اٽي لٽي اجهي جو نامڪمل خواب ۽ اشرافيه جو اقتدار
ملڪ جي سياسي، سماجي ۽ معاشي تاريخ تي جيڪڏهن ڪنهن غيرجانبدار اک سان نظر وڌي وڃي ته سڀ کان پهرين جيڪي حقيقتون اوچتو پردي تان هٽيل نظر اچن ٿيون، سي اهي آهن ته هن ڌرتيءَ تي اقتدار، محلاتي سازشن، اٽي لٽي اجهي جي دائمي کوٽ ۽ اشرافيه جي گهاڻي جي وچ ۾ هڪ اهڙي ڊگهي چڪر ۾ ڦاٿل رهيو آهي، جنهن ۾ عوام جا حقيقي مسئلا صدين کان قرباني جو مال بڻيا آهن. ملڪ جي سياست جو الميو اهو آهي ته جنهن وقت عوام کي مضبوط ۽ باشعور قيادت جي سڀ کان گهڻي ضرورت هوندي آهي، تڏهن ئي اهڙي قيادت کي منظر تان غائب ڪيو ويندو آهي، يا اهڙن الزامن ۾ الجهايو ويندو آهي جو هو عوام تائين پهچي ئي نه سگهي. ماڻهو ڏسن ٿا ته بجليءَ جا بل آسمان تي، پر حڪمرانن جي رهائشگاهن ۾ روشنين جو چمڪندڙ مينار. عوام ڏسن ٿا ته کين هر قدم تي رشوت، سفارش ۽ ناانصافيءَ سان منهن ڏيڻو پوي ٿو پر طاقتور ماڻهن لاءِ قانون هڪ ڪاغذي لوڏو بڻجي وڃي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ قوم پنهنجو اعتماد وڃائي ويهي ٿي، ماڻهو رياست کي پنهنجي والدين جي بدران سجاڳ دشمن سمجهڻ لڳن ٿا ۽ نوجوان ملڪ ڇڏڻ کي ئي پنهنجي واحد اميد سمجهڻ لڳن ٿا. جيڪڏهن عوام پنهنجي آواز جي طاقت کي سڃاڻي وٺندو، ته پوءِ ڪو به هٿ ملڪ جي مستقبل کي تباهيءَ جي گهٽي ۾ نه ڌڪي سگهي ٿو. پر جيڪڏهن هو اڄ به اوڻت، خوف ۽ جهالت ۾ بند رهندو ته پوءِ اهو سلسلو جاري رهندو.
شاهد گل سمون/ ٽنڊو محمد خان
ڪراچي ۾ قانون هوندي به سنڌي ننڌڻڪا ڇو؟
سنڌ جي مشهور نالي واري صحافي سماجي اڳواڻ مشتاق سرڪي جو ڀاء آفاق سرڪي خيرسان آزاد ٿي پنهنجي ڪراچي گهر پهتو بيحد خوشي جو باعث فخر آهي، پراصل سوال اڃا به پنهنجي جاءِ تي ڪر کڻي بيٺل آهي ته اغواڪارن جو مقصد ڇا هو؟ هي رڳو هڪ شخص.جومسئلوناهي،پر ڪرا چي ۾ رهندڙ سنڌي ڳالهائيندڙن لاءِ ڳنڀير ۽ تڪليف ڏيندڙ صورتحال آهي. باربار سنڌي ڳالهائيندڙن کي نشانو بڻائڻ اهو تاثر ڏئي ٿو ته اغوا کي پلاند، دٻاءُ ۽ خوف پکيڙڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. ڪراچي سنڌ ۽ سنڌين جي آهي پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سنڌي هتي پاڻ کي غيرمحفوظ ۽ ننڌڻڪو محسوس ڪري ٿو، جڏهن قانون هوندي به انصاف نظر نٿو اچي، رياستي ادارا خاموش رهن ٿا ته ڏوهاري همٿ وٺن ٿا. سوال اهو به آهي ته ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ سنڌي ڇو غيرمحفوظ آهي؟ ڇا سنڌي هتي رهڻ جو حق نٿو رکي؟ ڇا پنهنجي ڌرتيءَ تي مالڪي جو اظهار ڪرڻ ڏوهه آهي؟ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهڙن واقعن جي شفاف جاچ ٿئي، اغواڪارن ۽ سندن سرپرستن کي بي نقاب ڪري سخت سزا ڏني وڃي.
وفا ولي محمد ڦل /ڦل شهر
سلام بينظير پيادل مارچ
شھيد راڻي جي 18 ھين ورسي جي حوالي سان پوري پاڪستان ۾ جيالا جوش ۽ جذبي سان تياريون ڪري رھيا آھن. سنڌ جي ھر ننڍي شھر توڙي ڳوٺن ۾ شھيد راڻي جي تصويرن سان ٺھيل پينافليڪس لڳايا ويا آھن. پ پ پ جي ذيلي ونگ سپاف ڄامشورو ۽ حيدرآباد جا جيالا گذريل سال جيان ھن سال بـ پنھنجي ڀيڻ کي سرخ سلام پيش ڪرڻ جي لاء پيادل مارچ ڪري رھيا آھن جيڪي ھميشا جيان لعل شھباز قلندر جي مزار تي حاضري ڀري ان بعد پنھنجي سفر عشق بينظير جي شروعات ڪري چڪا آھن. انھن نوجوانن جي ھر ھنڌ حوصلائي افزائي ٿيڻ گھرجي کين سلام پيش ڪرڻ گھرجي پر ڪجھه اھڙا ماڻھو آھي جيڪي پاڻ ته ڪجھ به نٿا ڪن پر ٻين جي به حوصلا افزائي نه ٿا ڪن. ھو پاڻ کي پ پ پ جو سڏرائيندا ته آھن پر ساڙ ۽ حسد ۾ انڌا بڻجي شھيد راڻي جي ورسي ۾ شرڪت لاء پنڌ ويندڙ نوجوانن مٿان تنقيد پيا ڪن. اسان هنن کي سلام پيش ڪريون ٿا جيڪي پنھنجي پارٽي سان سچائي سان وفا ڪري رھيا آھن.
عبدالمجيدبروھي
ھڪ تلخ حقيقت پاڪستان جا فقير
انھي حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگھجي ته پاڪستان ۾ ھن وقت به پنڻ وارن فقيرن جو تعداد تمام گھڻو آھي، نه صرف ھن ملڪ ۾ فقيرن جي تعداد ۾ اضافو ٿي رھيو آھي، پر پاڪستان کان ٻاھرپڻ پاڪستاني فقيرن جو تعداد وڌي رھيو آھي. ھڪ بين الاقوامي اداري جي سروي موجب پاڪستان ۾ ھن وقت 80 لک ماڻھو خيرات وٺي ۽ پنندي پنھنجو گذر بسر ڪندا آھن جنھن جو سبب ملڪ ۾ بدحالي، ڪمزور معيشت ۽ بيروزگاري آھي. ملڪ جا اڪثر ماڻھو ايجنٽن معرفت ٻاھرين ملڪن ۾ خيرات وٺندا آھن، اھو ڪاروبار ھڪ منظم طريقي سان ٿي رھيو آھي، سعودي عرب سميت عرب رياستن ۾ رھندڙ ڪيترن ئي پاڪستانين کي پنڻ جي الزام ۾ ملڪ بدر ڪيو ويو آھي، ماضي ۾ ته پاڪستانين جو ھڪ گروپ سعودي عرب ۾ چوريون پڻ ڪندو ھو، پر جڏھن کين سزا ملي ته چوري وارو سلسلو ڪجھ گھٽجي ويو آھي. سرڪار اھڙي قانون سازي ڪري جنھن سان پينو فقيرن جي رستا روڪ ٿي سگھي ۽ ملڪ بدنامي کان بچي.
نديم علي خواجه/تلھار ضلع بدين