خبریں آپ کے لئے!

چاہتے ہیں جدید معلومات؟

ہمارا مقصد آپ کو تازہ ترین خبریں اور معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ کو اہم موضوعات پر جامع تجزیات اور بصیرت ملیں گے۔ آئے، اور اپنی معلومات کو بڑھائیں، ہم ہمیشہ آپ کی خدمت میں ہیں۔

مضامین کی فہرست

ہمارا مقصد آپ کو diverse موضوعات پر قیمتی معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ مختلف اہم موضوعات پر لکھے گئے مضامین کو تلاش کر سکتے ہیں، جو کہ آپ کی معلومات میں اضافہ کریں گے۔

اہم موضوعات

یہاں آپ کو اہم خبروں اور تجزیوں کا مجموعہ ملے گا، جو آپ کی روزمرہ کی زندگی اور معلوماتی ضروریات کے لئے مفید ہوگا۔ ہماری تمام تحریریں سادہ اور آسان زبان میں پیش کی گئی ہیں۔

ہماری تازہ ترین معلومات کے لئے سبسکرائب کریں

ہماری ویب سائٹ پر آپ کو تازہ ترین خبریں اور دلچسپ مضامین ملیں گے۔ ہمیں یقین ہے کہ آپ کو ہماری معلومات فائدہ مند لگیں گی۔ اس لئے، براہ کرم سبسکرائب کریں تاکہ آپ ہماری تازہ ترین اپ ڈیٹس سے باخبر رہ سکیں۔

ہمارے قارئین

عمومی سوالات

آپ کے عمومی سوالات کے جوابات یہاں موجود ہیں۔
کیا میں ویب سائٹ پر مواد شائع کرسکتا ہوں؟

ہماری ویب سائٹ پر موجود معلومات آپ کے علم میں اضافہ کرنے کے لئے اہم ہیں۔ ہم ہر سوال کا جواب دینے کی کوشش کر رہے ہیں۔ اگر آپ کو مزید مدد کی ضرورت ہو تو بلا جھجھک ہم سے رابطہ کریں۔

سوالات کے جواب آپ کی رہنمائی کے لئے مختص ہیں۔ ہماری کوشش ہے کہ آپ کو جلدی اور صحیح جواب فراہم کریں تاکہ آپ کے خدشات دور ہو سکیں۔

ہمارا ہدف اپنے قارئین کو معلومات فراہم کرنا اور ان کی تشفی کرنا ہے۔ اگر کوئی سوال یا تجویز ہو تو آپ ہمیں بتا سکتے ہیں۔

ہمیں امید ہے کہ آپ کو یہاں دستیاب معلومات مفید لگیں گی۔ آپ کی رائے اہم ہے اور ہم اسے خوش دلی سے قبول کریں گے۔

اگر آپ کو مزید وضاحت یا معلومات چاہیے تو ہمارے مضامین کو دیکھیں۔ ہم مفید اور واضح معلومات فراہم کرنے کا عزم رکھتے ہیں۔

آپ کی خبریں کہاں سے لیکر آتی ہیں؟

ہماری ویب سائٹ پر آپ کے سوالات کے جوابات دینے کے لئے ایک پریس سیکشن بھی ہے جہاں آپ اپنے سوالات پیش کرسکتے ہیں۔

اگر آپ کو مزید سوالات ہیں تو آپ ہمارے روابط سے ہم سے رابطہ کرسکتے ہیں۔ ہم آپ کی خدمت میں ہازر ہیں۔

ہماری معلومات ہمیشہ موجود رہیں گی۔ برائے مہربانی بار بار وزٹ کریں اور نئے سوالات بھیجیں!

ہم آپ کے سوالات کا خیر مقدم کرتے ہیں۔ آپ کی تشویشات اور مشورے ہماری رہنمائی کریں گے۔

مزید معلومات اور سوالات کے لئے ہمیشہ ہماری مدد لائین تک رسائی حاصل کریں۔ ہم آپ کی مدد کے لئے حاضر ہیں۔

پنهنجن جون چٺيون

قانون جي حڪمراني ڪٿي آھي؟

توڙي جو سڄو ملڪ کوڙ هٿراڌو بحرانن جي ڀونءِ بڻجي چڪو آهي پر سنڌ ۾ گذريل پندرهن سالن کان مٿي جاري ھي بدترين طرز حڪمراني اڄ سنڌ کي ھر قسم جي بحران جي آڙاھ ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي. ھر روز پوليس پاران عدالتن کان مٿانهان بيڏوھي ماڻھن جا قتل،قبيلائي تڪرار جي صنعت ۾ سڙندڙ اتر سنڌ جا معصوم ماروئڙا، ڀوتارڪي سوچ جي رکوالن وڏيرن پاران جاري سنڌ جي اصلوڪن وارثن جا قتل، بنيادي ضرورتن کان محروم بڻيل سنڌ جي عوام جا اڻکٽ اھنج وغيره اھي سڀ ھاڃا سنڌ جي مسڪين ماروئڙن جي لڙڪن، اڀ ڏاريندڙ انھن آھن ۽ دانھن سان چٽيل اڄوڪي سنڌ جي اھڙي ته ڀيانڪ تصوير چٽين ٿا جيڪا رڳو رت سان رنگين نظر ٿي اچي، جنھن ۾ سرڪار، قانون جي حڪمراني توڙي رياستي رٽ وغيره ڪٿي ته به نظر نٿي اچي. انتھائي افسوس جي ڳالهه آهي ته جتي ماڻھن جي جان و مال ئي محفوظ نه ھجي ته اتي باقي عوامي بنيادي ضرورتن جو پورائو ٿيڻ ڄڻ ته خواب بڻيل ھوندو آهي،سنڌ سرڪار عوام کي صحت، تعليم روزگار ته رھيو پنھنجي ماڳ پر ھاڻ جيڪڏهن رڳو عوام جي وجود جي بقاءَ کي يقيني بڻائي ۽ ھن قتل و غارت تي مڪمل ضابطو آڻي سگھي تڏھن به سندن قانون جي حڪمراني وارن اعلانن جو ڪو ڀرم باقي رھجي پوي.

آفتاب سليمان لغاري

سنڌ ۾ قتل آخر ڪڏهن بند ٿيندا؟

سنڌ، جيڪا صوفين، سچ ۽ امن جي ڌرتي سڏبي هئي، اڄ قتل جي خبرن سان سڃاتي پئي وڃي. هر ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن ڳوٺ، شهر يا وستي مان بيگناهه رت وهڻ جون خبرون سامهون اچن ٿيون، پر افسوس جو نه رياست جا ڪن  کڙا ٿين ٿا، نه قانون جا هٿ هلن ٿا. سوال اهو ناهي ته ماڻهو ڇو مري رهيا آهن، سوال اهو آهي ته قاتل ڇو زنده ۽ آزاد گهمي رهيا آهن؟ ڇا انساني جان جي ڪا قيمت نه رهي آهي؟ ڇا سنڌ جا ماڻهو رڳو انگ اکر بڻجي ويا آهن؟ ڪڏهن ڪارو ڪاري جي نالي تي، ڪڏهن زميني تڪرارن تي، ڪڏهن قبيلائي انا جي نالي تي ته ڪڏهن ڏوهن جي سرعام سرپرستي هيٺ، سنڌ ۾ قتل معمول بڻجي چڪو آهي. پوليس رپورٽون درج ٿيون، پر انصاف ڪڏهن به نه ٿو ملي. عدالتن ۾ ڪيس سالَ پيا لٽڪندا، شاهد ڊڄي خاموش ٿي وڃن ٿا ۽ ڏوهاري بااثر بڻجي وڌيڪ مضبوط ٿين ٿا. هي صرف قانون جي ناڪامي ناهي، هي رياستي خاموشي جو الميو آهي. اسان مطالبو ڪريون ٿا: بيگناهه قتلن ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي. سياسي ۽ قبيلائي سرپرستي جو خاتمو آندو وڃي. قانون سڀني لاءِ برابر هجي. سنڌ کي هاڻي تقريرن نه عمل جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اڄ به قاتل نه روڪيا ويا ته تاريخ معاف نه ڪندي.

اياز جروار/امن آباد

نصيرآباد شھر مان حد دخليون ختم ڪريو

نصيرآباد هن وقت شديد مسئلن جي ور چڙهيل آهي، جتي انتظامي نااهلي ۽ بي ڌياني سبب شهر ”ڏڪار ۾ ڏاٽو به ڏاند“ واري حالت اختيار ڪري چڪو آهي. مسئلا بيشڪ ڪيترائي آهن، پر انهن مان سڀ کان اهم ۽ تڪليف ڏيندڙ مسئلو حددخلين ۽ ناجائز قبضن سبب روڊ رستن جو سوڙهو ٿي وڃڻ آهي، جيڪو هاڻي شهرين جي روزمرهه زندگيءَ لاءِ عذاب بڻجي ويو آهي. نصيرآباد ۾ حد دخليون هاڻي ڪا معمولي شڪايت نه رهيون آهن، پر ماڻهن جي روزمرهه جي زندگيءَ جو مستقل سور بڻجي چڪيون آهن. سڀ کان وڌيڪ افسوسناڪ صورتحال تڏهن سامهون اچي ٿي، جڏهن انتظامي عملو غريب پورهيتن جي ريڙهن کي ڊوڙائيندو آھي. اهي پورهيت، جيڪي روز جو پورهيو ڪري پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالين ٿا، تن کان روزگار جو آخري سهارو کسي وٺڻ انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي آهي.  حد دخلين جو پائيدار ۽ انسان دوست حل اهو ئي آهي ته سبزي، فروٽ ۽ ٻين ريڙهن وارن لاءِ باعزت متبادل جڳهه مهيا ڪئي وڃي.

گلزار چنا/ نصيرآباد

شاهه لطيف آف ڀٽ شاهه

شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ سنڌ جو عظيم صوفي شاعر هو، جنهن پنهنجي شاعري وسيلي محبت، امن ۽ انسانيت جو درس ڏنو. شاهه سائين هميشه سچ، صبر ۽ ڀائيچاري جي ڳالهه ڪئي ۽ ماڻهن کي ظلم کان پري رهڻ سيکاريو. سندس ڪلام اڄ به سنڌ جي دلين ۾ زندهه آهي.

سهيل احمد زرداري/سرهاڙي

زرداري تي ايڏي ڪاوڙ

ماڻهن جي آصف علي زرداري تي ڪاوڙ آهي ته هن ملڪ لاءِ ڪجهه نه ڪيو، پر حقيقت ان جي ابتڙ آھي جو هن سياست شور سان نه، خاموشي سان ڪئي آھي. ملڪ جا ماڻهو ڪم کان وڌيڪ نعرا، تقريرون ۽ ٽڪراءُ ڏسڻ جا عادي آهن، جڏهن ته زرداري  مفاهمت، صبر ۽ نظام کي هلائڻ تي يقين رکندو رهيو. ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪيس ٻيهر کولرائي، ڀٽو کي بيگناهه ثابت ڪرايو، هي هڪ تاريخي قدم هو، پر ان کي ڪڏهن به جذباتي انداز ۾ پيش نه ڪيو ويو. صدر هوندي به پنهنجا اختيار گهٽائي ارڙھين ترميم  وسيلي صوبن کي حق ڏنائين، جيڪو ڪنهن به حڪمران لاءِ آسان فيصلو نه هو، ستين اين ايف سي ايورڊ ۾ سنڌ جو حصو وڌايو پر عوام ان کي طاقت ڇڏڻ بدران ڪمزوري سمجهي ويٺو. محترما بينظير ڀٽو جي نالي سان ادارا قائم ڪيا ويا. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام اهڙو منصوبو بڻيو، جيڪو اڄ عوام جي روزمرهه ٻوليءَ جو حصو آهي. هن تقريرن بدران فيصلا ڪيا، نعرا نه، نظام بچايو. ان ڪري ماڻهو اڄ به ناراض آهن، پر تاريخ شايد کيس انهن مان ڳڻيندي، جن خاموشي سان وڏا ڪم ڪيا.

منظورھاليپوٽو /ٽلٽي