۽ ٽرانسپورٽ جو نظام ڪمزور آهي. مجموعي طور پنجاب ۾ حڪمراني ۽ ترقيءَ جي سرگرمي واضح آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت اڪثر اعلانن ۽ بيانن تائين محدود محسوس ٿئي ٿي.
مدثر حسين / ڳوٺ باقر خان نظاماڻي
ڦل جا اسڪول زبون حال استادن شاگردن ۾ هر وقت خوف پکڙيل
ڦل گورنمينٽ لوئر هاير سيڪنڊري اسڪول غلام حسين سومرو جي بلڊنگ 1988ع ۾ ٺھي، ڪمرا زبون ٿي ويا آھن. 3 دفعا اسڪول جا چاپڙ ڪريا آهن جنهن ۾ هڪ دفعو 3 شاگرد زخمي پڻ ٿيا ليڪن تعليم کاتي جي مسلسل ڪن لاٽار سبب حادثا وڌي رهيا آهن. اسڪول جي ڪمرن ۾ ڏار پئجي ويا آھن اسڪول م 250 کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم پرائي رهيا آھن جڏهن ته فرنيچر نه هئڻ سبب هڪ سئو کان مٿي شاگرد داخل نه ڪيا ويا ۽ گهڻا شاگرد زمين تي هيٺ ويهي تعليم پرائي رهيا آھن. وزير اعلي سيد مراد علي شاهه، تعليم واري وزير، سيڪريٽري تعليم ۽ ٻين وس وارن کان گھر آهي ته گورنمينٽ پرائمري اسڪول غلام حسين سومرو کي نئين بلڊنگ ڏني وڃي، فرنيچر جي کوٽ ختم ڪئي وڃي ۽ ٻين اسڪولن جي پڻ فوري طور مرمت ڪرائي وڃي.
وفا ولي محمد ڦل \ڦل شهر
فوجي عملدارن کي سزا: بھتر انصاف جي توقع
پاڪستان ۾ فوجي آفيسرن کي سندن غلطين تي سزا ڏيڻ جو عمل تمام گھٽ آھي، ڇوته فوجي قانون موجب فوجي آفيسرن کي فوجي ڪورٽون ئي سزا ڏيڻ جو اختيار رکن ٿيون. ڪورٽ مارشل تحت سزا ڏني ويندي آھي ۽ اپيل ڪرڻ جو پڻ مڪمل حق حاصل آھي، تازو جنرل فيض حميد کي سزا ڏني وئي آهي. پاڪستان جي فوجي عدالت تاريخ ۾ پھريون ڀيرو سابق آئي ايس آئي چيف کي چوڏھن سال سخت قيد جي سزا ٻڌائي آھي. جنرل فيض حميد خلاف چار الزام ثابت ٿيا آھن. جڏھن ته ھڪ يوٽيوبر ميجر ريٽائرڊ عادل راجا کي برطانيه جي عدالت ھڪ سينيئر فوجي تي غلط الزام ھڻڻ جي الزام ۾ 50 ھزار پائونڊ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آھي. فوجي ڪورٽن پاران فوجي آفيسرن کي سزا ڏيئڻ جو عمل يقينن ملڪ جي جمھوريت لاء بھتر ثابت ٿيندو.
نديم علي خواجه/تلھار
ياد بينظير شھيد
شھيد راڻي بينظير ڀٽو جڏهن 18 آڪٽوبر 2007ع تي ڪراچي ايئرپورٽ تي لٿي ته عوام پاران اھڙو ته شاندار استقبال ڪيو ويو جو سڀ پ پ پ جا دشمن حيران پريشان ٿي ويا. پ پ پ جي جيالن ان وقت ٿيل حملي ۾ پنھنجي جانن جا نذرانا ڏئي پنھنجي قائد جي جان بچائي. ان بعد شھيد جمھوريت پوري پاڪستان ۾ تاريخي جلسا ڪرڻ لڳي سندس جلسن ۾ عوامي سمنڊ ڏسي مخالف پيا سڙندا ھئا. انهن دشمنن 27 ڊسمبر تي عوام جي راڻي بينظير ڀٽو کي شهيد ڪري ڇڏيو. ان وقت کان ھن وقت تائين پ پ پ جا جيالا پنھنجي ڀيڻ جي ورسي گڙھي خدابخش ڀٽو ۾ ملھائيندا آھن. ھر سال لکين پاڪستاني گڙھي خدابخش ڀٽو پھچي پنھنجي ڀيڻ سان عھد وفا ۽ وچن ڪندا آھن ھن وقت پوري ملڪ ۾ شھيد راڻي جي 18 ھين ورسيء جون تياريون زور شور سان جاري آھن. ن ليگ وارا پنجاب ۾ پ پ پ جي جيالن کي تنگ ڪري رھيا آھن. پ پ پ قيادت جا پينا فليڪش لاھڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي پ پ پ قيادت ان سڄي صورتحال کي مانيٽر ڪري رھي آھي شھيد راڻي جي ورسي بعد انھن ناجائزين جو ن ليگ وارن کان حساب ڪتاب وٺندا.
عبدالمجيد بروھي