پنهنجن جون چٺيون

14 فيبروري محبت جو عالمي ڏينهن !‎

ويلنٽائن ڊي، جيڪو روم مان شروع ٿيو ۽ سينٽ ويلنٽائن جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي، محبت ۽ وفاداري جو ڏينهن آهي. اڄ دنيا ۾ محبت جو عالمي جشن بڻجي چڪو آهي. محبت، هڪ فطري جذبو آهي، جيڪو انسان کي جبلت جي قابو کان آزاد ڪري، محبوب جي نالي نئون ڊرامائي ڪردار ادا ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو. سائين جي ايم سيد فرمائين ٿا ته محبت هڪ فرد کان شروع ٿي پوءِ ذات، قبيلي ۽ قوم، وطن تائين پهچي ٿي. جتي دنيا ۾ عورت کي محبوب سمجهيو ويندو هو، اتي لطيف عورت کي عشق جو اصل خالق بيان ڪري ٿو. محبت ۾ انسان ڪڏهن محبوب جي اڳيان بيوس ۽ لاچار محسوس ڪري ٿو، جتي عقل ۽ شرم پنهنجو اثر وڃائي ويهندا آهن، ۽ دل جون جبلتون پنهنجو پاڻ کي آزادي ڏئي محسوس ٿين ٿيون.

ثناءُالله جکراڻي/ڳوٺ علي شير جکراڻي

ايس ٽي ايس: امتحان ٿين ٿا اميدون ٽٽن ٿيون

سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪنهن هڪ لفظ نوجوانن جي زبان تي سڀ کان وڌيڪ ورجائجي ٿو ته اهو آهي بيروزگاري ۽ جيڪڏهن ان بيروزگاري جي علامت ڪنهن هڪ عمل سان جُڙي وئي آهي ته اهو آهي ايس ٽي ايس (SIBA Testing Service). هر سال هزارين نوجوان هٿن ۾ فائلون دلين ۾ اميدون ۽ اکين ۾ خواب کڻي ٽيسٽ سينٽرن تي پهچن ٿا پر واپسيءَ تي ساڻن گڏ صرف مايوسي، خاموشي ۽ ڊگهو انتظار هوندو آهي. ايس ٽي ايس کي شفافيت ۽ ميرٽ جو نعرو ڏئي متعارف ڪرايو ويو پر سوال اهو آهي ته ميرٽ آخر وڃي ڪٿي ٿي مري؟ ٽيسٽ پاس ڪرڻ کان پوءِ مهينا نه پر سالَ گذري وڃن ٿا نتيجا اچي وڃن ٿا لسٽون لڳي وڃن ٿيون پر نوڪريون ڄڻ ڪنهن اڻ ڏٺل هٿ قيد ڪري ڇڏيون هجن. نوجوانن سان اهو کليل ظلم ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته رڳو ٽيسٽ نه پر نتيجو به ڏنو وڃي. رڳو اشتهار نه پر نوڪري به ملي. رڳو تقريرون نه پر عمل ٿئي

ٻي صورت ۾ تاريخ اهو سوال ضرور پڇندي ڇا سنڌ پنهنجن پڙهيل نوجوانن سان انصاف ڪيو؟

خليل احمد لغاري/حاجي خان ڪاڇو

سرهاڙي شھر ۾ اسٽريٽ لائيٽون ناڪارا

سرهاڙي شھر جيڪو تاريخي حيثيت  ۽ واپاري سرگرمين سبب سڃاتو وڃي ٿو ۽  ڪڏهن روشن بازارن ۽ چست شھري زندگي لاءِ سڃاتو ويندو هو، پر انتظاميا جي لاپرواھي سبب رات جي وقت اونداهين جو شڪار بڻيل نظر اچي ٿو. شھر جي مختلف علائقن ۽ مک بازارن ۾ اسٽريٽ لائيٽون ڊگهي عرصي کان ناڪارا بڻيل آهن، پر لاڳاپيل ادارن جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي سري. هي مسئلو هاڻي رڳو سهولت جو نه رهيو آهي، پر عوامي سلامتي جو سنگين سوال بڻجي چڪو آهي. اونداهين جو فائدو هميشه سماج دشمن عنصر کڻندا آهن. سرهاڙي ۾ به اسٽريٽ لائيٽن جي بند هجڻ سبب چوري، ڦر ۽ ٻين ڏوهاري واقعن ۾ واڌ اچي رهي آهي. عوام ۾ خوف ۽ بيچيني وڌي وئي آهي، پر انتظاميا جي بيحسي سبب مسئلو حل ٿيڻ بدران وڌيڪ ڳنڀير ٿيندو پيو وڃي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته فوري طور تي شھر جي سڀني ناڪارا اسٽريٽ لائيٽن جي مرمت ڪئي وڃي، نيون ۽ جديد لائيٽون لڳايون وڃن ۽ مستقبل لاءِ مستقل سار سنڀال جو نظام جوڙيو وڃي.

اسد زرداري/ سرھاڙي

پرائيويٽ گروپ سان سلهاڙيل شاگردن کي به في ۾ رعايت ڏيو

سنڌ سرڪار ڪجهه سالن کان وٺي سنڌ جي سڀني تعليمي بورڊن کي سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري سطح تي في نه وٺڻ جو تاڪيد ڪيو آھي جيڪو ھڪ سٺو سنئوڻ آهي. پر افسوس ته جيڪي ٻارڙا مختلف سبب جي ڪري ريگيولر جي بنياد تي تعليم نه ٿا پرائي سگھن پر اھي تعليم پرائڻ جو جذبو رکن ٿا انهن کان سنڌ جا تعليمي بورڊ ڳريون فيون وصول ڪري رهيا آهن. بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن سکر ڪجھه ڏينھن اڳ پرائيويٽ فارم ڀرائيندڙ شاگردن توڙي شاگردياڻين کان 5410 رپيا في اوڳاڙي جو حڪم ڏنو  جيڪو غريب شاگرد ڪيئن ٿو ڀري سگهي؟ وزير تعليم سردار علي شاهه کي گذارش ته پرائيويٽ گروپ جي شاگردن کي پڻ فيس کان آجو ڪيو وڃي.

ستار سنڌي

سنڌ جا قومي شاعر غربت جي لڪير کان به هيٺ!

سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن سان هر حڪومتي دور جي ثقافت کاتي جي ٽيم جو رويو تقريبن هڪ جهڙو رهيو آهي، خاص ڪري بيمار اديبن، شاعرن، ليکڪن ۽ فنڪارن سان ثقافت کاتي طرفان اڍنگو رويو رکيو ويندو آهي، تڏهن ئي ته سنڌ جي هر ڪنڊ مان شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن پاران ثقافت کاتي کي بيماري وارن ڏينهن ۾ اپيلون ڪيون وينديون آهن. دادو ضلعي جا ٻه دادلا، قومي راڳي شاعر عاشق دادوي ۽ استاد هارون پنهور هن وقت غربت جي ليڪر کان به هيٺ آهن ۽ پيٽ گذر لاءِ به پريشان آهن، عاشق دادوي هن وقت ڳلي جي تڪليف سبب ڳائي نٿو سگهي ۽ گهر ٻاهران ريڙهي تي رانديڪا وڪرو ڪري رهيو آهي. استاد هارون پنهور دم جي تڪليف هئڻ سبب ڪا مزدوري به نٿو ڪري سگهي. هن وقت ٻنهي وٽ آمدني جو ڪو به ذريعو ناهي. ثقافت کاتي ٻنهي جي واهر نه ڪئي آهي، ثقافت کاتو ٻنھي جي سار لھي.

درياھ خان جهتيال/گلشن حديد