خبریں آپ کے لئے!

چاہتے ہیں جدید معلومات؟

ہمارا مقصد آپ کو تازہ ترین خبریں اور معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ کو اہم موضوعات پر جامع تجزیات اور بصیرت ملیں گے۔ آئے، اور اپنی معلومات کو بڑھائیں، ہم ہمیشہ آپ کی خدمت میں ہیں۔

مضامین کی فہرست

ہمارا مقصد آپ کو diverse موضوعات پر قیمتی معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ مختلف اہم موضوعات پر لکھے گئے مضامین کو تلاش کر سکتے ہیں، جو کہ آپ کی معلومات میں اضافہ کریں گے۔

اہم موضوعات

یہاں آپ کو اہم خبروں اور تجزیوں کا مجموعہ ملے گا، جو آپ کی روزمرہ کی زندگی اور معلوماتی ضروریات کے لئے مفید ہوگا۔ ہماری تمام تحریریں سادہ اور آسان زبان میں پیش کی گئی ہیں۔

ہماری تازہ ترین معلومات کے لئے سبسکرائب کریں

ہماری ویب سائٹ پر آپ کو تازہ ترین خبریں اور دلچسپ مضامین ملیں گے۔ ہمیں یقین ہے کہ آپ کو ہماری معلومات فائدہ مند لگیں گی۔ اس لئے، براہ کرم سبسکرائب کریں تاکہ آپ ہماری تازہ ترین اپ ڈیٹس سے باخبر رہ سکیں۔

ہمارے قارئین

عمومی سوالات

آپ کے عمومی سوالات کے جوابات یہاں موجود ہیں۔
کیا میں ویب سائٹ پر مواد شائع کرسکتا ہوں؟

ہماری ویب سائٹ پر موجود معلومات آپ کے علم میں اضافہ کرنے کے لئے اہم ہیں۔ ہم ہر سوال کا جواب دینے کی کوشش کر رہے ہیں۔ اگر آپ کو مزید مدد کی ضرورت ہو تو بلا جھجھک ہم سے رابطہ کریں۔

سوالات کے جواب آپ کی رہنمائی کے لئے مختص ہیں۔ ہماری کوشش ہے کہ آپ کو جلدی اور صحیح جواب فراہم کریں تاکہ آپ کے خدشات دور ہو سکیں۔

ہمارا ہدف اپنے قارئین کو معلومات فراہم کرنا اور ان کی تشفی کرنا ہے۔ اگر کوئی سوال یا تجویز ہو تو آپ ہمیں بتا سکتے ہیں۔

ہمیں امید ہے کہ آپ کو یہاں دستیاب معلومات مفید لگیں گی۔ آپ کی رائے اہم ہے اور ہم اسے خوش دلی سے قبول کریں گے۔

اگر آپ کو مزید وضاحت یا معلومات چاہیے تو ہمارے مضامین کو دیکھیں۔ ہم مفید اور واضح معلومات فراہم کرنے کا عزم رکھتے ہیں۔

آپ کی خبریں کہاں سے لیکر آتی ہیں؟

ہماری ویب سائٹ پر آپ کے سوالات کے جوابات دینے کے لئے ایک پریس سیکشن بھی ہے جہاں آپ اپنے سوالات پیش کرسکتے ہیں۔

اگر آپ کو مزید سوالات ہیں تو آپ ہمارے روابط سے ہم سے رابطہ کرسکتے ہیں۔ ہم آپ کی خدمت میں ہازر ہیں۔

ہماری معلومات ہمیشہ موجود رہیں گی۔ برائے مہربانی بار بار وزٹ کریں اور نئے سوالات بھیجیں!

ہم آپ کے سوالات کا خیر مقدم کرتے ہیں۔ آپ کی تشویشات اور مشورے ہماری رہنمائی کریں گے۔

مزید معلومات اور سوالات کے لئے ہمیشہ ہماری مدد لائین تک رسائی حاصل کریں۔ ہم آپ کی مدد کے لئے حاضر ہیں۔

پنهنجن جون چٺيون

آئين ۾ روز روز چتيون (ترميمون) ڇو؟‎

1973ع جو آئين پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان متفقه، جامع ۽ جمهوري دستاويز آهي، جيڪو قومي اتحاد، وفاقي ڍانچي، پارلياماني بالادستي ۽ بنيادي حقن جي ضمانت ڏئي ٿو. هي آئين عوام ۽ رياست جي وچ ۾ هڪ سماجي معاهدو هو، پر بدقسمتي سان پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ هن مقدس دستاويز کي بار بار طاقت جي راند جو شڪار بڻايو ويو. آئين ۾ ڪيل ترميمون اصولي طور وقت جي ضرورتن مطابق هجڻ گهرجن ٿيون، پر گهڻين ترميمن جو مقصد جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ بدران حڪمرانن جي اقتدار کي تحفظ ڏيڻ رهيو. آئين کي آمرن پنهنجي خواهشن موجب موڙيو. جنرل ضياءُ الحق اٺين ترميم وسيلي صدارتي اختيار وڌايا ۽ پارليامينٽ کي ڪمزور ڪيو. جنرل پرويز مشرف سترهين ترميم ذريعي ساڳي روايت کي جاري رکيو. انهيءَ پس منظر ۾ 18هين ترميم هڪ اميد جو ڪرڻو بڻجي سامهون آئي، جنهن وفاقيت، صوبائي خودمختياري ۽ پارلياماني نظام کي سگهارو ڪيو. پر تازين 26هين ۽ 27هين ترميمن تي ٿيندڙ شديد سياسي ۽ عدالتي تڪرار اهو ظاهر ڪن ٿا ته آئين اڃا تائين طاقتور ادارن جي ڇڪتاڻ جو ميدان بڻيل آهي. چئي سگهجي ٿو ته پاڪستان جو اصل بحران آئين جي کوٽ نه، پر آئين جي حرمت ۽ بالادستيءَ تي ايماندار عملدرآمد جي کوٽ آهي. جيستائين آئين کي حڪمرانن کان مٿانهون نه رکيو ويندو، تيستائين جمهوري استحڪام صرف هڪ خواهش ئي رهندو.

مدثر حسين/ ڳوٺ باقر خان نظاماڻي

مذھبن جو احترام ھر انسان تي لازم آھي

ھندستان جي صوبي بھار جي موجودا انتھاپسند ۽ بنيادپرست وزيراعليٰ نتيش ڪمار طرفان ھڪ مسلمان عورت جي مٿي تي پاتل حجاب زبردستي ڇڪي لاھڻ انتھائي ڪريل قدم آھي، جنھن جي جيتري به مذمت ڪجي گھٽ آھي. جيتوڻيڪ ھندستان جو آئين مڪمل سيڪيولر بنيادن تي ٺاھيل آھي، اھڙي آئين ھوندي مذھب جي آڙ ۾ بدمعاشي يا پنھنجي انتھاپسند ويچارن ۽ خيالن کي ٻئي ڪنھن مذھب جي انسان تي زوريءَ مڙھڻ، عالمي انساني حقن جي قانون جي کليل ڀڃڪڙي آهي. جيتوڻيڪ نتيش ڪمار جي اھڙي ڪريل حرڪت تي پوري ھندستان جي روشن خيال، سيڪيولر سوچ جي حامي فردن، گروپن ۽ پارٽين سخت ننديو آھي ۽ سماج وادي پارٽي جي عورت اڳواڻ سميا راڻا سندس خلاف لکنئو جي عدالت ۾ ڪيس به داخل ڪرايو آھي ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل انڊيا طرفان سخت مذمت به ڪئي وئي آھي. پر اھڙي ماڻھوءَ کي ڪنھن بہ عوامي عھدي لاءِ نااهل ڪري ھڪدم وڏ وزارت جھڙي اھم ڪرسيءَ تان ھٽائي گرفتار ڪيو وڃي.

ڊاڪٽر سريش ھوتچنداڻي/ لاڙڪاڻو

اڄ جي عورت لاء پيغام

اڄڪلھ جي عورت لاءِ سڀ کان وڏو پيغام اھو آھي ته پاڻ تي ڀروسو ڪر، پاڻ کي سڃاڻ، پاڻ کي سمجهه ڇو ته جيڪا عورت پاڻ سان سچي رھي ٿي سا ئي دنيا جي آڏو مضبوط ٿي بيهي ٿي. عورت کي گهرجي ته تعليم کي پنهنجو هٿيار بڻائي پاڻ ۾ شعور پيدا ڪري پنهنجن حقن کان واقف ٿئي انهن جي تحفظ لاءِ پاڻ ئي قدم کڻي ڇو ته سماج ۾ پنهنجو وجود تڏهن ئي ٺاهي سگهجي ٿو جڏهن پاڻ پنهنجي اهميت کي مڃائجي. عورت رڳو گهر جي چار ديواري تائين محدود نه آهي هوءَ استاد به بڻجي سگهي ٿي، ليڊر به، شاعر به، ڊاڪٽر به. هوءَ چاهي ته آسمان کي ڇهي سگهي ٿي پر ان لاءِ ضروري آهي ته عورت پاڻ لاءِ به جيئي، پنهنجي خوابن کي به اهميت ڏئي. سماج سدائين عورت کي روڪيندو رهيو آھي پر هاڻ عورتن کي پاڻ لاءِ وڙهڻو پوندو ڇو ته جيڪا عورت پاڻ لاءِ بيهندي آھي سا ئي ٻين لاءِ به رستو بڻجندي آھي. جيڪا عورت هار ناھي مڃيندي سا ئي اڳتي وڌي دنيا کي ڏيکاري سگهي ٿي ته هوءَ رڳو رن نه پر هڪ مڪمل شخصيت آھي ان ڪري عورت جي اڳڀرائي رڳو سندس حق ناھي پر ھڪ سماج جي ترقي جي ضمانت آھي.

رخسانه شفيع سومرو

پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي: اميدون ۽ خدشا

اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پاليسي ريٽ کي 11 سيڪڙو مان گهٽائي 10.5 سيڪڙو ڪيو آهي. هي فيصلو اهڙي وقت ڪيو ويو آهي، جڏهن ملڪ جي معيشت سست رفتاري جو شڪار آهي ۽ ڪاروباري سرگرميون گهڻي وقت کان دٻاءَ هيٺ آهن. اسٽيٽ بينڪ جو موقف آهي ته مهانگائي هاڻي ڪنٽرول ۾ آهي ۽ ايندڙ مهينن ۾ به ان ۾ وڏي واڌ جو امڪان نظر نٿو اچي. ان ڪري وياج جي شرح ۾ ٿوري گهٽتائي سان معاشي سرگرمين کي هٿي ملي سگهي ٿي. پاڪستان ۾ گذريل ڪجهه سالن دوران وياج وڌيڪ هجڻ سبب نجي سيڙپڪاري گهٽ رهي آهي. ننڍا ۽ وچولا ڪاروبار خاص طور تي متاثر ٿيا آهن ڇاڪاڻ تہ مهانگا قرض کين اڳتي وڌڻ کان روڪيندا آهن. پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان اميد آهي ته ڪاروباري اعتماد بحال ٿيندو ۽ روزگار جا موقعا وڌندا. تنهن هوندي به ڪجهه خدشا به موجود آهن. عالمي مارڪيٽن ۾ تيل يا کاڌي پيتي جون قيمتون وڌيون يا ڪرنسي تي دٻاءُ آيو ته مهانگائي ٻيهر وڌي سگهي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ سوال اهو آهي ته ڇا 0.5 سيڪڙو جي گهٽتائي ڪافي آهي؟ ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته هي عارضي رليف آهي حڪومت کي اڃا وڌيڪ قدم کڻڻا پوندا.

سينگار علي وساڻ/خيرپورميرس