ڪاٺ سان ڀريل ٽريڪٽر ٽراليون ۽ وڌندڙ حادثا !!
گذريل ڏينھن عمرڪوٽ ڍورونارو روڊ تي لڳ ڀڳ رات ست بجي ڌاري موٽر سائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڍورونارو واسي زوهيب نيازي ۽ مير مرتضيَٰ ڪامريڊ ممتاز علي راجڙ فوت ٿي ويا. ظاھر آھي ته انھي ڪاٺ سان ڀريل ٽرالي جي ڀريل ڪاٺين کي سائيز کان ٻاھر رکيو ويو ھوندو ان ڪري اھو حادثو پيش آيو. اڳ ۾ پڻ اھڙا ڪيترائي واقعا ٿي چڪا آھن. پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارا، عمرڪوٽ جي مقامي سياست ۽ جاکوڙي اڳواڻ صرف پنھنجي سياست کي بيانن تائين محدود ڪري چڪا آھن. ھڪ انتقام جي سياست، ٻيو وري مال ميڙڻ جي سياست، پوليس کاتو صرف نالي ماتر ڪاروايون ڪري سندن ونگاري بڻيل آهي. ڪير به اھو سوچڻ لاء تيار ناھي ته رات جي وقت بُھه سان ڀريل ٽرڪون ۽ ڪاٺ واريون ٽريڪٽر ٽراليون ۽ تيز لائيٽون ھر روز ڪونڌر ڪھي رھيون آھن ۽ مسڪرائيندڙ گھر اجاڙي رھيون آھن پر ڪنھن به وس واري جي ڪن تي جونءِ به نٿي سري. ھن خطرناڪ سانحي ۾ شھيد ٿي ويل زوھيب نيازي ۽ مير مرتضيٰ راڄڙ کي الله پاڪ جنت الفردوس عطا فرمائي
عبدالغني عبد آريسر
سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙا ۽ انهن جا سبب
سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙا هڪ ڳنڀير سماجي مسئلو بڻجي چڪا آهن. قبيلائي جهيڙا گهڻو ڪري ذاتي اختلافن مان شروع ٿين ٿا، جيڪي وقت سان قبيلائي دشمني ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا. قبيلائي جهيڙن جو سڀ کان وڏو سبب زمين جا تڪرار آهن. وراثت جي غلط ورڇ، جعلي دستاويزن، سرڪاري رڪارڊ جي گهٽتائي ۽ حدبنديءَ جي مسئلن سبب جهيڙا جنم وٺن ٿا. جڏهن اهي مسئلا قانوني طريقي سان حل نٿا ٿين، ته ماڻهو هٿيار کڻي هڪ ٻئي آمهون سامهون اچي وڃن ٿا. ٻيو اهم سبب قبيلائي انا ۽ غيرت آهي. پراڻيون دشمنيُون به قبيلائي جهيڙن جو هڪ وڏو سبب آهن. قبيلائي جهيڙن کي وڌائڻ ۾ قانون جي ڪمزوري ۽ دير سان انصاف به اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ان کان علاوه، غير قانوني هٿيارن جي آساني سان موجودگي قبيلائي جهيڙن کي وڌيڪ خطرناڪ بڻائي ٿي. جهيڙن جي خاتمي لاءِ ضروري آهي ته قانون جي بالادستي کي يقيني بڻايو وڃي. انصاف بنا دير مهيا ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به اثر رسوخ کي برداشت نه ڪيو وڃي.
ظفر حسين ملاح
سنڌي ادب جو روشن ڏيئو پروفيسر ابراهيم لاشاري
سنڌ جي تعليمي ۽ ادب جي دنيا ، سماجي فضا ۾ ڪجھه نالا اهڙا آهن، جيڪي خاموشي سان پنهنجو ڪم ڪندا رهن ٿا، اهڙين شخصيتن مان هڪ نالو پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري جو آهي، جيڪو وارھ تعلقي جي ڳوٺ ميد شھيد جي معتبر شخصيت حاجي ڦوٽو لاشاري جي گھر خميس ڏينهن 1976ع ڌاري پيدا ٿيو. ابراهيم لاشاري جو واسطو هڪ اهڙي گهراڻي سان آهي، جتي علم، اخلاق ۽ سادگيءَ کي اهميت ڏني ويندي آهي. استاد جي حيثيت سان پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري جو انداز روايتي کان مختلف رهيو آهي. هو شاگردن کي رڳو نصابي علم تائين محدود نه رکندو آهي، پر کين سوال ڪرڻ، سوچڻ ۽ سماج کي سمجهڻ جي ترغيب ڏيندو رهيو آهي. سندس نظر ۾ تعليم جو اصل مقصد باشعور، ذميوار ۽ سٺا انسان پيدا ڪرڻ آهي، نه رڳو امتحان پاس ڪرڻ. اميد ته ھميشه سنڌي ادب جي خدمت ڪندو رھندو.
عليزا لاشاري/ وارھ
شراب خاني جي قيام سان نوجوان نسل تي پوندڙ منفي اثر
قاضي احمد ۾ قائم شراب خانو، جيڪو ڳتيل شهري آبادي ۽ تعليمي ادارن جي ويجهو موجود آهي، هن وقت نوجوان نسل لاءِ هڪ سنجيده اخلاقي، سماجي ۽ قانوني مسئلو بڻجي چڪو آهي. شراب سرعام وڪرو ڪيو وڃي ٿو. وڏي ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته هي شراب خانو ڳتيل آبادي ۾ قائم آهي اسڪولن ۽ تعليمي ادارن جي بلڪل ويجهو آهي روزانو شاگرد، نوجوان ۽ مقامي رهواسي ان جي اڳيان گذرن ٿا اهڙي ماحول ۾ شراب خاني جي موجودگي نوجوانن ۾ نشي ڏانهن لاڙو، اخلاقي قدرن جي زوال، ڏوهن، جهڳڙن ۽ سماجي بگاڙ، تعليمي ڪارڪردگي ۾ گهٽتائي، جهڙا خطرناڪ اثر پيدا ڪري رهي آهي، جيڪي مستقبل جي نسلن لاءِ انتهائي نقصانڪار آهن.
غلام حيدر بالادي