سنڌ ۾ صحافين تي حملا: رياستي بي حسيءَ جو خطرناڪ مثال
ايس ايچ او ٺاروشاهه طرفان صحافي سان ڪيل بدسلوڪي هڪ انتهائي قابلِ مذمت عمل آهي. هي رويّو نه رڳو قانون ۽ آئين جي کليل لتاڙ آهي، پر صحافتي آزاديءَ تي سڌو حملو پڻ آهي. صحافين کي ڌمڪائڻ سان سچ کي دٻائي نٿو سگهجي، ڇو ته صحافت طاقت جو نه، پر حق جو آواز هوندي آهي. سنڌ صحافي اتحاد ضلع نوشهروفيروز، ضلعي صدر غلام شبير اڄڻ ۽ پريس ڪلب ٺاروشاهه جي صدر ڊي ايم شاهد سومرو سان گڏ، ٺاروشاهه ۾ ڪوريج دوران بدتميزي ڪندڙ بدمست ايس ايچ او اسلم لغاري ۽ وڏي منشي نواب ڏاهري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو. صحافت جو ڪم سوال ڪرڻ آهي، تصوير ڪڍڻ ۽ وڊيو ٺاهڻ جرم نه آهي. “وڊيو ڇو پيا ڀريو؟” جهڙا جملا دراصل خوف جي عڪاسي ڪن ٿا. سنڌ پوليس جو هي رويو، مجموعي طور رياستي ڪردار کي هٿي ڏئي رهيو آهي. صحافين سان بدتميزي، رڳو فرد تي حملو نه آهي، پر سڄي سماج جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي حق تي وار آهي.
وقار منڱريو/ خيرپور
ترقياتي بجٽ ۽ ترقياتي سوچ ۾ فرق
ڪافي عرصي کان ڏسندو پيو اچان ته يوسي چيئرمين سولر پليٽون، نلڪا، پکا ۽ سامان جا ٻاچڪا نه ٿا ڏين، شھرن ۾ قبضاخوري ۽ حددخلي وڌي وئي آھي، شھرن ۾ صفائي نه ٿي ٿئي، رستن، گھٽين ۾ ناقص مٽيرئل استعمال ٿو ٿئي. پوء آخر اھو پئسو ويندو ڪاڏي ھوندو ۔۔۔؟ دبئي ته ڪونه ويندو ھوندو ۔۔۔ ؟ نه ئي وري ڪنھن وڏيري جي اوطاق، ٿاڻي ۽ درگاھ تي خرچ ٿيندو ھوندو ۔۔۔ ؟ جڏھن ھڪ ننڍي شھر جي بجٽ به ڪروڙن ۾ ھجي ته ۔۔۔ ؟ سنڌ جي سڀني شھرن ۾ صرف يونين ڪائونسل جي بجٽ کي عوام جي سامھون ظاھر ڪيو وڃي ته پوءِ خبر پئجي ويندي. قومي خزانو عوام جي محنت جو پئسو آھي ۔۔۔ جتي به خرچ ٿئي اھو سڀ عوام جي فائدي لاءِ ھجي، سنڌ حڪومت کي گھرجي ته ضلعي، تعلقن ۽ شھرن جي ماھوار بجٽ کي ترتيب ڏئي ويب پورٽل تيار ڪرائي ۽ ھرھڪ يونين ڪائونسل کي آن لائن بجٽ، خرچ ۽ ڪارڪردگي ۾ رکيو وڃي جتي عام شھري به پنھنجي تجويز ۔شڪايت ۽ عرض پيش ڪري سگھن.
نويد خان سومرو
اقرارالحسن جي نئين سياسي پارٽي
نيٺ اهو شاهڪار اچي ويو جنهن لاءِ پهريان کان مشهور آ ته هو عسڪري رانديڪو آهي جيڪو وڏا وڏا ڪرتب ڏيکاريندو آهي. هن لاهور ۾ پنهنجي پارٽي ٺاهي ڄڻ سهيل وڙائچ جي ڪردار #ونڊربواءِ کي نروار ڪيو ته هو ئي آهي اهو گڏو جنهن کي عسڪري قوتن چاٻي ڏئي ملڪ ۾ نئين قيادت آڻڻ جو تجربو ڪرڻ لاءِ آندو آهي. سو ڏسون ته اهو رنگروٽ ڪهڙا ٿو ڦاڙها ماري جيڪي پراڻا پاپي نه پئي ڪري سگهيا جن جا ست نسل سياست رياست کي نه سمجهي سگهيا ۽ هر دفعي انهن زيردستن کي زبردست قرار ڏئي پنهنجو قد ۽ قدر گهٽائي اڄ پيا شرمسار ٿي ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺا آهن. سو هي اقرارالحسن ڇا ڪري سگهندو جڏهن عمران جهڙو دنيا جو مڃيل نالو قوم ملڪ کي ان زيردستن جي زبردستي کان نه بچائي سگهيو. اقرار الحسن اقرار ڪري ان پارٽي جي پيڙهه جو جهنڊو ڦڙڪايو آ جنهن جو منشور ۽ نظريو صرف عسڪري قوتن لاءِ قومي دولت مال غنيمت ڪري وقف ڪرڻ آ.
استاد جاويد احمد هڪڙو/شڪارپور سنڌ
جلال چانڊيو
جلال چانڊيو سنڌ جي لوڪ موسيقي جو عظيم فنڪار هو. سندس آواز ۾ سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبو ۽ درد جي سچائي سمايل هئي. هن سادن سازن سان ڳايل گيتن ذريعي ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي. جلال چانڊيو اڄ به پنهنجي سرن ۽ لفظن وسيلي سنڌ واسين جي دلين ۾ زندهه آهي.
سهيل احمد زرداري/سرهاڙي
سچل سرمست
سچل سرمست، جن جو اصل نالو عبدالوهّاب هو، 1739ع ۾ سنڌ جي شھر درازا (خيرپور) ۾ پيدا ٿيو ۽ پنهنجي سچائي ۽ صوفيانا فڪر سبب “سچل سرمست” جي نالي سان مشهور ٿيو، هو سنڌ جي عظيم صوفي شاعرن مان هڪ هو، جنهن محبت، انسانيت، رواداري ۽ وحدت الوجود جو پيغام پنهنجي شاعريءَ وسيلي عام ڪيو. سچل سرمست کي “ست زبان شاعر” سڏيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته هن سنڌي، سرائيڪي، اردو، پنجابي، فارسي، هندي ۽ بلوچي ٻولين ۾ ڪلام چيو ۽ هر ٻوليءَ ۾ پنهنجي فڪر جي خوشبو ڇڏي. سندس شاعري دلين کي جوڙڻ، نفرت ختم ڪرڻ ۽ انسان کي پنهنجي اصل سڃاڻ ڏيارڻ جو درس ڏئي ٿي. سچل سرمست 1829ع ۾ وڇڙي ويو، پر سندس مزار اڄ به درازا ۾ موجود آهي ۽ هزارين ماڻهو هن جي محبت ڀري تعليم مان روشني حاصل ڪن ٿا.
ثمر عباس مري/سرهاڙي