ڳوٺ الهبچايو خاصخيلي جي اسڪول کي سهولتون فراھم ڪيون وڃن!!
الهابچايو خاصخيلي اسڪول ۾ 200 کان وڌيڪ ٻار داخل آهن، تنهن هوندي به هن اسڪول جا ٻار سرد موسم ۾ به زمين تي پڙهڻ تي مجبور آهن. جنهن جو انهن جي صحت ۽ تعليم ٻنهي تي منفي اثر پئجي رهيو آهي. اسڪول ۾ فرنيچر جي وڏي کوٽ آهي. اسڪول ۾ ٻارن جو تعداد تمام گهڻو آهي، جنهن جي ڪري تدريس جو عمل تمام ڏکيو ٿي ويندو آهي. اسڪول کي فوري طور تي فرنيچر جي ضرورت آهي ته جيئن ٻار آرام سان ويهي پڙهي سگهن. ان کان علاوه، اسڪول کي واش روم ۽ پيئڻ جي پاڻي جي سهولت جي به ضرورت آهي. اسان ايم اين اي شازيه عطا مري، ايم پي اي ڄام شبير علي خان ۽ ڊي سي سانگھڙ کي درخواست ڪريون ٿا ته هن اسڪول لاءِ فرنيچر ۾ مدد ڪن.
رضا محمد خاصخيلي
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان خارج ڪيل بيواهه عورتون
وفاقي حڪومت پاران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان پوري ملڪ اندر ٽي لک جي لڳ ڀڳ مسڪين ۽ بيواه عورتن کي غير مستحق قرار ڏئي نالا خارج ڪري ڇڏيا آهن جيڪي هن وقت انتهائي پريشان آهن. جديد ٽيڪنالاجي ۽ ڪمپيوٽر نظام هوندي به اهي ٽي لک عورتون ڪهڙي طريقي سان شامل ٿيون ۽ وري اهي حقدار نه هئڻ ڪري خارج ڪيون ويون وفاقي حڪومت ۽ بسپ انچارج کي هڪ ننڍڙو عرض ٿو رکجي ته انڪم سپورٽ پروگرام مان صرف شھري علائقن نه پر سنڌ خاص طرح دادو ضلعي جي ڪاڇي جي ٻوڏ سٽيل تعلقي جوهي جون هزارين عورتون هن وقت پيسا بند ٿي وڃڻ سبب انتهائي پريشاني واري عالم ۾ مبتلا آهن اها سراسر ناانصافي آهي. بسپ چيئرمين کي عرض ته هڪ ڀيرو ٻيهر ڪاڇي خاص طرح جوهي تعلقي جو سروي ڪرايو وڃي جيئن اهي مسڪين ٻيهر پيسا کڻي ٻچن جو پيٽ پالي ۽ سٺي نموني ڪاروهنوار هلائي سگهن
محمد اسماعيل لانگاھ/ ڊرگھه بالا ڪاڇو
سرھاڙي شھر ۾ لائبريري جي سخت ضرورت
سرھاڙي شھر ڇھن وارڊن تي مشتمل شھر آھي جنھن جي آبادي پنجاھ ھزار جي لڳ ڀڳ ٿيندي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته شھر اندر نوجوانن لاءِ اڃا ڪا لائبريري قائم نـ ٿي سگھي آھي. سرھاڙي شھر ۾ ڪيترائي اسڪول، ڪاليج ۽ مدرسا موجود آهن، جتي سوين شاگرد تعليم حاصل ڪن ٿا، پر انهن شاگردن لاءِ مطالعي، تحقيق ۽ حوالن جي ڪتابن تائين رسائي محدود آهي. گهڻن شاگردن وٽ ذاتي طور ڪتاب خريد ڪرڻ جا وسيلا ناهن، اهڙي حالت ۾ لائبريري هنن لاءِ علم جو وڏو ذريعو بڻجي سگهي ٿي. لائبريري نه هئڻ سبب شاگرد صرف نصابي ڪتابن تائين محدود رهن ٿا، جنهن سان سندن ذهني صلاحيتون مڪمل طور تي اُڀري نٿيون سگهن. شھر ۾ هڪ معياري ۽ جديد لائبريري وقت جي اهم ضرورت آهي. حڪومت، مقامي انتظاميا ۽ شھر جي معزز ماڻهن کي گڏجي هن اهم ڪم لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. جيڪڏهن اڄ اسان لائبريري قائم ڪنداسين ته سڀاڻي سرھاڙي جو نالو علم، شعور ۽ ترقيءَ جي حوالي سان سڃاتو ويندو.
اسد زرداري/ سرھاڙي
سنڌ جا نوجوان ۽ بيروزگاري
سنڌ ڪيترن ئي مسئلن ۾ گهيريل آهي، پر انهن سڀني مان سڀ کان وڏو ۽ دل کي چيريندڙ مسئلو نوجوانن جي مايوسي آهي. اڄ سنڌ جا نوجوان بيروزگاري، ميرٽ جي بي رحماڻي قتل، نيپوٽزم ۽ شهري ۽ ديهي علائقن ۾ نوڪرين جي غير منصفاڻي ورڇ جو شڪار بڻيل آهن. اهي سڀ سبب گڏجي نوجوانن جي اميدن کي اهڙي طرح لتاڙي رهيا آهن، جو سندن مايوسي هاڻي خاموش نه رهي آهي، پر احتجاج جي بلند آواز ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. SPSC تي نوجوانن کي ميرٽ جي بنياد تي نوڪريون ڏيڻ جي ذميواري آهي، اڄ اهو ئي ادارو نوجوانن لاءِ اميد بدران اذيت بڻجي ويو آهي. هن اداري جي ناانصافين خلاف سنڌ جا نوجوان روزانو سوشل ميڊيا تي دانهن ڏيندي نظر اچن ٿا، پر افسوس جو انهن جي فرياد ٻڌڻ وارو ڪو به ناهي. اڄ سنڌ جو نوجوان هڪ تلخ سوال پڇي رهيو آهي: ڇا سنڌ حڪومت سنڌ کي به سري لنڪا، بنگلاديش ۽ نيپال جهڙين حالتن ڏانهن ڌڪڻ ٿي چاهي؟ جيڪڏهن نوجوانن جي خوابن ۽ اميدن جو قتل ائين ئي جاري رهيو، ته هي مايوسي صرف لفظ نه رهندي، پر هڪ وڏو طوفان بڻجي سگهي ٿي.
ڪرمنالوجسٽ اختر حسين هِنڱورو/ ڪي اين شاهه، دادو