سنڌ اندر قبيلائي تڪرار: اصل ذميوار ڪير؟
سنڌ، جيڪا صوفين، امن، محبت ۽ ڀائيچاري جي ڌرتي سڏجي ٿي، اڄ قبيلائي تڪرارن، بدلن ۽ خوني جهيڙن جي ور چڙهيل نظر اچي ٿي. روزانو اخبارن ۾ ڪنهن نه ڪنهن علائقي مان قتل، جهيڙي يا قبيلائي ويڙهه جون خبرون شايع ٿين ٿيون. سوال اهو آهي ته آخر سنڌ اندر قبيلائي تڪرارن جو اصل ذميوار ڪير آهي؟ حقيقت اها آهي ته قبيلائي تڪرار ڪنهن هڪ فرد يا هڪ اداري جي غلطي نه پر اهڙي نظام جو نتيجو آهي، جيڪو صدين کان سنڌي سماج تي مسلط آهي. برطانوي دور ۾ “ورهائي حڪومت ڪر” واري پاليسي تحت جاگيرداراڻي ۽ قبيلائي نظام کي مضبوط ڪيو ويو. افسوس جو آزادي کان پوءِ به ان نظام کي ختم ڪرڻ بدران وڌيڪ طاقت ڏني وئي. قبيلائي سردار ۽ جاگيردار اڄ به ڪيترن ئي علائقن ۾ رياست کان وڌيڪ طاقتور نظر اچن ٿا. ڪيترائي تڪرار حل ڪرائڻ بدران، اهي سردار پنهنجي اثر، انا ۽ بالادستي برقرار رکڻ لاءِ تڪرارن کي وڌائين ٿا. سياستدانن جو ڪردار به هن معاملي ۾ انتهائي افسوسناڪ رهيو آهي. ڪيترائي سياستدان ووٽن ۽ سياسي فائدي لاءِ قبيلائي سردارن سان ٺاهه ڪن ٿا، ڏوهارين کي تحفظ ڏين ٿا ۽ تڪرارن کي حل ڪرڻ بدران انهن مان فائدو وٺن ٿا. اهو چوڻ بيجا نه ٿيندو ته قبيلائي تڪرارن جو اصل ذميوار رڳو سردار يا سياستدان نه، پر اهو سڄو نظام آهي، جيڪو ظلم، ناانصافي ۽ خاموشي تي بيٺل آهي.
اظھر سرور چانڊيو/ميھڙ
تاريخ ۾ تاحيات بقاءَ ڇاکي آھي؟
اھو ته ھر شخص بخوبي ڄاڻي ٿو ته زندگيءَ ھڪ سفر آھي ۽ ڪنھن نه ڪنھن موڙ تي موت جي صورت ۾ اھا الوداعي آٽوگراف سان پنهنجي آخري مقام تي پھچڻي آھي. ھاڻ ڳالھ اھا آھي ته پوءِ آخر انھيءَ مختصر زندگيءَ ۾ اھڙو ڇا ڪجي جنهن سبب ماڻھو صدين تائين ياد رکيو وڃي؟ دراصل تاريخ ۾ تاحيات بقاءَ ظاھري ٺٺ ٺانگر،دنياوي دولت،پروٽوڪول،نوڪر چاڪر وغيره کي نه پر علم، عقل، فھم فڪر سان سرشار انسان جي انسانيت دوست ڪردار کي آھي، مطلب اوھان وٽ ڌن دولت ڪيتري به ھجي اھا اوھان جي ذاتي زندگيءَ تائين ته محدود ھوندي پر اصل زندگي اھا آھي ته اوھان ھن سماج،پنھنجي وطن، ڌرتي ۽ پوءِ سڄي دُنيا جي مظلوم طبقن لاءِ ڪھڙو ڪردار ادا ڪيو ٿا. تنھن ڪري ڪوشش ڪري بي خوف ٿي ظلم، جبر، وحشت ۽ دھشت پوء چاھي اھا دنيا جي ڪھڙي به ڪنڊ ڇو نه هجي، ان کي نه رڳو نندڻ گهرجي پر پنهنجي وس آهر للڪاري پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن سڀاڻ تاريخ ۾ پاڻ ظالمن بدران مظلوم و محڪوم طبقي جي ساٿاري طور سڃاتا وڃون.
آفتاب سليمان لغاري
اڄ جو سماج: مرد ۽ عورت جي پيڙائن جو عڪس
اڄ جو سماج جديديت جي دور مان گذري رهيو آهي، پر اڃا تائين ڪيترن ئي غير منصفانه رواجن ۽ دٻائن جو شڪار آهي. جتي مرد ۽ عورت ٻئي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي پيڙهجي رهيا آهن. عورتون جنسي هراسمينٽ، گهريلو تشدد، تعليم ۽ روزگار ۾ عدم برابري ۽ وراثت کان محرومي جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهيون آهن. سڀ کان وڏو الميو اهو آهي ته سماج اڃا تائين پٽيل پائي سسٽم ۽ جاهلي رواجن مان نڪري نه سگهيو آهي، جتي رشتا زبردستي ڪرايا وڃن ٿا ۽ نياڻين جي ننڍپڻ ۾ شادي جهڙو ظلم سندن سڄي زندگيءَ کي تڪليفن سان ڀري ڇڏيندو آهي. ٻئي طرف مرد به مختلف پيڙائن کي ڀوڳي رهيا آهن. پڙهيل لکيل هجڻ باوجود بي روزگاري ميرٽ جي لتاڙ ڪرپشن ۽ سماجي دٻاءُ انهن کي نفسياتي طور ڪمزور ڪري رهيا آهن. مرد ۽ عورت ٻنهي جي تڪليفن کي برابر سمجهي، قانوني، سماجي ۽ اخلاقي بنيادن تي اهڙو ماحول پيدا ڪيو وڃي، جتي انصاف، احترام ۽ انساني همدردي کي اوليت حاصل هجي.
غلام قادر عيسيٰ نهڙي /گرهوڙ شريف
غربت
غربت سڄي دنيا جو مسئلو آھي جنھن جي ڪري انسان پنھنجي بنيادي ضرورتن کي به پورو نٿو ڪري سگھي ۽ ان جي ڪري انسان کي الائي ڪيترين مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو. غربت جي ڪري والدين پنھنجي ٻارن کي سٺي تعليم فراھم نٿا ڪري سگھن ۽ اھي اڳيان نٿا وڌي سگھن. ٻارن جي پڙھڻ جي عمر ۾ انھن کي مزدوري تي موڪليو ڇڏين. غربت جو سڀ کا وڏو ڪارڻ مھانگائي آھي جنھن جي ڪري غريب ماڻھو ڏينھون ڏينھن غريب ٿيندو پيو وڃي ۽ امير ڏينھون ڏينھن امير ٿيندو وڃي. غربت کي جيڪر روڪي سگھجي ٿو ته صرف تعليم جي ذريعي ان لا۽ جيترو ٿي سگھي تعليم حاصل ڪرڻ کپي ته جيئن مستقبل بھتر ٿي سگھي. ھڪڙي چوڻي آھي ته جيڪڏھن توھان غريب ٿي جنم وٺو ٿا ته خير آ پر توھان غريب ٿي مرو ٿا ته اھا اوھان جي غلطي آھي.
خميسو خان ٻجورو ٻيلو/سجاول