پنهنجن جون چٺيون

نظام شمسي مان گم ٿيل ٿر جي لنڊ برادري جا ڳوٺ‎

ھو عجيب نه پر غريب ماڻھو  آھن جن جي چھرن تي صدين جو ٿڪ آھي، اکين ۾ اوجاڳا آھن وڌيل ڏاڙھي، سراٽيل، ڦاٽل پراڻا ڪپڙا، ڇوٽيون سلوارون، اکيون اندر پيل، پيرن ۾ شادي لارج مان ورتل ٽائر واريون جتيون جن کي ڏسي مون کي جھنم جون اھي جتيون تصور ۾ اچن ٿيون جيڪي باھ جون ٺھيل ھونديون گناھگارن کي پارايون وينديون. ھي ماڻھو ھو پاڻ غير اھم آھن سندن  ڳوٺ سياسي اڳواڻن وٽ غير اھم. انھن جي ڳوٺن ۾ ان ڪري اسڪول ڪونھي، ھنن جا ڳوٺ جيڪي ونگي پتڻ  کان شروع ٿي ڪاجھر، دودي جت جي ڳوٺ کان ڏکڻ مٽيندي نظر ٿا اچن ويندي نوتيارن جي ڳوٺن تائين علي بندر جي ويجھو . ڪھڙا نه عجيب ڳوٺ آھن بس چار چار گھر ھڪڙي ھنڌ، چار وري ٻئي ھنڌ. سو ھي ڳوٺ ۽ انھن جا ماڻھو عجيب آھن. ائين ٿو لڳي ھي ھن نظام شمسي جي ننڍڙي گولي ڌرتي تان گم ٿيل ماڻھو آھن. ھنن وٽ بنيادي سھوليتون ئي ناھن. بجلي، اسڪول، اسپتال ئي ناھي. بدين ۽ٿرپارڪر جي حدن ۾ ٻن ڊزنن کان وڌيڪ ڳوٺن جي درد ڪھاڻي آھي. انھن جي ڳوٺن کي ڪو تعليم، صحت، بلدياتي ادارا، يا اين جي اوز ڳولي لھي انھن کي وات گهريو انعام ڏنو ويندو.

ابراهيم لنڊ/ ڪلوئي ٿرپارڪر

ڪوشش

ڪوشش دنيا جي سڀ کان خوبصورت شين مان هڪ آهي. ڪوشش ڪرڻ ئي ڪاميابي جي ڪنجي آهي. جيڪڏهن توهان جيڪو چاهيو ٿا، اهو حاصل نه ٿي سگهي ته پريشان نه ٿيو. شايد هن وقت اهو توهان جي نصيب ۾ نه هجي، پر ڪوشش، عمل ۽ جدوجهد هميشه تمام اهم هوندي آهي. جڏهن زندگيءَ ۾ توهان وٽ ڪو مقصد هجي ۽ توهان ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪريو، ته اها ئي زندگي آهي. جڏهن ماڻهو ڪوشش ڇڏي ڏئي ۽ بيهجي وڃي، تڏهن زندگيءَ جو مطلب ختم ٿي وڃي ٿو. ڪوشش کان سواءِ حقيقي زندگي ممڪن ناهي. جيڪڏهن توهان صبح جو اٿندي پاڻ کي اهو چوندا آهيو ته “اڄ مان ٻيهر ڪوشش ڪندس” ته هڪ ڏينهن ضرور توهان اهو سڀ حاصل ڪندا، جيڪو توهان چاهيو ٿا. قول: “ڪاميابي آخري نه آهي، ناڪامي موتمار نه آهي؛ اڳتي وڌڻ جي همت ئي اصل ڪاميابي آهي.”— ونسٽن چرچل

سينگار علي وساڻ/خيرپورميرس

شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو

اتر سنڌ جي وڏي تعليمي اداري لطيف سرڪار جي نالي سان منسوب شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جَي ميڊيا ۽ ڪميونيڪيشن  اسٽڊيز جي شاگردياڻي آهيان،  مون لاءِ شهيد راڻي بينظير ڀٽو رڳو هڪ نالو نه، پر جدوجهد، بهادري ۽ عورتن جي طاقت جو زندهه مثال آهي۔ 27 ڊسمبر 2007 تي جڏھن شهيد بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، تڏهن آئون ٻن ورھين جي هئس. اسان جيترو شهيد بينظير ڀٽو بابت ٻڌو، پڙهيو ۽ سمجهيو آهي، تاريخ ٻڌائي رھي آھي ته هوءَ هڪ بهادر، جرئتمند ۽ تاريخ ساز عورت اڳواڻ هئي. هوءَ صرف هڪ سياسي ليڊر نه هئي، پر جمهوريت جي علامت، مظلومن جو آواز ۽ عورتن لاءِ همٿ حوصلو جرئت هئي. ھو هر ڏکي گهڙي ۾ قوم سان گڏ بيٺي رھي ۽ ڪڏھن به قرباني ڏيڻ کان ڪين ڪيٻايو، ھن پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي به جمهوريت جي جهنڊي کي جهڪڻ ڪين ڏنو. شهيد راڻي اڄ به پاڪستان پيپلز پارٽي، سنڌ ۽ ملڪ پاڪستان جي عوام جي دلين ۾ زندهه آهي ۽ ھميشه رھندي،  سندس جدوجهد، قرباني ۽ قيادت ايندڙ نسلن لاءِ هميشه مشعلِ راهه رهندي.

اقرا سومرو

قبيلائي تڪرار: سنڌ جي امن لاءِ وڏو خطرو

سنڌ، جيڪا صوفين، درويشن، محبت، ڀائيچاري ۽ انساني همدردي جي ڌرتي طور سڃاتي وڃي ٿي، اڄ بدقسمتي سان قبيلائي تڪرارن جي باهه ۾ سڙي رهي آهي. اها ڌرتي، جتي شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ ٻين بزرگن انسانيت، صبر ۽ برداشت جا درس ڏنا، اتي اڄ بيگناهه ماڻهن جو رت وهڻ هڪ عام ڳالهه آهي. شڪارپور ۾ جتوئي ۽ مهر قبيلن وچ ۾ تازي تڪرار دوران ڄڃ مٿان ٿيل فائرنگ، جنهن ۾ گهوٽ سميت ٽي ڄڻا قتل ۽ پنج ڄڻا زخمي ٿيا، رڳو هڪ افسوسناڪ واقعو نه، پر سنڌ جي سماجي، قانوني ۽ رياستي ناڪاميءَ جو واضح ثبوت آهي.

قبيلائي تڪرار سنڌ ۾ ڏهاڪن کان زمين، پاڻي، واٽر ڪورس، سياسي اثر رسوخ، ذاتي انا ۽ غيرت جي نالي تي ٿي رهيا آهن. انهن تڪرارن ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان انهن ماڻهن کي ٿيندو آهي، جيڪي تڪرار جو حصو ئي ناهن هوندا. رياست کي بنا ڪنهن دٻاءَ جي قانون جي بالادستي قائم ڪرڻي پوندي. قبيلائي دشمنيءَ ۾ ملوث هر فرد خلاف سخت قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، ڀلي هو ڪيترو به بااثر ڇو نه هجي. قانون سڀني لاءِ برابر هجڻ گهرجي، ڇو ته چونڊيل انصاف، انصاف نه هوندو آهي. ٻيو ته عدالتن کي تڪرارن جي ڪيسن جي جلدي ٻڌڻي ۽ فيصلن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻو پوندو. انصاف ۾ دير، انصاف کان انڪار جي برابر آهي. جڏهن ماڻهن جو قانون تي اعتماد بحال ٿيندو، تڏهن ئي هو هٿيار کڻڻ بدران عدالت جو رستو اختيار ڪندا.

ايڊووڪيٽ زبير احمد عالماڻي/ٺاروشاھ