جيڪو ڏاڍو سو گابو
وينزويلا جي صدر کي زبردستي کڻي آمريڪا منتقل ڪرڻ عالمي سياست جي هن پراڻي حقيقت ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته دنيا ۾ هميشه حڪمراني طاقت جي رهي آهي. جيڪو ملڪ جيترو طاقتور هوندو، اوترو ئي سندس دٻدٻو ۽ اثر وڌيل هوندو. يعني جيڪو ڏاڍو سو گابو. آمريڪا شروعات کان ئي طاقتور رهيو آهي ۽ عالمي معاملن تي سندس اثر اڄ تائين برقرار آهي. پر هاڻي جيڪا تبديل ٿيندي نظر اچي ٿي، اها بين الاقوامي ادارن جي حيثيت آهي. گڏيل قومن يا سلامتي ڪائونسل جهڙا ادارا ڪنهن وقت اهم سمجهيا ويندا هئا، پر اڄ انهن جو اثر گهٽجندو وڃي. دنيا هاڻيقبضي جو ميدان بڻجندي پئي وڃي. جتي جنهن جو وس ھلندو، اتي اها زمين ۽ اهو ملڪ عملي طور سندس ڪنٽرول ۾ اچي ويندو. اھڙي طرح دنيا ۾ جنگيون جاري رهنديون، دفاعي طور بيوس بڻيل ملڪن خلاف طاقتور ڌرين طرفان ھٿيار استعمال ٿيندا رھندا، عام ماڻهو مرندا رهندا.
علي رضا سومرو /ڪراچي
سرديءَ جون موڪلون به هِڪُ رسم وَڃي رهيون آهن!
هتي پاڻ وٽ هر تعليمي سال ۾ جون ۽ جولاءِ ۾ گرميءَ سبب جڏهن ته ڊسمبر ۾ سرديءَ جي ڪري 10 ڏينهن سرڪاري توڙي خانگي تعليمي ادارا بند رهندا آهن. ڇاڪاڻ ته اُهي موڪلون موسمن جي نالن سان ئي مشهور آهن. هُجڻ به ائين گهرجي ته گرميءَ جون موڪلون گرميءَ دوران ۽ سرديءَ جون موڪلون سرديءَ جو زور ڏسي ڪرڻ گهرجن. گذريل ڪجهه سالن کان سرديءَ جنوري ۾ پنهنجي عروج تي هوندي آهي ۽ اُھا ڳالهه هاري طبقي وارا ماڻهوءَ به ذهن نشين ڪري ويا آهن، انھيءَ ڪري پهريون مهينو شروع ٿيندي ئي اُھي ڪڻڪ کي پاڻي ڏيڻ ڇڏي ڏيندا آهن. پر تعليمي نظام جا ذميوار ماڻهوءَ اُنھن ھارين کان ئي ويل آهن جو سرديءَ جي موڪلن جو اعلان بغير ڪَنهِن تحقيق جي هر سال ڊسمبر جي پڇاڙي ۾ ڪري ڇڏيندا آهن.
محمد يونس رند/مقصودو رند
سنڌ جي بهادر ليڊر: شهناز شيخ
سنڌ هميشه کان انهن شخصيتن جو مرڪز رهي آهي جن پنهنجن وسيلن، پنهنجي وقت ۽ پنهنجي جدوجهد کي عوام جي بهتري لاءِ وقف ڪيو آهي. اهڙين ئي شخصيتن ۾ نمايان نالو آهي شهناز شيخ جو، جيڪا نه رڳو خيرپور ميرس جو فخر آهي، پر سڄي سنڌ جي مزاحمتي سياست، سماجي خدمت ۽ انساني وقار جي علامت طور سڃاتي ٿي وڃي. تازو هن ڳوٺ قاسم ڪٽوهر جو دورو ڪري غريب ۽ وسيلن کان محروم ماروئڙن ۾ گرم بسترا ورهايا. هن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا، آواز دٻائڻ جون ڪوششون ٿيون، سياسي انتقام جا تير هنيا ويا، پر هوءَ هر ڀيري وڌيڪ همت سان اڀري ۽ ٻيهر ميدان ۾ اچي وئي. شهناز شيخ اڄ به ان ئي همت سان ڪم ڪري رهي آهي۔ هوءَ مظلومن لاءِ اميد جو مينار ۽ سياسي جبر خلاف بي آواز ماڻهن لاءِ آواز آهي.
وقار منڱريو/ خيرپور ميرس
سنڌ جي قديمي ماڳن جي بيحرمتي
سنڌ، جيڪا هزارين ورهين جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافتي ورثي جي امين آهي، اڄ پنهنجي ئي قديمي ماڳن تي سرعام ٿيندڙ بيحرمتيءَ تي بي وس نظر اچي ٿي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل تازين وڊيوز نه رڳو نئون ڪوٽ جي تاريخي قلعي جي حرمت کي لتاڙي ڇڏيو آهي، پر رياستي دعوائن ۽ ثقافتي حفاظت جي نعرن کي به وائکو ڪري ڇڏيو آهي. ثقافتي ورثو رڳو پٿر ۽ سرن جو ڍانچو ناهي هوندو، اهو قومن جي سڃاڻپ، تاريخي شعور ۽ اجتماعي يادگيريءَ جو امين هوندو آهي. جڏهن اهڙن ماڳن کي بي لغام ڇڏي ڏنو وڃي، تڏهن اهو رڳو هڪ قلعي جي نه پر پوري سنڌ جي توهين هوندي آهي. وقت اچي ويو آهي ته سنڌ حڪومت، ثقافت کاتو ۽ لاڳاپيل ادارا رسمي بيانن کان اڳتي وڌي عملي قدم کڻن، قلعي جي سيڪيورٽي سخت ڪن، ذميوار عملدارن خلاف ڪارروائي ڪن ۽ تاريخي ماڳن کي سندن اصل عظمت سان محفوظ بڻائن.
عاجز انور لاشاري
سال بدلجن ٿا، سوچ ڇو نه؟
سال جي تبديلي صرف تاريخن جو ڦيرو آهي، اصل تبديلي اندر مان جنم وٺي ٿي. جيستائين سوچ ساڳي رهندي، حالتون به ساڳيون رهنديون. اسين وقت کي الزام ڏيندا رهون ٿا، پر وقت اسان کي موقعو ڏئي ٿو—فيصلا اسان کي ڪرڻا هوندا آهن. جڏهن سوچ وسيع ٿيندي، ته رستا پاڻ کلي پوندا. ننڍي سڌاري سان به وڏو فرق پئجي سگهي ٿو: اڄ جي سٺي سوچ، سڀاڻي جي مضبوط عادت بڻجي ٿي. اچو ته هر نئين سال سان گڏ هڪ نئون ذهن به اختيار ڪريون—ڇو ته سوچ بدلائبي ته زندگي پاڻ بدلجندي ويندي.
اظھر سرور چانڊيو /ميھڙ