ڊيپ ورڪ: 21هين صديءَ جي سپر پاور
ڊيپ ورڪ جو مطلب آهي ڪنهن اهم ڪم تي مڪمل ڌيان ڏيڻ جي صلاحيت، روزانو ڊگهي، بي رڪاوٽ سيشنز لاءِ ڪم ڪرڻ- جن جو مجموعو ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ٿي سگهي ٿو- ۽ ان کي مستقل طور تي جاري رکڻ. جڏهن ڪو ماڻهو مستقل طور تي ڊيپ ورڪ ڪري ٿو ته نتيجا حيرت انگيز هوندا آهن. بدقسمتيءَ سان، اڄ جي دور ۾ تمام ٿورو ماڻهو اهڙي صلاحيت رکي ٿو. انهيءَ ڪري ڊيپ ورڪ کي موجوده دور ۾ هڪ سپر پاور چيو وڃي ٿو. گهڻا ماڻهو ان جي اصل اهميت ۽ ڊگهي مدت وارن فائدن کان واقف ناهن. جيڪي ماڻهو ڊيپ ورڪ جي اهميت کي سمجهن ٿا ۽ ان تي عمل ڪن ٿا، اهي شاندار ڪاميابي حاصل ڪن ٿا. انهن مان ڪيترن ئي مقابلي جا امتحان پاس ڪيا آهن، پي ايچ ڊي ڪئي آهي، سنجيده ريسرچ ۾ مصروف آهن، ڪامياب ڪاروبار قائم ڪيا آهن ۽ پيشيوارانه زندگيءَ ۾ ڪامياب ٿيا آهن. ڊيپ ورڪ انسان کي ناياب ۽ قيمتي صلاحيتون پيدا ڪرڻ، تخليقيت وڌائڻ ۽ گهٽ وقت ۾ اعليٰ معيار جي ڪم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. ٻئي پاسي، شالو ورڪ به آهي، جيڪو ٿورڙي ڌيان ۽ گهٽ ڊگهي مدت واري اهميت وارو ڪم آهي. بدقسمتيءَ سان، اڄ جي دور ۾ شالو ورڪ تمام گهڻو آهي.
سينگار علي وساڻ/خيرپورميرس
جج به جعلي ڊگري تي لڳي سگهي ٿو!
اسان جو ملڪ هڪ آزاد ملڪ آهي ان جو اهو مطلب هر گز ناهي ته اسان ڪرپٽ به آزاد طريقي سان ٿيندا وڃون! يار ڪجھه ته لحاظ به هجي ڪجھه ته سزا به هجي. بلوچستان جو اڳوڻو وڏو وزير چوندو هو ته ڊگري ڊگري هوندي آهي پوء اصلي هجي يا نقلي. اسان جي ملڪ جي هر اداري جي آفيسرن کان وٺي چوڪيدارن تائين جون ڊگريون چيڪ ڪجن ته اڌ ماڻهو ضرور گهر ڀيڙا ٿي ويندا. تازو هڪ جج جسٽس طارق جهانگيري جي ڊگري کي جعلي قرار ڏئي نوڪري تان فارغ ڪيو ويو آهي هاڻ اندازو لڳايو جنهن ملڪ ۾ انصاف ڏيندڙ جون ئي ڊگريون جعلي ٿي سگهن ٿيون ته عام ماڻهو جون ڊگريون ڪيتري حد تائين جعلي هونديون! ملڪ ۾ ڪرپشن خلاف ڪيتريون ئي ڪارروايون ٿيون ۽ انهن ڪارواين ۾ نيب ۽ اينٽي ڪرپشن جهڙن ادارن حصو ورتو پر نتيجو ٻڙي ئي نڪتو. اسان مطالبو ڪريون ته ڪنهن کان ڪريون؟ اميد ٿا ڪريون ته جعلي ڊگرين خلاف هڪ ڪاميٽي جوڙي وڃي جيڪا پوري ملڪ ۾ جعلي ڊگرين خلاف گڏيل آپريشن ڪري ته جيئن اسان جي ملڪ جو وقار بلند ٿئي.
دليپ آزاد/ عمرڪوٽ
مارڪيٽ جي هر شي مهانگي، غريب آبادگارن جا فصل نيلام
اڄ جو دور مهانگائي جو دور بڻجي چڪو آهي، جتي مارڪيٽ جي هر شيءِ غريب ماڻهوءَ جي پهچ کان ٻاهر نڪري وئي آهي. اٽو، چانور، کنڊ، تيل، ڀاڻ، ٻج ۽ دوائون- سڀ ڪجهه اهڙو مهانگو ٿي ويو آهي جو عام ماڻهو، خاص ڪري غريب آبادگار، ٻن وقتن جي ماني لاءِ به پريشان آهي. جنهن هٿ سان هو زمين ۾ ٻج وجهي ٿو ساڳيو هٿ خالي رهجي وڃي ٿو. غريب آبادگار سڄو سال محنت ڪري ٿو، گرمي، سياري، برسات ۽ ڏڪار کي منهن ڏئي فصل تيار ڪري ٿو. پر جڏهن فصل لهڻ جو وقت اچي ٿو ته مارڪيٽ جا اگهه اهڙا گهٽ مقرر ڪيا وڃن ٿا جو سندس سڄي محنت نيلام ٿي وڃي ٿي. اهو سوال اڄ هر ڳوٺ، هر ٻني ۽ هر هاريءَ جي زبان تي آهي ته آخر دانهن ڪنهن در ڏجي؟ حڪومت جا اعلان اخبارن تائين محدود ڇو آهن؟ زرعي پاليسيون آبادگار جي حق ۾ ڇو ناهن؟ فصلن جا سرڪاري اگهه ڇو مقرر نٿا ڪيا وڃن يا جيڪڏهن ٿين ٿا ته انهن تي عمل ڇو نٿو ٿئي؟ وچولي ۽ واپاري هميشه فائدي ۾ ۽ آبادگار هميشه نقصان ۾ ڇو رهي ٿو؟ جيستائين غريب آبادگار کي انصاف نٿو ملي، تيستائين مهانگائيءَ جو بار عام ماڻهوءَ تي وڌندو رهندو.
شفقت جروار/ امن آباد
ٿرپارڪر جا روڊ: ترقيءَ جا خواب يا لُٽ مار جو ميدان؟
ٿرپارڪر، جيڪو هميشه پنهنجي سادگي، ثقافت ۽ قدرتي حسن سبب سڃاتو ويندو آهي، اڄ هڪ ٻئي سنگين مسئلي کي منهن ڏئي رهيو آهي. ضلعي جي اهم روڊن تي تعمير ٿيل حفاظتي ديوارون، سائن بورڊ ۽ سپورٽ پيلرز بي رحمي سان ٽوڙيا پيا وڃن، سيمينٽ ٽوڙي اندر لڳل لوهه چوري ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل نظر اچي ٿي. مٺي–نئون ڪوٽ، مٺي–بدين ۽ مٺي–اسلام ڪوٽ (ٿرڪول روڊ) جهڙا اهم روڊ اڄ چورن جي نشاني تي آهن. اهي حفاظتي ديوارون رڳو خوبصورتي لاءِ نه پر مويشي ۽ انساني جانين کي روڊ حادثن کان بچائڻ لاءِ لڳايون ويون هيون. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته نه عوام طرفان انهن جي حفاظت ڪئي وئي ۽ نه ئي ضلعي انتظاميا، روڊز کاتي يا لاڳاپيل عملدارن ڪا سنجيده ذميواري نڀائي.
غلام رحيم جوڻيجو/ موکار