سياست کان شھادت تائين
27 ڊسمبر پاڪستان جي تاريخ جو اهو المناڪ ڏينهن آهي، جڏهن جمهوريت پنهنجي سڀ کان بهادر نياڻي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، کي وڃائي ويٺي. هي ڏينهن صرف هڪ سياسي اڳواڻ جي شهادت جو ڏينهن ناهي، پر اهو ڏينهن آهي، جڏهن آمريت، دهشتگردي ۽ سازشن جمهوريت جي دل تي وار ڪيو. بينظير ڀٽو رڳو هڪ سياسي خاندان جي وارث نه هئي، هوءَ پنهنجي شعور، تعليم ۽ عوام سان وابستگيءَ جي بنياد تي سياست ۾ اڳتي وڌي. بينظير ڀٽو جي زندگي جيلن، نظر بندين ۽ تشدد سان ڀريل رهي. ڪڏهن سکر جيل، ڪڏهن ڪراچي، ڪڏهن راولپنڊي ــ پر هر قيد کيس وڌيڪ مضبوط بڻايو. چونڊيل وزيراعظم هئڻ باوجود، بينظير ڀٽو کي سڪون نصيب نه ٿيو. سندس حڪومتن کي سازشن ذريعي ختم ڪيو ويو، الزام لڳايا ويا، ادارن کي استعمال ڪيو ويو. پر هوءَ اقتدار وڃائڻ کان پوءِ به مايوس نه ٿي. هوءَ جمهوريت کي ذاتي اقتدار کان مٿانهون سمجهندي رهي. هوءَ عورتن لاءِ حوصلو، نوجوانن لاءِ خواب، غريبن لاءِ آسرو ۽ جمهوريت لاءِ آخري مورچو هئي. هوءَ جمهوريت جي هر ڌڙڪن ۾ زنده آهي.
ساجد علي تنيو /لاڙڪاڻو
نئون سال وري نوان غم ۽ نيون خوشيون!
سال 2025 خير سان پڄاڻي تي پھتو. اهو سال عوام جي لاءِ ڳرو رھيو. مھانگائي عروج تي رھي. امن امان جو مسئلو حل ٿي نه سگھيو، قبيلائي جهيڙا ختم ٿي نه سگھيا. سال جي آخري مھيني ڊسمبر به گھٽ نه ڪئي. ڪيترائي ئي پيارا ھي جھان ڇڏي ويا، ڪٿي خوشي ته ڪٿي غمي رھي. پوليس جو ڪردار ناڪاري رھيو. پوليس ظالمن جو ساٿ ڏنو ۽ مظلومن، غريبن ۽ مسڪين ماڻھن کي ھاف ۽ فل فراءِ ڪيو. ھن سال وڪيلن خوب نڀايو سنڌ جي پاڻي جي مسئلي تي ڀرپور آواز اٿاريو. استاد تنظيمن تعليم جو نقصان ڪيو. تعليمي ادارا گسٽا ۽ ٻين تنظيمن بند ڪيا پر سنڌ جي استادن کي ڊي آر ۽ ٻيا الائونس نه مليا. سياستدانن لاءِ خوشيون ئي خوشيون ۽ رعايتن ۾ چار سؤ سيڪڙو واڌ ڪئي وئي. عوام بک بدحالي ۽ غربت جي ڌٻڻ ۾ رھيو. بس رب پاڪ کان دعا ٿا گھرون ته ايندڙ نئون سال 2026 خوشيون کڻي اچي ۽ امن امان ھجي.
شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ
ڊسمبر جو ڏنل درد سنڌ کي صدين تائين ياد رھندو!!
ڊسمبر کي يقينن سال جي پڇاڙڪين گھڙين ۾ اچڻ تي الوداعي وارو مھينو سڏيو ويندو آھي، جيڪو گذرندڙ سال کي منزل تي پھچائي ۽ نئين سال کي ڀليڪار ڪري ٿو، پر اي ڊسمبر تو جيڪي گھاءُ لطيف جي ڌرتي کي ڏنا آھن ۽ درد جو سبب بڻيو آھين انھي درد کي سنڌ واسي ڪڏھن به نٿا وساري سگھن، ڊسمبر سنڌ جي ڌرتي کان انيڪ امل انسان کسيا آھن جن ۾ سنڌ جو مهان ڪوي شيخ اياز، ناميارو سنڌ پرست شاعر تاجل بيوس، سنڌ جو قومي راڳي سرمد سنڌي، پير نور محمد شاھ جيلاني ۽ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه. محترمه جي شھادت کان اڄ تائين عوام سوڳوار ۽ مايوس آھي. بيوسي سندن مقدر بڻجي وئي آهي. رب پاڪ کيس جنت الفردوس نصيب عطا فرمائي.
عبدالغني عبد آريسر
تعليم کاتي ۾ S.T.R تحت بدليون
سوال اھو آھي ته ڇا STR پاليسي تحت ھارڊ ۽ سافٽ ايرياز جو فرق رکيو ويو آھي؟ جيڪڏھن نه ته پوءِ اھو سراسر ظلم آھي ته پھريان ھارڊ ايرياز جي نالي تي مخصوص ۽ من پسند علائقن ۾ 33 سيڪڙو تي ڀرتيون ڪري وري انھي کي سافٽ ايرياز ۾ بدلي ڪيو وڃي ته پوءِ 40+ PST ۽ JEST ڪيئن ڀرتي ٿي سگھندا؟ 40+ مارڪن وارن جو ھارڊ ۽ سافٽ ايرياز جي چڪر ۾ پھريائين ڪافي نقصان ٿي چڪو آھي جڏھن 33 مارڪن وارن کي بروقت ڀرتي ڪري 40+ کي نظرانداز ڪيو ويو. سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي جي عملدارن کي گذارش آھي ته STR پاليسي تي نظرثاني ڪري STR به ھارڊ ۽ سافٽ ايرياز تحت ڪئي وڃي ته جيئن سافٽ ايرياز ۾ ويڪنٽ پوسٽ تي سافٽ ايرياز جا 40+ PST ۽ JEST ڀرتي ٿي سگھن.
نويد خان سومرو
خيرپور جي لوئر اسٽاف جون اميدون
دنيا ۾ عهدو ۽ اختيار ته هر ڪنهن کي ملي سگهي ٿو پر جڏهن آفيسريءَ سان گڏ انسانيت جو جذبو جڙي وڃي ته اها شخصيت ٻين لاءِ هڪ روشن مثال بڻجي ويندي آهي. انيس الرحمان ميمڻ کي تازو ئي سنڌ حڪومت پاران D.E.O (ايليمنٽري، سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري) خيرپور ميرس مقرر ڪيو ويو آهي. هن مقرريءَ سان نه صرف تعليمي نظام ۾ بهتريءَ جي اميد جاڳي آهي، پر خاص طور تي لوئر اسٽاف ايجوڪيشن خيرپور جي ننڍڙن ملازمن جي چهرن تي هڪ دفعو ٻيهر خوشيءَ جي لهر ڊوڙي آهي. ملازمن کي يقين آهي ته هاڻي سندن جائز حقن جي سنڀال ڪندڙ هڪ گهڻگهرو آفيسر اچي ويو آهي. اسان ننڍڙا ملازم، سائين جن جي خدمت ۾ ادب سان هٿ جوڙي عرض گذار آهيون ته اسان جا گذريل 20 سالن کان پروموشن جا معاملا رهيل آهن. اسان جون تمام تر اميدون اوهان سان جڙيل آهن. اسان جي پروموشن واري فائل تي نظرِ ڪرم ڪندا ته جيئن سالن کان حقدار ملازمن کي سندن حق ملي سگهي.
ملازم شنباڻي