ناجائز منافعو
اڄ جي سماج ۾ مارڪيٽ مان ڪا به شيءِ خريد ڪندي ماڻهو بي فڪري محسوس ڪري ٿو. کير هجي، دوائون هجن يا تعميراتي سامان، ذهن ۾ هڪ ئي خدشو گهمندو رهي ٿو: ڪٿي دوکو ته نه پيو ٿئي؟ هي بي اعتمادي رڳو فرد جو احساس ناهي، بلڪه سماجي زوال جي علامت آهي. هي رويو نئون ناهي. اڄ کان لڳ ڀڳ 2500 سال اڳ چين جي عظيم مفڪر ڪنفيوشيس هن مسئلي جي نشاندهي ڪئي هئي. هن ان کي “نفعي جو ڦندو” سڏيو. اڄ اسان جي چوڌاري اهڙا ڪيترا ئي مثال موجود آهن، جتي شارٽ ڪٽ ذريعي حاصل ڪيل دولت، شاندار گهر ۽ مهانگيون گاڏيون نظر اچن ٿيون، پر انهن جي بنياد ۾ اعتماد جي کوٽ آهي. ڪنفيوشيس هن سماجي بيماري جو علاج به پيش ڪيو. هن هڪ مثالي ڪردار جو تصور ڏنو، جنهن کي هو “Junzi” سڏي ٿو. Junzi اهو فرد آهي، جيڪو نفعي کان اڳ اصولن کي اهميت ڏئي ٿو، جيڪو واپار ۽ ڪم کي ذميواري سمجهي ٿو، ۽ جيڪو اڄ جي فائدي بدران مستقبل جي اعتماد کي ترجيح ڏئي ٿو. اصل ڪاميابي نفعو ڪمائڻ ۾ ناهي، پر اصولن سان گڏ نفعو ڪمائڻ ۾ آهي. ڇو ته جيڪو نفعو اصولن کان خالي هوندو آهي، اهو آخرڪار سماج لاءِ قرض بڻجي ويندو آهي، ۽ اهو قرض ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ وقت واپس وٺندو آهي
الھڏنو راھمون/ سجاول
سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي
سنڌ حڪومت هن وقت جنهن دور انديشي ۽ عوام دوست پاليسين سان ڪم ڪري رهي آهي، اها نه فقط ساراهه جوڳي آهي پر تاريخ ۾ هڪ مثال بڻجڻ جهڙي به آهي. سنڌ جي هر شعبي ۾ اهو تعليم، صحت، روڊن جي تعمير، نوجوانن جي سکيا يا غريب عوام جي سهائتا— حڪومتِ سنڌ جيڪا محنت، ايمانداري ۽ لگن سان قدم کڻي رهي آهي، ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته هي حڪومت پنهنجي ماڻهن سان صرف واعدا نٿي ڪري، پر انهن واعدن کي حقيقت ۾ بدلائڻ لاءِ ڏينهن رات جدوجهد ڪري رهي آهي. هن حڪومت جا فيصلا، هن حڪومت جو عوام جي تڪليفن ڏانهن حساس رويو، ۽ هن حڪومت جو هر ڪم ۾ شفافيت رکڻ جو عزم اهڙو آهي جو هر ماڻهو دل ئي دل ۾ تعريف ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃي.
ثمر عباس مري/سرهاڙي
27 رجب المرجب معراج مصطفيٰ
اڄوڪي رات 27 رجب المرجب خالق ڪائنات پاڪ پروردگار جل شانه پنهنجي پياري محبوب صليٰ الله تعاليٰ عليه وسلم کي پاڻ وٽ مهمان ڪري گهرايو ۽ کيس پنهنجو ديدار ڪرايو. نبوت جي ٻارهين سال حضور صلي الله عليه وسلم معراج سان نوازيا ويا. معراج جي مقصدن مان هڪ وڏو مقصد هي آهي ته پنهنجي محبوب حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم کي اهو عظيم مقام ۽ مرتبو ڏنو، جيڪو ڪنهن به انسان کي ۽ نه ڪنهن ويجهي فرشتي کي مليو آهي ۽ نه وري حاصل ٿيندو. ان سان گڏ معراج جو ٻيو مقصد امت مسلمه کي اهو پيغام پهچائڻ به آهي ته نماز هڪ اهڙو عظيم عمل ۽ عظيم عبادت آهي، جنهن جي فرضيت جو اعلان زمين تي نه، بلڪ معراج جي رات ستن آسمانن کان مٿي بلند مقام تي ڪيو ويو. سفر معراج جي دوران نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم کي جنت ۽ دوزخ به ڏيکاريو ويو. ان وقت نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم سان ٻين نبين جون به ملاقاتون ٿيون. دعا آهي ته الله پاڪ اسان کي محبوب صلعم جي نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين.
وفا ولي محمد ڦل /ڦل شهر
پير ڳوٺ ۾ امن امان کپي
پير ڳوٺ ۾ وڌندڙ قتل، ڦرن ۽ ڌاڙن جا واقعا آئينِ پاڪستان ۽ قانون جي سڌي خلاف ورزي آهن. آئينِ پاڪستان جو آرٽيڪل 9 هر شهري ۽ ڳوٺاڻي کي زندگي ۽ تحفظ جو بنيادي حق جڏهن ته آرٽيڪل 14 انسان جي عزت ۽ حرمت جي مڪمل ضمانت ڏئي ٿو. ڳوٺاڻا هجن يا شهري، سڀ پاڪستان جا برابر جا شهري آهن، جن کي بنا خوف جي زندگي گذارڻ، جان ۽ مال جي حفاظت ۽ امن سان رهڻ جو مڪمل قانوني حق حاصل آهي. رياست ۽ خاص طور پوليس تي فرض آهي ته هو ڏوهن جي روڪٿام ڪري، ڏوهارين خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪري ۽ عوام جي تحفظ کي يقيني بڻائي. اسان مطالبو ڪريون ٿا ته پير ڳوٺ ۾ فوري طور امن امان بحال ڪيو وڃي، قانون جي بالادستي قائم ڪئي وڃي ۽ ڳوٺاڻن ۽ شهرين جي آئيني حقن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي.
ھمير گھمرو /پير ڳوٺ
ڳوٺ ويساسر جي ٽٽل موري جي مرمت ڪرائي ڏيو
منهنجي ڳوٺ ويساسر جي روڊ تي ٺھيل موري ڪنھن به وقت وڏي حادثي جو سبب بڻجي سگھي ٿي. موري، جيڪا روڊ اسان جي ڳوٺ جي ترائي وچان ٿيندو ڳوٺ کيڪنيو ۽ پوءِ چيلهار ۽ مختلف ڳوٺن طرف وڃي ٿو، ان تي موجود آھي. هي موري گذريل ڪيئي سالن کان ٽٽي پئي آھي، موري ٽٽل هجڻ ڪري روزانو اسان جي ڳوٺ ڏانهن ايندڙ بسن ۽ ٻين گاڏين جو گذرڻ مشڪل ٿي پيو آهي. ڳوٺ وارن کي تمام گهڻي تڪليف کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ۽ ماڻهن جي زندگين کي سخت خطرو آهي ڪنهن به مهل ڪو ايڪسيڊنٽ هڪ وڏي سانحي کي جنم ڏئي سگهي ٿو. ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي ننڍين ننڍين ڍاڻين جا شاگرد وقت تي اسڪول نه ٿا پھچي سگھن ۽ مزدوري خاطر شهر ويندڙ مزدور به سخت مشڪلاتن جا شڪار آهن. وس وارن کي اپيل آهي ته ڳوٺ جي ٽٽل موري کي ٺهرائي ڳوٺ وارن کي ڪنهن وڏي سانحي کان بچايو.
راجا وِنَي ڀاناڻي/ ڳوٺ ويساسر تعلقو مٺي