وفاق لاءِ نئون امتحان: 27 هين آئيني ترميم
پاڪستان جي آئيني ۽ سياسي تاريخ هڪ نئين موڙ تي اچي بيٺي آهي، جتي تجويز ڪيل 27 هين آئيني ترميم ملڪ جي وفاقي ڍانچي ۽ صوبائي خودمختياري بابت نوان سوال اٿاريا آهن. هي ترميم، جيڪا ظاهري طور تي “انتظامي سڌارن” جي نالي سان متعارف ڪرائي وئي آهي، دراصل 18 هين ترميم جي روح ۽ وفاقي توازن تي سڌو اثر وجهي سگهي ٿي. سوال اهو آهي ته ڇا هي قدم ملڪ کي وڌيڪ منظم ڪندو يا صوبائي خودمختياري کي وفاق ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو؟ اگر تنقيدي جائزو ۽ امڪاني نتيجن تي غور ڪيو وڃي ته 27 هين آئيني ترميم جا اثر رڳو قانوني نه پر گهرا سياسي ۽ انتظامي نوعيت جا آهن. هي ترميم ان توازن کي بگاڙي سگهي ٿي جيڪو 18 هين ترميم کان پوءِ قائم ٿيو هو.
ايڊوڪيٽ شھزاد علي رڪ
آئينو، اکيون ۽ خوبصورتي جو احساس
آئينو، اهو ننڍڙو شيشو، جيڪو انسان کي رڳو چهرو نه ڏيکاري ٿو پر ڪڏهن ڪڏهن سندس اندر جي سچائي به ظاهر ڪري ٿو. جڏهن ڪو ماڻهو آئيني جي سامهون بيهي ٿو، تڏهن اهو لمحو رڳو ڏسڻ جو نه هوندو پر محسوس ڪرڻ جو هوندو آهي. آئينو انسان کي اهو ياد ڏياري ٿو ته ظاهري حسن کان به وڌيڪ قيمتي اندروني روشني آهي. اکيون، جيڪي دنيا کي ڏسن ٿيون، سي سڀ کان وڌيڪ سچيون ٿين ٿيون جڏهن پاڻ کي ڏسن ٿيون. آئينو ۽ اکيون گڏ ٿين ٿيون، تڏهن ڄڻ ٻه دنيائون ملن ٿيون هڪ ٻاهرين صورت جي ۽ ٻي اندر جي احساسن جي.ڪڏهن آئينو مرڪ ڏيکاري ٿو، ڪڏهن اداسيءَ جو رنگ، ڪڏهن بي فڪريءَ جو عڪس، ته ڪڏهن محبت جو جمال. پر سڀ کان خوبصورت عڪس تڏهن پيدا ٿئي ٿو، جڏهن انسان پاڻ کان مطمئن هوندو آهي. شيشي جو ٺھيل آئينو اکين جي سامھون ھوندو آھي ۽ اھو چمڪندڙ شيشي جو ٽڪر وارو آ عيبدار جي چھري جا عيب ڏيکاريندو آھي ۽ خوبصورت ۽ صاف سنواريل انسان جي خوبي ڏيکاريندو آھي۔
مختيار علي بلوچ/ تنگواڻي
27هين آئيني ترميم ۽ سنڌ لاءِ خطرا
وفاقي حڪومت پاران آئين ۾ 27هين ترميم سينيٽ ۾ منظور ٿي چڪي آهي هن ترميم جو مقصد بظاهر “اختيارن جي منتقلي، گورننس سڌارن ۽ ادارن جي نئين ترتيب” ٻڌايو پيو وڃي. پر ان سان وفاقي حڪومت کي صوبن جي انتظامي معاملن ۾ وڌيڪ نگراني ۽ مداخلت جا اختيار ملندا۔ ڪجهه اهم ادارا (جهڙوڪ نيپرا، اوگرا، ۽ ڪائونسل آف ڪامن انٽرسٽس) کي سڌو وفاق جي ڪنٽرول ۾ ايندا. 27هين ترميم ذريعي صوبائي معاملن ۾ وفاقي نگراني وڌائڻ جو مطلب آهي ته صوبائي حڪومت جو پنهنجو فيصلو ڪرڻ وارو حق محدود ٿي ويندو. قدرتي گئس، ڪوئلو، ۽ بندرگاهه جي انتظام ۽ آمدنيءَ ۾ وفاق جي شراڪت وڌائڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، جيڪا سندھ جي اقتصادي حقن خلاف آهي۔ ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته هن ترميم جو اصل مقصد وسيلن ۽ اختيارن تي ڪنٽرول واپس اسلام آباد ڏانهن وٺي وڃڻ آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي عوام ۽ سياسي قيادت لاءِ ضروري آهي ته هو آئين جي وفاقي روح، 18هين ترميم ۽ صوبائي حقن جي تحفظ لاءِ گڏيل موقف اختيار ڪن.
ھمير گھمرو/ خيرپور
پيروسڻ جومھراج پنھل مارواڙي
سنڌ جي سوني مٽيءَ مان نڪرندڙ ڪيترائي نالا فن جي دنيا ۾ روشن ٿيا، پر جن سادگي، محنت ۽ سچائيءَ سان پنهنجو نالو ڪمايو، تن مان هڪ نالو آهي: مهراج پنھل مارواڙي. مهراج پنھل جو تعلق هڪ غريب گهراڻي سان آهي، پر سندس حوصلي، فن ۽ عزم کيس سڃاڻپ جي چوٽيءَ تي پهچايو. مارواڙي صاحب فن کي عبادت سمجهي ٿو. سندس هر سُر ۾ محنت ڪش ماڻهوءَ جو احساس، ڌرتيءَ سان محبت ۽ زندگيءَ جي جهيڙن جو درد سمايل آهي. جڏهن هو ڳائي ٿو، ته ڄڻ مارواڙ جون هوائون، ٿر جا ڪنارا ۽ سنڌ جي ڌرتي گڏجي هڪ سُر بڻجي وڃن ٿا. سندس فن جي خوبي اها آهي ته هو بنا ڪنهن وڏائيءَ جي، سادگيءَ سان ڳائي ٿو، پر اها سادگي ئي سندس سڃاڻپ بڻجي ٿي. هن اهو ثابت ڪيو آهي ته فنڪار جي وڏي دولت سندس فن ۽ خلوص آهي، نه ته شهرت يا سرمايو. مهراج پنھل مارواڙي جهڙا فنڪار سنڌ جي مٽيءَ جو فخر آهن، جيڪي پنهنجي فن ذريعي ماڻهن جي دلين ۾ اميد، محبت ۽ احساس جا سُر ڇڏي وڃن ٿا.
زاھد گل مجيداڻو/پيروسڻ