پنهنجن جون چٺيون

25 ڊسمبر-قائدِ اعظم جو جنم ڏينهن ۽ اڄ جو پاڪستان..!!!

قائدِ اعظم محمد علي جناح 25 ڊسمبر 1876ع تي ڪراچيءَ جي هڪ ڳوٺ جهرڪ ۾ ڄائو هو، سندس سياسي سفر ۽ قوم جي حق لاءِ جدوجهد سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ سرحد کان وٺي گلگت-بلتستان تائين سڄي ملڪ تي هميشه جا اثر ڇڏيا. قائد جي اصولن اتحاد، ايمان ۽ نظم اڄ به اسان جي قومي گفتگوءَ جو شعور بڻيل آهن.  قائدِ اعظم جو حقيقي پيغام رڳو هڪ قوم جو قيام نه هو، اهو هڪ اهڙو رستو هو جيڪو قانون، شرافت ۽ انصاف جي بنياد تي ملڪ کي هلائڻ جو مطالبو ڪري ٿو. پاڪستان تازو ڪجهه خوشگوار نشان ڏيکاريا آهن پر چئلينجز باقي آهن. خوراڪ ۽ توانائيءَ ۾ کوٽ سبب روز مرھ جي شين جا اگھه وڌڻ جا خدشا موجود آهن ۽ ڏينهو ڏينهن وڌندڙ مهانگائيءَ مڊل ڪلاس ۽ غريب عوام جي چيلھه چٻي ڪري ڇڏي آهي. پوليو مهم باوجود ڪيترائي وري نوان پوليو ڪيس ظاهر ٿيا آهن جيڪو ان مهم جي مٿان هڪ سواليه نشان آهي.!! سياسي منظرنامو پيچيده آهي، وفاقي قيادت ۽ سينيئر اسٽيڪ هولڊرز جي وچ ۾ پاليسي جي هم آهنگي ۽ قومي مفادن لاءِ ڪم ڪرڻ ضروري آهي.

جيڪڏهن اسين اڄ جي سياسي ۽ اقتصادي چيلينجن کي هڪ مضبوط ۽ شفاف حڪمت عملي سان منهن ڏينداسين تڏهن ئي قائدِ اعظم جي آئيندي نسلن لاءِ خواب ڏسڻ جهڙي پاڪستان جي تعمير ممڪن ٿي سگهندي.!!!

جاويد سيوهاڻي

عورت جي تعليم تي پابندي

اڄ به اسان اهڙي سماج ۾ رهيون پيا  جتي خاص طور تي ڳوٺاڻن علائقن ۾ عورت جي تعليم کي غيرضروري سمجهيو وڃي ٿو.  اتي نياڻين کي اسڪول موڪلڻ تي پابنديون آھن ڇو ته ماڻهو اڃا به پراڻين روايتن ۾ قيد آھن.  تعليم کي رڳو مردن جي ضرورت سمجهيو وڃي ٿو. نياڻين کي پڙهڻ بدران گهر جي ڪم ڪار تائين محدود رکيو وڃي ٿو. اهو سمجهيو وڃي ٿو ته عورت جي جاءِ رڳو بورچيخاني تائين آهي. اهي ماڻهو وساري ويهن ٿا ته عورت به انسان آهي، عورت جا به حق آھن. عورت به سوچڻ سمجهڻ جي سگهه رکي ٿي. نياڻي جيڪڏهن پڙهيل لکيل هجي ته هو نه رڳو پنهنجي لاءِ پر سڄي خاندان لاءِ روشني جو مينار بڻجي سگهي ٿي. ڳوٺاڻن علائقن ۾ غربت سماجي بندشون ۽ ذهني پسماندگي نياڻين جي تعليم ۾ وڏيون رڪاوٽون بڻيل آھن. تعليم جي اڻاٺ ئي ان سماج جي پوئتي رهجي وڃڻ جو وڏو سبب آهي، جيڪڏهن هڪ عورت پڙهيل هجي ته هو پنهنجي اولاد کي سٺو سنجيدو شعور ڏئي سگهي ٿي. نيپولين بوناپارٽ جو چوڻ هو ته اوهان مون کي پڙهيل لکيل ماءُ ڏيو ته مان اوهان کي باشعور قوم ڏيندس.

رخسانه شفيع سومرو

ڦل شهر ۾ ڇٿا ڪتا وري شهرين کي ڏاڙهي ويا !!!!!!

ڦل شهر هن وقت هڪ انتهائي سنجيده انساني مسئلي سان منهن ڏئي رهيو آهي جتي ڇتن ڪتن جي وڌندڙ مصيبت  شهري زندگي کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي. افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته هن خطرناڪ صورتحال جو سڀ کان وڏو شڪار معصوم ٻارڙا بڻجي رهيا آهن جيڪي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ گهرن کان نڪرڻ وقت به محفوظ ناهن رهيا. تازو واقعو  امجد سومرو جي ڀائٽي بختاور سومرو ولد فقير محمد سومرو سان پيش آيو جيڪا ڪلاس چوٿين جي شاگردياڻي آهي. اسڪول مان واپسي دوران ڇتن ڪتن بختاور سومرو کي چيلهه ڀرسان چڪ هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو. جنهن سبب شهر ۾ خوف ۽ حراس وڌيڪ وڌي ويو آهي. هي ڪو پهريون واقعو ناهي  بختاور سومرو کان اڳ به  حوريا ميمڻ ۽ علي رضا ميمڻ جهڙا معصوم ٻارڙا ڇتن ڪتن جو نشانو بڻجي چڪا آهن. تڏهن به لاڳاپيل يوسي انتظاميا ڪجه ناهي ڪيو. ڇا انتظاميا ڪنهن وڏي سانحي جو انتظار ڪري رهي آهي ڇا ڪنهن ٻار جي موت کان پوءِ ئي کين جاڳ ٿيندي؟

وفا ولي محمد ڦل/ ڦل شهر

پاڻيءَ جو آواز خاموش ٿي ويو

سنڌ جي سرزمين ڪيترن ئي عالمن، محققن، فڪر وارن ۽ بيباڪ آواز رکندڙ سپوتن کي جنم ڏنو آهي. انهن مان هڪ روشن نالو  ادريس راجپوت هو، جيڪو هاڻ اسان وٽ ناهي، پر سندس خيال، تحقيق، فڪر ۽ ڌرتيءَ سان بي مثال محبت سدائين امر رهندي. پاڻيءَ جي جنگ ۾، جڏهن گهڻا ماڻهو يا ته خاموش رهيا يا رڳو تقريرن تائين محدود رهيا، ادريس راجپوت علم جي هٿيارن سان وڙهيو، مسلسل، بيباڪي سان ۽ بنا ڪنهن ڊپ جي. ادريس راجپوت نه رڳو انجنيئر هو، پر هڪ باخبر محقق، حساس دل، ڏاهو ۽ سماجي انصاف لاءِ بيقرار انسان هو. سندس تحقيقن جو مرڪز رڳو انگ ۽ فگر نه، پر سنڌ جو درد، تاريخي ناانصافيون، پاڻيءَ جي ورڇ جا مسئلا ۽ ان جا سنڌي زراعت، ماحوليات ۽ معيشيت تي ٿيندڙ اثر هئا. سنڌ جي علمي ادارن کي گهرجي ته سندس تحقيقن کي نصاب جو حصو بڻائي، پاڻيءَ تي سندس خدمتن کي دستاويزي صورت ڏئي ۽ سندس نالي سان اسڪالرشپس يا ليڪچر سيريز جو آغاز ڪري.

راج ڪمار اوڏ/سڪرنڊ