نئون سال پراڻو نظام حڪومت و انصاف
نئون سال ملهائيون يا پراڻي سال جون تلخ يادون ياد ڪري پاڻ کي جهوريون؟ جنهن ۾ سڄو سال انسانيت جو رت وهايو ويو. ڪٿي ملڪي جنگين سبب ڪٿي پنهنجي شيطاني سوچ ۽ متڪبرانه نظريي سبب مطلب رت انسان جو پاڻي جيان وهايو ويو جو مظلومن جي آهن، سسڪين ۽ معصوم ٻچڙن جي عرش عظيم جنجهوڙيندڙ رڙين سان پئي هر پل سال جو ويو گذرندو پر افسوس ظالمن جا ظلم اڃا تائين جاري ساري آهن. دنيا جا ڏک سور پنهنجي جاءِ تي پر اسان جي پرامن سنڌ ڌرتي جو سال 2025 به حيان جهوريندڙ واقعن سان ڀرپور رهيو جو سنڌ جو شايد ڪو شهر ڳوٺ واهڻ وسندي هجي جتي ماتم نه ٿيو هجي. ڪٿي دهشتگردن پنهنجي ناپاڪ ارادن کي پورو ڪرڻ لاءِ پئي سنڌ واسين جو ساهه مٺ ۾ ڪيو. چوڻ جو مطلب سال 2025 اهڙا نه وساريندڙ گهاءُ ڏئي پنهنجي پڄاڻي ڪئي الله پاڪ کان دعا آهي نئين سال ۾ رياست پاڪستان هر مظلوم سان ڪيل ظلم جو پلاند وٺي ۽ قانون جي سربلندي لاءِ سڀ کي قانون جي طابع ڪرڻ ۽ غيرقانوني ۽ قانوني هٿيارن کي ضبط ڪيو وڃي. سنڌ توڙي پاڪستان کي 2026 پرامن سال بڻائڻ جو عهد ڪيو وڃي ۔۔۔۔۔۔ انشاء الله اسان جا ادارا هر مظلوم سان ٿيل ظلم جو حساب وٺندا ۽ سياسي ويس ۾ لڪل دهشتگرد قانون جي پڪڙ ۾ ايندا انشاء الله ۔۔۔۔۔
استاد جاويد احمد هڪڙو/ شڪارپور سنڌ
دادو ۾ ٿيل هراسمينٽ ۽ بدڪلامي
ڊي سي دادو جي سربراهي ۾ تعلقه اسپتال ڪي اين شاهه ۾ پوليو جي ميٽنگ ۾ مون چيو ته 1994 کان اسين ليڊي هيلٿ ورڪرز پوليو فري مهم هلايون پيا. مانيٽر ۽ آفيسر مانيٽرنگ ڪرڻ بدران ليڊي هيلٿ ورڪرز کي پريشرائيز ڪن ٿا. بنا معاوضي اضافي ڪم پڻ ورتو وڃي ٿو، اسان کي سموري شهر لاءِ فقط 4 پوليس اهلڪار ڏنا ويا آهن باقي پوليس ڪاٿي آهي؟ تحفظ يقيني ڇو نٿو بڻايو وڃي، ان تي ميٽنگ ۾ ويٺل هڪ اعلي پوليس آفيسر چيو ته هي مائي هوائي ڳالهيون ٿي ڪري ان تي آيف آءِ آر ٿيڻ گهرجي. ضلعي آفيسر چيو ته توهان هيلٿ ورڪرز ڊراما ٿا ڪريو. هاڻي اسان ليڊي هيلٿ ورڪرز جي حق جي ڳالهه ٿا ڪريون ته آفيسرن کي ڊرامو ٿو لڳي. ڇا قانون ملڪ ۾ ڪونهي؟ ايف آءِ آر جي ڌمڪي هراسمينٽ ناهي؟ اعليٰ عملدارن ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن کي اپيل ٿي ڪيان ته مون سان ٿيل ان بدڪلامي ۽ هراسمينٽ جي اعلي سطحي انڪوائري ڪرائي وڃي.
ليڊي هيلٿ سپروائيزر نور بانو ملاح/ ڪي اين شاهه
نيٺ سال 2025 جو سفر پڄاڻي تي پھتو
وقت جي تيزي سان گذرڻ ۽ زندگي مصروف ھجڻ ڪري ڪا خبر به نه پئي ته سال وڃي پڄاڻي تي پھتو. ھن سال به پاڻ کي مسلسل جدوجهد ۾ ڏٺوسين پوءِ اھا ذھني جدوجهد ھجي يا فزيڪلي. سوال اھو آھي ته ڇا تڪليفن ۾ گھٽتائي ايندي؟ ڇا اذيتون ملڻ گھٽ ٿينديون؟ ڇا ڪير ڪنهن کي اندر جو حال ٻڌائيندو؟ ڇا ڪير ڪنهن کي سمجھندو؟ ڇا اسان جو معاشرو نفرتن کان پاڪ ٿيندو؟ ڇا ڪير ڪنھن جو ساٿي بڻجي ساٿ ڏيندو؟ ڇا ڪير ڪنهن سان دوکو نه ڪندو؟ ھزارين سوال آھن ڇا ڇا ڇا ؟؟؟ ڇا ڪير جواب ڏيندو؟ يا رڳو ڪئلينڊر ۾ سال بدلبو ؟
صفدر عرف دودو خان سولنگي/ڪوڙي جا ڀاڻ مٺياڻي
دنيا ۾ نئين سال ملهائڻ جا انوکا طريقا
نئون سال (هيپي نيو ايئر) سڄي دنيا جا ماڻهو جدا جدا طريقن سان ملهائن ٿا. اسان جي ملڪ پياري پاڪستان جي مختلف شهرن، ڳوٺن ۾ مختلف طريقن سان نيو ايئر رات ملهائي ويندي آهي. ملڪ جي سلامتي لاءِ دعائن ۽ مچ ڪچهرين، سر سنگيت جي محفلن ۽ هوائي فائرنگ ڪئي ويندي آهي. جپان منجهه 108 گهنٽيون وڄائي 108 گناهه معاف ڪرايا ويندا آهن. رومانيه ۾ نوجوان ٻهراڙي ۾ وڃي ڊرم ۽ جانورن کي ٻڌل گهنٽيون زور سان وڄائيندا آهن. ميڪسيڪو جا ماڻهو هوائي فائرنگ ڪندا آهن. ناروي جا ماڻهو خصوصي طعام ليوٽفسڪ تيار ڪرائيندا آهن. اسپين ۾ انگور جا 12 داڻا گهڙيال جي هرهڪ گهنٽي کائيندا آهن. پيرو ۾ انگور ميز جي هيٺيان ويهي کائيندا آهن. سڪائيلينڊ جا ٻار نئين سال جي پهرين شام ڪنڌ ۾ گهنٽيون ٻڌي گهمندا آهن. آرمينيا ۾ رات 12 بجي باهه جي مچ تي کاڌو کائيندا آهن. اٽلي جي شهر نيپلر جا ماڻهو اڌ رات جو پنهنجي گهرن جو دريون کولي سڀ ٿانو ٻاهر اڇليندا آهن. ڊينمارڪ جا ماڻهو رات 12 ڪرسيون اڇلي وڏا ٽپ ڏيندا آهن. ڪوريا جون نوجوان ڇوڪريون گهرن اندر پينگهن تي لڏنديون آهن. برازيل ۾ سمنڊ ۾ ٽپ ڏيندا آهن
ابراهيم لاشاري
نئون سال نيون اميدون مبارڪ
اڄ پاڪ سرزمين تي نئين سال 2026 جو نئون سج اڀريو آهي پراڻي سال جون پراڻيون يادون دفن ٿي چڪيون آهن هي نئون سال نوان خيال نيون سوچون نيون خوشيون کڻي آيو آهي، هر ڪو کيس ڀليڪار پيو چوي ڇوته چوندا آهن ته جنهن ڪم جو آغاز ڀلائي سان ڪبو آهي ته ان جو نتيجو به ڀلو نڪرندو آهي. دنيا اميدن تي قائم آهي هر ڪاري رات کان پوءِ هڪ روشن صبح ضرور ٿيڻو آهي. نئين سال جو پھريون ڏھاڙو توھان ۽ اسان سڀني عالمي انسانن جي خوشين جو باعث بڻجي سگهي ٿو ۽ کوڙ ساريون خوشيون ڏئي سگهي ٿو بس اسان کي گذريل سال جي ڏکن تڪليفن ۽ پريشانين کان مايوس نه ٿيڻ گهرجي. ڇو ته رب ڪريم آھي ۽ ان جي رحمت وسيع آهي ان ڪري ڪڏهن به رب ڪريم جي انعامن کان نا اميد نه ٿيو.
اعجاز ممنائي/نوشهروفيروز