پنهنجن جون چٺيون

پھريون پاڻي ميلو

حضرت شاھ عبداللطيف پوڻا ٽي سئو سال اڳ پاڻي بابت فرمايو: اڇو پاڻي لڙ ٿيو ڪالوريو ڪنگڪن. ان بيت جي پوئواري  ڪندي 13 ڊسمبرتي ايم ايچ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز پاران پھريون پاڻي ميلو منقعد ڪرايو ويو. ھي تقريب رڳو هڪ تقريب نه، پر هڪ فڪري تحريڪ، اجتماعي سجاڳي ۽ مستقبل لاءِ اميد جو روشن ڏيئو هئي. هي ميلو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان جو سماج هاڻي پاڻيءَ کي صرف وسيلو نه، پر امانت سمجهڻ لڳو آهي. هن ميلي ۾ پاڻي جي کوٽ، موسمي تبديلي، دريائن جي سڪڙجڻ، زميني پاڻي جي گهٽتائي ۽ آلودگي جهڙن سنگين مسئلن کي سائنسي، سماجي ۽ انساني نقطه نظر سان اجاگر ڪيو ويو. وسعت الله خان، ناصر پنھور، نصيرميمڻ ۽ ٻين ميلي کي علمي توڙي فڪري لحاظ کان مالا مال بڻايو. هر سرگرمي ۾ اهو پيغام صاف نظر آيو ته “پاڻي بچايو، زندگي بچايو”. پهريون پاڻي ميلو ان ڪري به ساراهه جوڳو آهي جو هن تقريب ذريعي عام ماڻهوءَ کي به پاڻيءَ بابت سوچڻ، سوال ڪرڻ ۽ ذميواري محسوس ڪرڻ جو موقعو مليو.

منظور ھاليپوٽو/  ٽلٽي

ڪڪڙ‎

ٻين شهرن وانگر ڪڪڙ شھر ۾ به ڪيميڪل زهر مان ٺهندڙ کير جو وڪرو وڏي پئماني تي ٿي رهيو آهي. شهرين جي شڪايتن ۽ احتجاج ڪرڻ کانپوء نوٽس نه ورتو ويو جنهن مان ضلع انتظاميا جي نااهلي ثابت ٿي رهي آهي. ڪيميڪل مان کير مختلف ڳوٺن ۾ تيار ڪري ڊرم ڀري موٽر سائيڪلن ۽ گاڏين تي ڪڪڙ شهر کڻي اچن ٿا ۽ مختلف هوٽلن ۽ دڪانن تي وڪرو ڪن ٿا. جيڪو گهرن ۾ معصوم ٻار ۽ وڏا ماڻهو واپرائي رهيا آهن جڏهن ته انتظاميا نالي ڪا شي موجود ناهي جيڪا زهر جي ڪاروبار کي روڪي ۽ انهن خلاف سخت ڪاروائي ڪري! شهري مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي سگهن ٿا. ڊي سي دادو, اسسٽنٽ ڪمشنر ڪي اين شاھ کي گهرجي ته ڪڪڙ شهر ۾ ڪيميڪل واري کير جو ڪاروبار ڪندڙ ماڻهن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪن.

محمد بخش ملاح/ ڪڪڙ

ڪاڇي جون واٽر سپلاءِ اسڪيمون ۽ آر او پلانٽ بحال ڪريو

پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي ۽ مها ڪرپشن سبب ڪاڇي جي اڪثر ڳوٺن توڙي شهرن ۾ آر او پلانٽ ۽ واٽر سپلاءِ اسڪيمون سالن کان وٺي خراب ۽ ناڪاره بڻيل آهن. ته ڪٿي وري ڀوتارن سرڪاري اسڪيم کي پنهنجي ذاتي جاگير سمجهي سندن قبضي هيٺ آڻي سولر پليٽون کپائي ڇڏيون آهن. شڪايتن باوجود پبلڪ هيلٿ ادارو ننڊ مان نه جاڳيو آهي نه ئي وري ڪو قانون حرڪت ۾ آيو آهي جنهن سبب 200 گهرن تي مشتمل ڳوٺ هوت خان شاهاڻي ۾ ڪروڙين روپين جو آر او پلانٽ ناڪاره آهي، مرمتي فنڊ هڙپ ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪجھ ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي ٽنڊورحيم خان ۾ لڳل واٽر سپلاءِ اسڪيم جي پائپ لائن کي ڪهاڙيون هڻي ٽوڙيو ويو آهي. ڳوٺاڻا کارو پاڻي واپرائڻ سان وڏي عمر جا ماڻهو توڙي ٻارڙا بيمار ٿي پيا آهن ۽ چوپايو مال پڻ مري رهيو آهي جنهن سبب لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي. ڇِني شهر جي واٽر سپلاءِ اسڪيم يارنهن سالن کان بي لاڀ بڻيل آهي. آر او پلانٽ جون سولر پلٽون بااثر وڏيري وڪڻي ڇڏيون آهن. 

مزمل شاھاڻي/ ڇِني ڪاڇو

ڄاڻ جو سمنڊ ۽ ڀٽڪيل نوجوان

اڄ اسان اهڙي دور ۾ جي رهيا آهيون جتي سائنس جي جديد ايجادن دنيا کي ملائي هڪ ننڍڙو ڳوٺ ته بڻائي ڇڏيو آهي پر ان سان گڏ ڄاڻ جي سمنڊ ۾ ڌڪو ڏئي ڇڏيو آهي جتي ڪنهن مقصد جو ڪنارو يا ٻيٽ نظر ئي نه ٿو اچي. جن کي اهو مقصد جو ڪنارو يا ٻيٽ ملي ويو آهي يا ان جي تلاش ۾ آهن انهن کي دنيا سائنسدان، انجنيئر، ڊاڪٽر، اسڪالر ۽ ٻين ڪيترن ئي جديد علمن جي ماهر طور ڄاڻي ٿي. پر جيڪي ڄاڻ جي انهيءَ سمنڊ ۾ هٿوراڙيون هڻي رهيا آهن بي مقصد تري رهيا آهن آخرڪار اهي ختم ٿي ويندا غائب ٿي ويندا.  گوگل، چيٽ جي پي ٽي، يوٽيوب جي وسيع معلومات جي ڪري اڪثر نوجوان منجهي پوندا آهن. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڪهڙي ڄاڻ؟ اها ڄاڻ جيڪا ڪنهن شعبي سان لاڳاپيل هجي، هر طبقي جو فرد پنهنجي شعبي سان سلهاڙيل علم پڙهندو ۽ پرکيندو ته هن سماج، ملڪ ۽ قوم جي لاءِ ڪارآمد ٿي سگهندو.

زبير ٻگهيو

زراعت کاتي سنڌ ڏانهن هڪ چٺي

ڊائريڪٽوريٽ ڪراپ رپورٽنگ سروس سنڌ طرفان هڪ اشتهار ڇپيو آهي جنهن ۾ ڪراپ رپوٽر(BPS-11 ) جون 186 سيٽون آيل هيون جنهن ۾ تعليمي لياقت انٽرميڊيئٽ + فيلڊ اسسٽنٽ جو ڪورس ٿيل هجي ڪنهن به ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ مان. مون سميت هزارين شاگرد درخواستون حيدرآباد آفيس جمع ڪرائڻ لاء پهتا تہ اداري وارا چون ٿا ته جن جي ایس ٽي ايس ٽيسٽ پاس آهن اهي وڃي آن لائن اپلاءِ ڪن سنڌ جاب پورٽل تي جڏهن ته اشتھار ۾ ڪٿي به اهو نه لکيل آهي ته درخواست صرف اهي شاگرد ڏئي سگهن ٿا جن جي ايس ٽي ايس طرفان ورتل انٽرميڊيئٽ ۽ گريجوئيشن ڪيٽگري ٽيسٽ پاس ڪئي آهي. صوبائي وزير زراعت، سيڪريٽري زراعت سنڌ، ڊائريڪٽر جنرل ايگريڪلچرل سنڌ، ڊائريڪٽر ڪراپ رپورٽنگ سروس سنڌ نوٽيس وٺي شاگردن سان انصاف ڪري شاگردن کان درخواستون وصول ڪرائن ته جيئن قابل نوجوان پنهنجا فارم جمع ڪرائن ۽ هن بهترين موقعي مان فائدو حاصل ڪن ته جيئن روزگار سان لڳن.

عرض محمد/ ڪراچي