مهانگائي جو عروج ۽ پريشان مسڪين مارو
گذريل ڪجهه سالن کان مهانگائي اهڙي طوفان جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي، جنهن غريب طبقي جي زندگي مفلوج بڻائي ڇڏي آهي. کنڊ، چانهه، کاڌي جو تيل، سبزيون ۽ دالون ۽ هر قسم جو فروٽ هاڻي عام ماڻهوءَ جي پهچ کان ٻاهر ٿيندا پيا وڃن. اجرت ساڳي آهي، پر اگهه روز نوان رڪارڊ قائم ڪري رهيا آهن، جنهن سبب مزدور ۽ غريب ماڻهو ٻن وقتن جي ماني لاءِ به پريشان آهن. مهانگائي جو هي بحران رڳو اتفاق ناهي، پر انتظامي نااهلي، ڪرپشن، ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافع خورن جي ڪري پيدا ٿيو آهي. بازارن ۾ مصنوعي کوٽ پيدا ڪري اگهه وڌايا وڃن ٿا، جڏهن ته حڪومتي اعلان صرف بيانن تائين محدود نظر اچن ٿا. شهرن کان وٺي ڳوٺاڻي علائقن تائين غريب خاندان پنهنجي ٻارن جي خوراڪ گهٽائڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.اڄ غريب جو سادو مطالبو آهي ته کيس صرف زندهه رهڻ جو حق ڏنو وڃي. عياشي نه، پر ٻن وقتن جي ماني، دوائون ۽ بنيادي ضرورتون مهيا ڪيون وڃن.
وفا ولي محمد ڦل /ڦل شهر
وڌندڙ منشيات ۽ بدامني جو راڄ
ضلعي ٺٽي ۾ ايتري جھالت ۽ بدامني وڌندي پئي وڃي جو ماحول ئي خراب ٿي پيو آهي ان جو ڪارڻ آھي آئيس، آفيم، ٺرو، چرس سميت منشيات جو سرعام وڪرو. اهي نشا نہ ھجن تہ پاڻ وٺ ڦرلٽ ڪونه ٿئي، ايڪسيڊنٽ ڪونه ٿين. نشو نه صرف هڪ فرد کي تباهه ڪري ٿو، پر ان جو اثر پوري معاشري تي پوي ٿو. اسان وٽ سيفٽي بلڪل زيرو پرسنٽ آھي اسان ھر جڳه تي محفوظ ناھيون. ڪجهه ڏينھن پھرين ٺٽي مخدوم محلا اندر گھر ۾ گھيرو ڪري گھر واسين کي يرغمال ڪري ڌاڙيلن لکين رپين جو سون، روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا. واپاري پھلاج بينڪ مان چاليھه لک رپيا ڪڍائي نڪتو ته بينڪ ٻاهران جوابدار بينڪ جي سيڪيورٽي جي سامھون پئسا ڦُر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا. خوف ۽ هراس جو عالم اھو آھي ته ماڻھو سج لٿي کان پوء گھرن تائين محدود ٿي وڃن ٿا.
حَقِيقَتَ ھِنَ حالَ جي، ظاھِرُ ڪَريان ذري،
لَڳي ماٺِ مِرُنِ کي، ڏُونگَرَ پَوَنِ ڏَرِي
وَڃَنِ وَڻَ ٻَرِي، اوڀَڙُ اُڀري ڪو نَہ ڪو.
فياض سلام ٻجورو/سجاول ٻيلو
قرض ۽ خودڪشين جو رجحان
اسان جي حڪمرانن کي عالمي ادارن جي قرض ايترو ته قيد ڪري ڇڏيو آھي، جو گھڻي ڪوششن باوجود به اسان جا حڪمران انھي قيد مان آزاد نٿا ٿي سگھن، ۽ نه ئي ھن ملڪ جي قرضي ۽ غريب عوام کي ڪو رليف ڏئي سگھن ٿا، جنھن جو نتيجو ھاڻي خودڪشين جي صورت ۾ اسان جي سامھون اچي رھيو آھي. ڪراچي ۾ ڏيڍ ڪروڙ روپيه قرض ھجڻ سبب اجتماعي خودڪشي جو واقعو پيش آھي. پي ۽ پٽ ڏيڍ ڪروڙ روپيه قرض کان بچڻ لاء پنھنجي گھر جي ٽن عورتن کي جوس ۾ زھر ڏئي ھميشه لاء سمھاري ڇڏيو، جڏھن ته پي ۽ پٽ زھر پيئڻ جي ھمت ڪري نه سگھيا، ۽ موت کان بچي ويا، يقينن اھو ھن رياست ۽ رياست جي حڪمرانن لاء ھڪ وڏو الميو آھي. ھن ملڪ جا غريب ٻار ھوٽلن ۽ دڪانن تي معمولي پگھارن تي مزدوري ڪندا نظر ايندا آھن، ڇوته تعليم انھن جي لاء صرف ھڪ خواب آھي. حڪمرانن وٽ اڃا به وقت آھي ته ھو قرض کڻڻ بدران پنھنجا شاھي خرچ گھٽائي عوام کي مڪمل رليف ڏين ته جيئن خودڪشين جو جيڪو رجحان وڌي رھيو آھي، اھو ختم ٿي سگھي.
نديم علي خواجه/تلھار
ڀوتارڪي سوچ کي للڪاريندڙ سنڌ!
سنڌ جيڪا تاريخ جي ھر دور ۾ روشن خيال روايتن، علم، عقل، فھم، فڪر ۽ تصوف جھڙن خوبصورت تصورن جو اھڃاڻ رھي آھي. انھيءَ روشن خيال سوچ کي سدائين انھن تنگ نظر طبقن، انتهاپسند روين، سميت ڀوتارڪي سوچ جي پيروڪارن تمام گھڻو نقصان پھچايو آھي. در اصل ڀوتارڪي سوچ رڳو ڪنھن مخصوص فردن يا ڪنهن فرد واحد جي رويي نه پر اھا سنڌ جي سماج اندر صدين کان ھڪ اھڙي تنگ نظر، انسان دشمن سوچ آھي جنھن جون پاڙون جھالت جي پاتالن ۾ کتل آهن. سنڌ جي سماج اندر اھا ڀوتارڪي سوچ ھاڻ ھڪ اھڙو ته جھالت تي مشتمل رويو بڻجي چڪو آهي جنھن تي نه ته ڪا ڊگري اثرانداز ٿي سگھي ٿي نه ڪو علم، فھم، فڪر ڪو سڌارو آڻي سگھي ٿو. پر ھاڻ اھو وقت پري نسهر جڏھن سنڌ جي گلي گلي ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ سنڌ جا باشعور نوجوان انھيءَ ڀوتارڪي سوچ کي بنا خوف جي للڪاريندا. ڇاڪاڻ ته علم اھا طاقت آھي جيڪا جھالت، غربت جي خاتمي کان پوءِ ماڻهو کي پنهنجي ذات کان اڳتي وڌي ھر غيرانساني عمل کي نندڻ، ان کي برو چوڻ ۽ للڪارڻ لاء جدوجهد ڪرڻ لاء پڻ همٿائي ٿي.
آفتاب سليمان لغاري