27هين آئيني ترميم يا تقسيم
پاڪستان جي سياسي منظرنامي ۾ وقتن بوقتن اهڙا موضوع اڀرن ٿا، جيڪي قوم جي فڪري فضا ۾ بيچيني پيدا ڪن ٿا. تازو ئي تجويز ڪيل 27هين آئيني ترميم به اهڙو ئي موضوع بڻجي سامهون آيو آهي، جنهن تي بحث، تڪرار ۽ خدشا تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن. جتي ڪجهه حلقا ان کي انتظامي سڌارن جي نالي ۾ پيش ڪن ٿا، اتي سنڌي فڪر رکندڙ طبقا ان کي صوبائي وحدت ۽ وسيلن جي ورهاست خلاف هڪ نئون ڄار سمجهن ٿا. تجويز ڪيل 27هين ترميم جا ڪجهه نقطا اهڙا آهن، جيڪي سنڌ لاءِ فڪري ۽ آئيني سطح تي ڳڻتيءَ جو سبب بڻيل آهن۔ مثال طور، ڪراچيءَ کي “الڳ انتظامي يونٽ” بڻائڻ، صوبائي وسيلن کي وفاقي نگرانيءَ هيٺ آڻڻ ۽ ڪجهه علائقن کي “خصوصي زون” قرار ڏيڻ. سنڌي قوم لاءِ هي وقت سوچڻ جو آهي ته کيس پنهنجي حقن جي بحث کي جذبات بدران حڪمت ۽ دليل سان اڳتي وڌائڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم کي به اهو سمجهڻ گهرجي ته ڪراچيءَ کي ڌار ڪرڻ جو نعرو انتظامي سهولت نه پر قومي ورهاست جو اشارو بڻجي سگهي ٿو.
حاڪم علي چانڊيو
سنڌ اندر قبيلائي تڪرارن سبب اجڙيل امن بحال ڪير ڪرائيندو؟
قبيلائي تڪرارن جو خاتمو ۽ امن جي بحالي رياست جي زميواري آھي. سنڌ اندر قبيلائي تڪرارن ۾ انساني زندگيون ضايع ٿي رهيون آھن. خيرپور ضلعي اندر اڄڻ ڪليري ڌرين وچ ۾ سالن کان هلندڙ تڪرار سبب ڪيترائي ماڻھو مارجي چڪا آھن. شھر توڙي ڳوٺ تباهي ۽ ويراني جو ڏيک ڏئي رهيا آھن. ان ڪري رياست کي گهرجي ته شھرن کي ويرانين کان بچائڻ لاء جهيڙيندڙ ڌرين ۾ سرچاءَ لاء ڪوئي قانوني دڳ اختيار ڪري. سنڌ جي سياسي، سماجي، قومپرست ڌرين سميت سڀني برادرين جي ماڻھن کي اپيل ٿي ڪجي ته انسانيت ناتي امن مهم جو آغاز ڪيو وڃي پوءِ ڇو نه امن لاء ڊگهي احتجاجي تحريڪ هلائڻي پوي.
شھزادو اُڄڻ
قومي ڪارڪنن جون گرفتاريون!!
سنڌ هڪ ”چمن“ آھي، جنهن چمن ۾ رنگ ڀريندڙ کي هميشه جيلن، ٿاڻن جي حوالي ڪري، کين هيسايو ويو آھي۔ سنڌ جا اهڙا ڪيترائي ماڻهو جيلن جي سختين ۽ تاريڪين ۾ رڙهندي، رڙهندي ٻاهرين دنيا ۾ پرھ ڦٽي جو پيغام ۽ نئين صبح جو اهڃاڻ ڇڏي ويا آھن۔ پاڪستان جي سياسي قيدي کي B2 ڪلاس جو قيدي قرار ڏنو ويندو آهي۔ پر ھتي قومي سياسي قيدي کي بي ڪلاس بجاءِ بند کولين جي ٽارچر سيلن جو منهن ڏسڻو پوندوآھي! سنڌ جي قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو ويو آھي۔ جنهن ڪري اسين سنڌ جا ڪروڙين ماڻهو صرف اهو چئون ٿا ھن ملڪ ۾ رهندڙ ھر شهري کي پنهنجي راء جي اظهار جو حق حاصل آھي. جيڪڏهن سنڌ جو ڪو به ڪارڪن ڏهاري آھي ته کيس گرفتار ڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته گرفتار ڪرڻ قانوني عمل آھي ۽ اسين سمجهون ٿا کنڀي گم ڪرڻ قانون جي ذمري ۾ بلڪل به نٿو اچي. سنڌي ماڻهن ۾ اهڙو انتشار جنم وٺي سگھي ٿو جيڪو سمورن ادارن ۽ حڪومتن لاءِ به خطري جي گھنٽي وڄائي سگھي ٿو!
رياض امر ٻجورو