يونيورسٽي ۾ داخلائن جو بحران
سال جي آخري ۽ سال جي شروعاتي مھينن ۾ ملڪ ۾، خاص طور تي سنڌ ۾ مختلف يونيورسٽين ۾ داخلائون ٿينديون آهن. هزارين شاگرد پنھنجي اميد،خواب ۽ خواهش سان فارم ڀريندا جنھن مان ڪي شاگرد يونيورسٽي تائين پهچي خوش ٿيندا ته ڪي وري يونيورسٽي جي انتظاميه ۽ انھن جي قانون ۾ ميرٽ، وسيلن ۽ ناانصافين سبب واپس پنھنجي گھر موڪليا ويندا. ھي مھينا شاگردن جي مستقبل جو فيصلو ڪندا آھن جيڪي مشڪل سان ميٽرڪ ۽ انٽر تائين ڏکين حالتن ۾ پڙهن ٿا سندن آخري خواهش يونيورسٽي هوندي آهي. پر محدود سيٽن، مهانگين فيسن ۽ رهائش جي مسئلن سبب ڪيترائي قابل شاگرد داخلا کان محروم رهجي وڃن ٿا. ان مسئلي ۾ خاص ڪري ڳوٺاڻن علائقن جا شاگرد وڌيڪ متاثر ٿين ٿا. ان ڪري سنڌ ۾ موجود يونيورسٽين کي اھڙا قدم کڻڻ گھرجن جن سان شاگردن جون زندگيون بـ محفوظ رھن ۽ پنھنجي تعليم کي به پورو ڪن.
عبدالحفيظ ڪنڀر/ ڳوٺ باقر خان نظاماڻي
ملڪ ۾ احتساب ڪير ڪندو؟
جڏهن کا اسان جو ملڪ وجود ۾ آيو آهي تڏهن کان پئي اسان جي رياست قوم کي اهو چوندي اچي ته هو دشمن کي ميري اک کڻڻ جي اجازت نه ڏيندي پر افسوس نه دشمن ميري اک رکڻ بند ڪئي نه اسان جي قوم کي متحد رهڻ ڏنو جو اڄ ان منزل تي اچي اسان جي قوم پهتي آهي ته اهو چوي پئي ته هو ڪنهن پنهنجي هم وطن کي اهو حق نه ڏيندي ته هو پنهنجي ملڪ جي فوج کان سوال ڪري ته آخر اها ان دشمن کي اڄ تائين پڪڙي ڇو نه سگهي آهي؟ ملڪ جي خيراتي ادارن جو به احتساب ٿيڻ گهرجي جيڪي قوم جي بک ڏک درد پيا کپائي ڪيش ڪن جيڪي قومي سانحن ۾ به پنهنجا دوڪان کولي اربين روپيه پيا قوم جي نانءُ تي وٺي لک پيا خرچ ڪري قوم کي جتائين جڏهن ته اها انهن جي سموري دولت قومي امانت آهي نه ڪي انهن جي بابي ڏاڏي جي ميراث جو ڪفن تي به پيا پنهنجو نانءُ لکن.
استاد جاويد هڪڙو/شڪارپور سنڌ
دادو ضلعي ۾ گذريل ارڙھن مھينن کان لاقانونيت
ھي اھو الميو آھي جنھن جي ڇانوَ ۾ قانون بيوس انصاف خاموش ۽ عوام لاچار نظر اچي ٿو. سڀ کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ حقيقت اھا آھي ته جن ھٿن کي امن قائم ڪرڻ گھرجي ھا اڄ انھن ئي ھٿن تي امن خراب ڪرڻ جا الزام لڳي رھيا آھن. بدقسمتي سان دادو آهستي آهستي ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ جي واٽ وٺي رهيو آھي پر اختيارين جي ڪنن تي جونءِ به نه ٿي سُري. اڄ دادو جا رستا بازارون ۽ ڳوٺ بي يقينيءَ جي احساس سان ڀرجي چڪا آھن ۽ دادو واسين لاءِ امن جھڙوڪر اڏامي ويل پکي ھجي جنھن جي واپسي لاءِ سڀني دادو واسين جون اکيون آسمان طرف واجھائي رھيون آھن. بدامنيءَ جي انتھا سبب ڪاڇي جا ميلا ملاکڙا ۽ ثقافتي ميڙ ويران ٿي ويا جنھن جو مثال تازو 160 سالن کان لڳندڙ بھليل شاھ جو ميلو آھي جيڪو قبيلائي تڪرار سبب ملتوي ڪيو ويو. ڪاڇي ۾ جتي ڪڏهن سرنھن جا گل ۽ لوڪ گيت گونجندا ھئا اتي اڄ خوف جي خاموشي ڇانيل آھي. پوليس سيڪيورٽي ڏيڻ کان لاچاري ڏيکاري رھي آھي ۽ عوام پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳو آهي. ان سموري عمل کي روڪڻو پوندو.
الطاف جمالي/ ٽنڊرو رحيم ڪاڇو
ڪنب جو جاکوڙي صحافي صفدر علي چانڊيو زندگيءَ موت جي جنگ وڙھي رھيو آھي
هميشه حق سچ لکندڙ، غريبن ۽ مسڪينن جو آواز بڻيل ڪنب جو بهادر صحافي صفدر علي چانڊيو هن وقت بيماري جي بستري تي زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهيو آهي. افسوس جو مقام آهي ته سنڌ حڪومت توڙي صحافتي تنظيمون هميشه بيمار صحافين کي نظرانداز ڪندي آيون آهن ۽ ڀاءُ صفدر علي چانڊيو به ان بي حسي جو شڪار آهي. غربت سبب هو مڪمل ۽ بهترين علاج ڪرائڻ کان محروم آهي. اسين سنڌ حڪومت کان پرزور گهر ٿا ڪريون ته بيمار صحافي صفدر علي چانڊيو جو سرڪاري خرچ تي فوري علاج ڪرايو وڃي. ساڳي وقت ڪوٽڏيجي تعلقي جي سرندي وارن ماڻهن کان به اپيل آهي ته ڀاءُ صفدر علي چانڊيو، جيڪو هميشه ڪنب ۽ ڪوٽڏيجي جي عوام جي حقن لاءِ آواز اٿاريندو رهيو آهي، ان جي مدد لاءِ اڳتي اچن.
وقار منڱريو/ خيرپور ميرس
تعليم روشني جو رستو
تعليم انسان جي زندگيءَ جو بنيادي حق آهي. تعليم ائين آهي جيئن سج جي روشني، جيڪا اوندهه کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي.جيتوڻيڪ دنيا ۾ گهڻا رستا آهن، پر تعليم وارو رستو انسان کي سدائين اڳتي وٺي وڃي ٿو. تعليم انسان کي سٺي سوچ، سٺي ڳالهه، ۽ سٺي زندگي جي سکيا ڏئي ٿي. جيڪو پڙهيل لکيل هوندو، اهو ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سمجهدار هوندو آھي. تعليم انسان جي اکين جو نور آهي. تعليم کان سواءِ انسان ڄڻ ته اکيون هوندي به انڌو آهي. تعليم نه صرف نوڪري لاءِ ضروري آهي، پر سٺي زندگي گذارڻ لاءِ به تعليم لازمي آهي. پڙهيل ماڻهو پنهنجي حقن کي سمجهي سگهي ٿو. هو ڪوڙ، ظلم ۽ ناانصافي خلاف آواز اٿاري سگهي ٿو. تعليم سان ئي ملڪ ترقي ڪندو آهي. جيڪڏهن اسان جا ٻار تعليم حاصل ڪندا، ته اهو ملڪ جو روشن مستقبل بڻجندا. تعليم سان ئي غربت،بيروزگاري، بدامني ۽ جهالت ختم ٿيندي. اسان جي ذميواري آهي ته اسان نه صرف پاڻ پڙهون، پر پنهنجن ٻارن کي به پڙهايون.
زاھد حسين الحسيني/ سرھاڙي