اڃا رڻ مان رڙ اچي پئي، متان سمجهين مئا مور سارا…!
فوجي عدالتن جي قيام کان وٺي فوجي عدالتن ۾ سويلين جا ٽرائيل ھلائڻ جي اختيارن سميت آئيني عدالتن جي قيام توڙي ڇويھين آئيني ترميم ۽ تازو ستاويهن آئيني ترميم جي نزول ٿيڻ تائين آنربل ججز سپريم ڪورٽ جن ۾ خاص طور جسٽس اطهر من الله، جسٽس منصور علي شاهه جو آئيني فيصلن بدولت سدائين آئين، انصاف ۽ عوام دوست ڪردار رھيو آھي، انھي آئيني بالادستي، جمھوريت ۽ قانون جي رکوالي قانون ۽ آئين جي تناظر ۾ ڪرڻ جي قيمت پڻ انھن آئين، ملڪ، جمھوريت ۽ عوام دوست باضمير ججز چڪائي آھي، جنھن جو مثال جسٽس منصور علي شاهه کي بطور چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جي عھدي کان سائيڊ لائين ڪرڻ ھو. پر ھنن باضمير ججن ھميشه انھن ھٿڪنڊن، سختين جو بھادري سان مقابلو ڪيو. تازو ھاڻ جڏھن جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله پنهنجي آئيني عھدن تان استعيفا ڏئي اھا تاريخ رقم ڪئي آھي، جيڪا ماضي ۾ عدالتي نظام کي پنهنجي منشا موجب ھلائڻ خلاف چيف جسٽس سپريم ڪورٽ چوڌري افتخار ڪئي ھئي، تنھن ڪري ھي استعيفائون آئين ۽ جمھوريت دشمن قوتن لاءِ يقيناً تاريخ جي اھا للڪار ثابت ٿينديون جيڪي ملڪي ھر اداري جيان عدالتن کي به آئين، انصاف، عوام، جمھوريت جي بالادستي قائم رکڻ لاءِ پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ بدران سموري عدالتي نظام کي نج ذاتي مفادن جي تحفظ لاءِ ڪتب آڻڻ ۽ مفلوج بڻائڻ لاءِ ڪوشان آهن.
آفتاب سليمان لغاري
سڪرنڊ ڪمانڊو سينٽر جون يادون
سڪرنڊ ڪمانڊو سينٽر ۾ گذاريل ٽي مهينا زندگيءَ جا اهڙا ڏينهن هئا، جيڪي وسرڻ مشڪل آهن. اهي ڏينهن ڏکيا به هئا پر ساڳئي وقت ساٿين سان گڏجڻ ڪري مٺا به لڳندا هئا. صبح سوير جڏهن اڃا سج به نه نڪرندو هو، تڏهن ٽرينر جي سيٽي ۽ آواز سان اک کلي ويندي هئي. ننڊ ڀريل اکين سان ڊوڙڻ، جم ڪرڻ ۽ سخت مشقون ڪرڻ، شروع ۾ ڏاڍو ڏکيو لڳندو هو. ڪڏهن لڳندو هو ته بدن جواب ڏئي ويندو پر ساٿين جي همت وڌائڻ سان گڏ اسان کي جيڪي استاد مليا، تن جي شفقت ۽ سکيا اسان لاءِ هميشه حوصلي جو سرچشمو رهي. انهن جي مهربان رهنمائيءَ اسان کي ڏکين مرحلن مان گذرڻ جي طاقت ڏني. ڏينهن جو سج تپڻ کانپوءِ به پگهر ۾ ٻڏندي ٽريننگ جاري رهندي هئي. هٿيارن جي ڄاڻ، حڪمت عمليون، ڊوڙون ۽ ٻين مشقن ۾ وقت ڪيئن گذري ويندو هو، خبر ئي نه پوندي هئي. شام تائين ٿڪاوٽ ايتري هوندي هئي جو لڳندو هو ڄڻ جسم ۾ طاقت ئي نه بچي آهي. پر اها ئي شام سڀ کان يادگار هوندي هئي. دوستن سان گڏ گذاريل اهي يادگار لمحات ۽ اسان جي استادن جي شفقت ڀري سکيا اڄ به ذهن ۾ تازا آهن. سڪرنڊ ڪمانڊو سينٽر جي اها سخت پر شاندار زندگي، هر وقت ياد اچي دل ۾ فخر پيدا ڪري ٿي.
درياخان بلوچ/ دادو
27 هين ترميم : عدليا جي آزادي تي وار!!
نيٺ صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي دستخط سان 27هين ترميم به پاس ٿي وئي جيڪا آئون سمجھان ٿو ته پاڪستان جي ايندڙ چند سالن ۾ عوام سان گڏوگڏ انھن حڪمران جماعتن جو به نھايت خراب حشر ڪندي جن هن کي منظور ڪرايو آهي ۽ پڻ جمھوريت ۽ عدليا جي بچيل سچيل آزادي مڪمل طور اسٽيبلشمينٽ پنھنجي مفادن وٽان ھڙپ ڪري چڪي آھي جيڪا ايندڙ وقت ۾ ملڪي سلامتي لاءِ نقصانده ثابت ٿي سگھي ٿي. عوام الناس شايد ان ڳالھه کان اڻواقف آھي ته ھن ترميم جي ذريعي اسٽيبلشمينٽ جيڪا فقط ھڪ مخصوص طبقي جي غلبي ۾ آھي سان ايئن ملڪ جو ستيا ناس ڪري رھي آھي جيڪا وڏو چئلينج بڻجندي. عدليا جي آزادي وئي ته باقي بچيو ڇا!! آئون سمجھان ٿو ته پوري ليگل فريٽرنٽي جيڪي آئين جي تحفظ جو احساس ۽ ھمدردي رکن ٿا انھن کي اڳڀرو ٿي عدليا جي آزادي جي لاءِ مستقل تحريڪ ھلائڻ کپي.
سرمد ابڙو / ڪراچي
واٽس ايپ— رڳورابطن جو ذريعو آهي
واٽس ايپ، جيڪو 2009 ۾ ٺهيو، اڄ دنيا ۾ سڀ کان گهڻو استعمال ٿيندڙ رابطن جو ذريعو بڻجي چڪو آهي. سرڪاري آفيسن ۾ پڻ ڪيترائي گروپ ٺاهيا ويندا آهن، پر انهن جو مقصد صرف رابطو ۽ فوري ڄاڻ ڏيڻ هوندو آهي— انهن کي ڪو حڪم يا مقدس درجو نه بڻايو وڃي. ڪجهه وقت کان هڪ غيرمناسب عمل ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي جيڪو آفيسر يا ملازم بدلي ٿئي ٿو، کيس واٽس ايپ گروپ مان بنا ٻڌائڻ ۽ بنا احترام جي رموو ڪيو وڃي ٿو. اهو رويو نه فقط غيراخلاقي آهي پر گڏيل ادبيات جي به خلاف آهي. منهنجي گذارش آهي ته: بدلي کانپوءِ هر ماڻهوءَ کي پاڻ گروپ ڇڏڻ جو موقعو ڏنو وڃي يا عهدو رکندڙ ايڊمن مهذب انداز ۾ ذاتي پيغام ذريعي کيس آگاهه ڪري، فوراً Remove ڪرڻ ڪنهن به طرح مناسب عمل ناهي. جيتري حد تائين مون کي ڄاڻ آهي، پاڪستان يا ڪنهن به صوبائي حڪومت واٽس ايپ کي آفيشل پليٽفارم طور ڊڪليئر ناهي ڪيو. تنهن ڪري مهرباني ڪري واٽس ايپ کي صرف رابطن جي سهولت لاءِ استعمال ڪيو ان کان وڌيڪ اهميت نه ڏيو.
شعيب احمد جاگيراڻي/ لاڙڪاڻو