گريجوئيشن ڪئين ڪجي؟
گريجوئيشن زندگي جو اھم مرحلو آھي، گريجوئيشن حاصل ڪرڻ لاءِ محنت، همت ۽ منصوبابندي ضروري آھي. گريجوئيشن شروع ڪرڻ کان اڳ، سڀ کان پهرين پنهنجي دلچسپيءَ جو شعبو چونڊيو. آرٽس، سائنس، ڪامرس يا انفارميشن ٽيڪنالاجي وغيره. ڪنهن سٺي ۽ تسليم ٿيل يونيورسٽي يا ڪاليج ۾ داخلا وٺو. ڪلاسن ۾ باقاعدي حاضري ۽ استاد جي رهنمائي سان مطالعو ڪرڻ ضروري آھي. وقت جي پابندي سکڻ سڀ کان وڏو سبق آھي. هر سيشن جي آخر ۾ امتحان ٿين ٿا، ان لاءِ اڳواٽ تياري شروع ڪريو. اهم نوٽس ٺاهيو، پراڻا سوالناما ڏسو ۽ گروپ اسٽڊي سان موضوعن کي واضع ڪريو. جيڪڏهن ڪنهن مضمون ۾ مشڪل پيش اچي ته استادن يا ڪلاس فيلوز کان مدد وٺو. تعليم سان گڏ اخلاقيات، صبر، ۽ ذهني سڪون به اهم آهن. گريجوئيشن ڪاميابيءَ جو رستو آھي جيڪو مستقبل جي ڪيريئر لاءِ بنياد وجھي ٿو. جيڪو شاگرد محنت، ايمانداري ۽ نظم سان پڙهندو، اهو نه صرف ڊگري حاصل ڪندو پر زندگي ۾ به ڪامياب ٿيندو.
فراز حيدر عمراڻي/ سنڌ زرعي يونورسٽي ٽنڊو جام
افغاني ڀڄايو، ملڪ بچايو
سرد جنگ ،آمريڪا ۽ روس جي وچ ۾ دنيا تي طاقت ۽ حيثيت آهر غلبي لاء ٻنهي ملڪن پنهنجي سرحدن کان پري وڙهي جنهن ۾ آمريڪا جي آشيرواد ۽ سرمائي سان عرب ملڪن خاص طور سعودي عرب افغانستان جي ڌرتي تي جنگ جو بنياد رکرايو، پاڪستان ۽ ايران، افغانستان جا اهڙا پڙيسري آهن جيڪي گذريل پنجيتاليهن سالن کان دنيا جي ٻن وڏن طاقتن وچ ۾ معاشي ۽ لٺ سرداري واري ويڙهه ۾ پنهنجي عوام جو ٻليدان ڏئي رهيا آهن. اسي ۽ نوي جي ڏهاڪي ۾ افغان هن ملڪ جا ڀائر ۽ پاڙيسري ٿي آيا پراسان کي دهشتگردي جي آڙاهه ۾ اڇلائي ويا. هاڻي ضرورت آهي ته انهن کي شاهه لطيف، سچل، سامي ۽ شاهه عنايت جي پاڪ ڌرتي تان بنا دير باڊر پار ڪرايو وڃي.
شفيق احمد ڪانڌڙو/نصيرآباد
شاهه عنايت بخاري لنڪ روڊ تعمير ڪرايو وڃي!!!
درگاھ شاھ عنايت بخاري لنڪ روڊ جيڪو پنجاھ کان مٿي ڳوٺ کي ملائيندڙ مک لنڪ روڊ آھي ھي علائقو پيپلزپارٽي جو ڳڙھ سمجھيو ويندو آھي چونڊيل نمائندا ڪيترن ئي سالن کان ھن علائقي کي نظر انداز ڪندا پيا اچن ھاڻي ته لنڪ روڊ جي حالت انتهائي خراب بڻجي وئي آهي جتي برسات پوڻ سان روڊ عام ٽرئفڪ ۽ سفر ناممڪن بڻجي ويندو آھي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته حڪومت ۽ لاڳاپيل اختيارين کي هن مسئلي تي فوري ڌيان ڏيڻ گهرجي. لنڪ روڊ جي تعمير سان نه رڳو علائقي جا ماڻهو آسانيءَ سان سفر ڪري سگهندا پر علائقي جي معيشت ۾ به مثبت تبديليون اينديون.
اسد زرداري/ سرھاڙي
مستحق عورتن جي وظيفي جي قسط مان ھڪ ھزار کان 1500 تائين سر عام ڪٽوتي
خيرپور ۾ جيئن ئي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط شروع ٿي آھي ته ڊوائيس مافيه ۽ سندن ايجنٽ سرگرم ٿي ويا آھن ۽ غريب مسڪين ۽ مستحق عورتن جي آيل وظيفي واري قسط مان سر عام ھڪ ھزار کان 1500 تائين ڪٽوتي ڪري مستحق عورتن کي ٻنھي ھٿن سان ڦري رھيا آھن پر ڪو به سندن خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار نه آھي. ڊوائيس مافيه ۽ سندن ايجنٽن کي لغام ڏئي سندن خلاف سخت ڪاروائي ڪري مستحق عورتن جي وظيفي مان ڪٽوتي فوري طور بند ڪرائي مستحق عورتن سان انصاف ڪيو وڃي.
وقار مڱريو/ خيرپور
———————————
مواد موڪلڻ لاءِ ميل ڪندا
ميل ايڊريس [email protected]