پنهنجن جون چٺيون

سنڌ جي سرڪاري ادارن ۾ سفارش جي بازار گرم

سنڌ اندر ڪيترن ئي سالن کان وڏيرڪو ۽ شاھي نظام برقرار آ جنهن سبب ميرٽ ايماندار ۽ محنت ڪندڙماڻھو ھميشھ  پوئتي رھيا آھن. سنڌ جي ھر اداري ۾ پوءِ ايجوڪيشن ڊپارٽمنٽ  ھجي يا ھيلٿ ڊپارٽمنٽ، روينيو ھجي يا پوليس ڊپارٽمنٽ. سنڌ ۽ سنڌ جي ادارن جو نالو ۽ اعتماد ھميشھ  ٽٽندو ٿو رھي ھتي ڪرپشن جا ڏينهن ته ملھايا ٿا وڃن پر ڪڏهن به ڪنهن سفارش ۽ ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ عملي قدم ناھي کنيو. ھميشھ  ادارن جي ساک تي سوال اٿندا رھن ٿا. حالت اھا آھي ته ادارن ۾ جائز ڪم لاءِ به لکين رپين جي وصولي ڪئي ٿي وڃي. محنت ڪندڙن تي سفارش ڪندڙ حاوي آھن. اسان چاھيون ٿا ته اسان جي ادارن جي ساک ۽ ادارن تي ڀروسو قائم رھي ته اسان کي ايمانداري سان جيئڻو پوندو. ته جيئن محنت ڪندڙ ۽ ايماندار ماڻھن کي پنھنجي محنت ۽ ڪاٽيل تڪليفن جو اجورو ملي سگھي

صفدر  سولنگي/نوشھروفيروز

ليکڪ جي اندروني دنيا

ليکڪ جي اندروني دنيا تمام ڳجهي، حساس ۽ رنگين هوندي آهي. اها دنيا ظاهري نه پر باطني احساسن، مشاهدي، خيالن ۽ جذبن سان ڀريل هوندي آهي. ليکڪ جو قلم صرف لفظ لکندو ناهي، پر اهو دل اندر هلندڙ سوچن، احساسن، دردن، خوشين ۽ تجربن کي صفحن تي اوتي ڇڏيندو آهي. ليکڪ جي اندروني دنيا ان وقت ئي سمجهي سگهجي ٿي جڏهن سندس تحريرن اندر لڪل جذبات کي محسوس ڪيو وڃي. هو عام ڳالهه کي به اهڙي انداز سان پيش ڪندو آهي، جو پڙهندڙ جي دل تي سڌو اثر ٿئي ٿو.ڪڏهن ليکڪ جي دل ۾ سماج جي ناانصافي خلاف باهه هوندي آهي، ته ڪڏهن ڪنهن وساري ويل ياد جون صدائون هونديون آهن. هو خاموشيءَ مان آواز ڪڍي ٿو، لفظن مان تصويرون ٺاهيندو آهي. سندس قلم ڪنهن زخمن جو مرهم به بڻجي سگهي ٿو ته ڪنهن لاءِ آئينو به. ليکڪ جي اندروني دنيا کي صرف پڙهڻ سان نه پر محسوس ڪرڻ سان ئي سمجهي سگهجي ٿو.

رخسانه شفيع سومرو

 ايران ۾ وڳوڙ  دشمنن کي موقعو نه ملڻ گهرجي 

ايران ۾ وڌندڙ مهانگائي هاڻي رڳو معاشي مسئلو ناهي رهي پر سماجي وڳوڙ جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي. روزمرهه جون شيون عام شهري جي وس کان ٻاهر نڪري ويون آهن، جنهن سبب عوامي ڪاوڙ روڊن تي نڪري آئي آهي. مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ احتجاجن دوران تشدد وڌيو ۽ حالتون ڪنٽرول کان ٻاهر ٿيڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 35 ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ۽ گرفتار پڻ ٿيا آهن. هي صورتحال ايران لاءِ اندروني طور انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، ڇاڪاڻ ته مهانگائي، بيروزگاري ۽ پابندين جو بار سڌو سنئون عام ماڻهو ڀوڳي رهيو آهي. ٻئي پاسي ايران جي قيادت ان سموري صورتحال جو ذميوار آمريڪي پابندين ۽ اسرائيلي سازشن کي قرار ڏئي رهي آهي. هن صورتحال ۾ ايران لاءِ ضروري ٿي پيو آهي ته هڪ پاسي عوام کي رليف ڏنو وڃي ۽ ٻئي پاسي خارجي دٻاءَ جو سياسي ۽ سفارتي سطح تي مقابلو ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ دشمن قوتون هن بحران مان وڌيڪ فائدو کڻي سگهن ٿيون.

وفا ولي محمد ڦل /ڦل شهر

سنڌ جي صوفي بزرگن جو پيغام

سنڌ صوفين، بزرگن ولين ۽ درويشن جي ڌرتي رهي آهي، جتي صدين کان امن، محبت ۽ انسان دوستي جا پيغام عام رهيا آهن. سنڌ جي نامور صوفي بزرگ جيئندل فقير ڪلهوڙو المعروف شهيد بادشاهه جو ساليانو 183 عرس به امن ۽ دوستي جو پيغام ڏيندڙ آهي. هي محفلون سنڌي ثقافت جي سڃاڻپ بڻيل آهن، جيڪي دلين کي ويجهو آڻڻ جو ذريعو بڻجن ٿيون. انتظاميه جو ڀرپور تعاون رهيو، جنهن سبب ميلي کي پرامن نموني سان منقعد ڪيو ويو. ڳوٺاڻي ماحول ۾ اهڙا وڏا پروگرام علائقي واسين لاءِ وڏي خوشي جو سبب بڻجن ٿا. ميلي دوران ڳوٺاڻن لاءِ هي تقريب تفريح جو مرڪز بڻجي وئي، جتي ننڍا ٻار خوش نظر آيا، هر پاسي رونقون، مسڪراهٽون ۽ محبت جا منظر ڏسڻ ۾ آيا. واقعي اهو ميلو خوشين جا ڏينهن بڻجي ويو.

خواجا صدام حسين /احمدپور

سنڌ جاب پورٽل لاءِ تجويز

سنڌ جاب پورٽل تي ماهوار رپورٽ رکي وڃي ته ڪھڙن کاتن ۾ ڪيتري تعداد ۾ ڀرتيون ٿيون آھن ۽ ڪھڙي اسڪيل ۽ ڪھڙي ضلعي ۾ آھن. انھي سان گڏ اھو به واضح ڪيو وڃي ته 5 کان 15 اسڪيل سميت مختلف کاتن جي ويٽنگ لسٽ ۾ 40+ اميدوارن جو تعداد ڪيترو آھي ۔۔۔ ۽ انھن ۾ ڪيترا مرد ۽ عورتون آھن۔۔ ؟ پوءِ انھي تناسب سان ڀرتين جي طريقيڪار کي وڌيڪ بھتر بنائڻ لاءِ ھر ھڪ کاتي جي ويڪينٽ پوسٽن جو تعداد ۽ ويٽنگ لسٽ ۾ موجود اميدوارن جو تعداد پڻ ڊيش بورڊ تي ظاھر ڪيو وڃي ۔۔۔ ته جيئن سنڌ جا تعليم يافته نوجوان پنھنجي تعليمي قابليت ۽ صلاحيتن جو فائدو حاصل ڪري سگھن ۽ ڪنھن به ٺڳي. آسري ۽ وڪڙ ۾ اچي پنھنجو وقت ۔ توانائي ۽ پئسو ضايع نه ڪن.

نويد خان سومرو/راڌڻ اسٽيشن