خبریں آپ کے لئے!

چاہتے ہیں جدید معلومات؟

ہمارا مقصد آپ کو تازہ ترین خبریں اور معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ کو اہم موضوعات پر جامع تجزیات اور بصیرت ملیں گے۔ آئے، اور اپنی معلومات کو بڑھائیں، ہم ہمیشہ آپ کی خدمت میں ہیں۔

مضامین کی فہرست

ہمارا مقصد آپ کو diverse موضوعات پر قیمتی معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ مختلف اہم موضوعات پر لکھے گئے مضامین کو تلاش کر سکتے ہیں، جو کہ آپ کی معلومات میں اضافہ کریں گے۔

اہم موضوعات

یہاں آپ کو اہم خبروں اور تجزیوں کا مجموعہ ملے گا، جو آپ کی روزمرہ کی زندگی اور معلوماتی ضروریات کے لئے مفید ہوگا۔ ہماری تمام تحریریں سادہ اور آسان زبان میں پیش کی گئی ہیں۔

ہماری تازہ ترین معلومات کے لئے سبسکرائب کریں

ہماری ویب سائٹ پر آپ کو تازہ ترین خبریں اور دلچسپ مضامین ملیں گے۔ ہمیں یقین ہے کہ آپ کو ہماری معلومات فائدہ مند لگیں گی۔ اس لئے، براہ کرم سبسکرائب کریں تاکہ آپ ہماری تازہ ترین اپ ڈیٹس سے باخبر رہ سکیں۔

ہمارے قارئین

عمومی سوالات

آپ کے عمومی سوالات کے جوابات یہاں موجود ہیں۔
کیا میں ویب سائٹ پر مواد شائع کرسکتا ہوں؟

ہماری ویب سائٹ پر موجود معلومات آپ کے علم میں اضافہ کرنے کے لئے اہم ہیں۔ ہم ہر سوال کا جواب دینے کی کوشش کر رہے ہیں۔ اگر آپ کو مزید مدد کی ضرورت ہو تو بلا جھجھک ہم سے رابطہ کریں۔

سوالات کے جواب آپ کی رہنمائی کے لئے مختص ہیں۔ ہماری کوشش ہے کہ آپ کو جلدی اور صحیح جواب فراہم کریں تاکہ آپ کے خدشات دور ہو سکیں۔

ہمارا ہدف اپنے قارئین کو معلومات فراہم کرنا اور ان کی تشفی کرنا ہے۔ اگر کوئی سوال یا تجویز ہو تو آپ ہمیں بتا سکتے ہیں۔

ہمیں امید ہے کہ آپ کو یہاں دستیاب معلومات مفید لگیں گی۔ آپ کی رائے اہم ہے اور ہم اسے خوش دلی سے قبول کریں گے۔

اگر آپ کو مزید وضاحت یا معلومات چاہیے تو ہمارے مضامین کو دیکھیں۔ ہم مفید اور واضح معلومات فراہم کرنے کا عزم رکھتے ہیں۔

آپ کی خبریں کہاں سے لیکر آتی ہیں؟

ہماری ویب سائٹ پر آپ کے سوالات کے جوابات دینے کے لئے ایک پریس سیکشن بھی ہے جہاں آپ اپنے سوالات پیش کرسکتے ہیں۔

اگر آپ کو مزید سوالات ہیں تو آپ ہمارے روابط سے ہم سے رابطہ کرسکتے ہیں۔ ہم آپ کی خدمت میں ہازر ہیں۔

ہماری معلومات ہمیشہ موجود رہیں گی۔ برائے مہربانی بار بار وزٹ کریں اور نئے سوالات بھیجیں!

ہم آپ کے سوالات کا خیر مقدم کرتے ہیں۔ آپ کی تشویشات اور مشورے ہماری رہنمائی کریں گے۔

مزید معلومات اور سوالات کے لئے ہمیشہ ہماری مدد لائین تک رسائی حاصل کریں۔ ہم آپ کی مدد کے لئے حاضر ہیں۔

پنهنجن جون چٺيون

عظيم اڳواڻ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي سلام !

شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي 18هين ورسي جيالن جوش ۽ جذبي سان ملهائي. هر سال جيان هن سال به جيالن پنهنجي عظيم اڳواڻ کي ياد ڪندي ورسي ۾ شرڪت ڪري ڳوڙها ڳاڙهيا ۽ عقيدت ۾ سلام پيش ڪندي کيس ڀيٽا پيش ڪئي جنهن ملڪ جي عوام لاءِ سياسي جدوجهد ڪندي پنهنجي جان جي قرباني ڏني ۽ شهادت ماڻي. ملڪي سياست ۾ ڀٽو خاندان کان سواءِ ڪنهن ٻئي خاندان جي قرباني عوام کي نظر ڪا نه ايندي. عظيم اڳواڻ شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان ڇا پر دنيا اندر عوامي سياست ۾ پاڻ مڃرايو جنهن ملڪ سان گڏ عوام جي وڏي خدمت ڪئي. اڄ ان جو پٽ بلاول ڀٽو پنهنجي والده جي نقش قدم تي هلندي ملڪي خدمت سان گڏ عوام جي خدمت لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي.

محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل

سنڌ جي هاري پروگرام ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جو نوٽيس وٺو

سنڌ حڪومت طرفان آبادگارن جي ڀلائي لاءِ شروع ڪيل ڪڻڪ جي پوکائي لاءِ ٻج ءِ ڀاڻ جي سبسڊي پروگرام ھڪ بھترين پروگرام آھي. پر بدقسمتيءَ سان ھي پروگرام آبادگارن کي لاڀ ڏيڻ کان پھريان ئي ڪرپشن جي نظر ٿي ويو آھي. ايگريڪلچر آفيس خيرپور ميرس ۾ مقرر عملي ته ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن. ھتي مقرر ٿيل ھر عملدار آبادگارن کي فائدو ڏيڻ بجاءِ صرف پنھنجو کيسو ڀريندي نطر اچي رھيو آھي. اوھان کي زمين ھجي يا نه ھجي اوھين  انھن کي رشوت ڏيئي ھن پروگرام ۾ شامل ٿي سگھو ٿا. مون ٻه ايڪڙ جي  زمين جو رڪارڊ  ڏيئي فارم ڀرايو. مون کي چيو ويو ته في ايڪڙ تي ٽي ھزار روپيا ڏي ته تنھنجي نالي تي پنج ايڪڙ لکنداسين. مون پئسن ڏيڻ کان انڪار ڪيو جنھن تي منھنجي نالي تي صرف ھڪ ايڪڙ لکيو ويو. جڏھن ته اھڙن ڪيترن ئي ماڻھن جي  نالن تي وڌيڪ ايراضي لکي وئي آهي جن وٽ ٻني ئي نه آهي. عرض آهي ته ڪرپٽ عملدارن ۽ عملي خلاف شفاف انڪوائري ڪري ڪاروائي ڪئي وڃي.

منور حسين ڪٽوھر/خيرپور

زبان مان نڪتل لفظ انسان جي زندگي تي ڪھڙا اثر ڇڏين ٿا

زبان جا ڪجھه نڪتل لفظ تير وانگر انسان کي چڀندا آھن. زبان ھڪ اھڙي شي آھي جيڪا انسان کي ڇانو ۾ به ويھاريندي آ ته اُس ۾ به. زبان انسان جي دل کٽيندي به آ ۽ ٽوڙيندي به آھي. انسان پنھنجي زبان سان اھڙا الفاظ استعمال ڪري جيڪي ٻين کي نقصان نه پھچائين. زبان مان نڪتل لفظ ڪڏھن به واپس ناھن ٿيندا . حضرت علي ڪرم الله وجھه جو قول آھي ته زبان جا لفظ تلوار کان به وڌيڪ تيز ھوندا آھن. زبان جا نڪتل الفاظ اگر سٺا آھن ته ماکي کان به وڌيڪ مٺا لڳندا آھن ۽ جي خراب آھن ته زھر کان به وڌيڪ زھريلا آھن. جنھن انسان ڪاوڙ ۾ پنھنجي زبان کي  قابو رکي برداشت ڪيو الله تعاليٰ قيامت جي ڏينھن ان عيوض ۾ ان انسان تان  پنھنجي تلوار ھٽائي ڇڏيندو. ڪوشش ڪيو ته زندگي جو ھر لمحو ھر ڪنھن سان سٺي کان سٺو گذاريو ڇو ته زندگي نه رھندي پر سٺيون يادون ھميشه زندھ رھنديون آھن.

اسريٰ روشن علي ميمڻ

ڊسمبر جدائي ۽ الوداعي جو مھينو!‎

ڊسمبر، هميشه محبت وارن لاءِ وڇوڙن ۽ الوداعين جا سنيها کڻي ايندو آھي خاص ڪري مادر علمين ۾ زندگي جون چار بهارون گذاريندڙ جوڙا جڏهن هڪ ٻئي کان جدا ٿيڻ وقت الوداعين جا هٿ لوڏيندا آھن تڏهن محبت ڪندڙ دليون ڀڄي ڀورا ٿي پونديون آھن. حسن جو هندورو اهو ڄامشورو ، جنهن لاء حليم باغي لکيو، ڄامشوري مان جنهن جو گذر ٿيو وڃي سو ڄڻ پٿر ٿيو وڃي يا ته وري اڙي شھر جانان تو کي ڪي سنڀارون ته شاعر جون گذريون هت پنج بهارون. ڄامشورو، علم ادب جو اهو مرڪز جتي ڪيئي ڳڀرو علم اڃ اجهائڻ اچن ٿا پر جڏهن ڪنهن سانوريءَ جي حسن ۽ نظرن جو نشانو بڻجن ٿا ته ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي اندر واري ڪيفيت وانگر پاڻ مشتاق بنجي سڄو ڏينهن جهونگارين ٿا ته آھي ننڍڙو نگر ڄامشورو مگر، ڄامشورو اسان جي پرينءَ جو شھر. کير جيان هاڻي محبتون به خالص ناهن رهيون. اسان فقير  هر سال ڊسمبر ۾ ڌرتي ۽ سرتي جي هر عاشق لاءِ اها ئي دعا ڪندا آھيون ته ڄامشوري جي الوداعي کانپوءِ سندن بخت ۽ تخت سڻاوا رھن ۽ ڪاميابي سندن قدم چمندي رھي.

غلام علي گل ٻجورو/  سجاول