پنهنجن جون چٺيون

بردبار صحافي مير محمد سهتو جو وڇوڙو !!!!

صحافت جي دنيا اڄ هڪ جهوني ۽ باوقار نالي کان خالي ٿي وئي آهي، جڏهن اسان کان ڏور هليو ويو صحافي مير محمد سهتو. جيڪو نه رڳو پنهنجي قلم جي سچائي لاءِ مشهور هو پر پنهنجي شخصيت جي سادگي، نرم دلي ۽ حق ڳالهائڻ واري جرئت سبب به دلين جو ڌڻي هو. هن جو وڇوڙو نه صرف سندس خاندان لاءِ ڏک ۽ ويراني جو سبب بڻيو آهي پر پوري صحافتي برادري ۽ ادبي حلقن ۾ به هڪ وڏو خال ڇڏيو آهي جيڪو آساني سان ڀرجي نه سگهندو. مير محمد سهتو پنهنجي سموري حياتي صحافت کي عبادت سمجهيو ۽ پنهنجي پيشه ورانه ذميوارين کي هميشه ايمانداري، غير جانبداري ۽ اصولن سان نڀايو. هن جا لکيل ڪالم، رپورٽون ۽ تجزيا نه رڳو حالتن جو صحيح عڪس پيش ڪندا هئا پر سماج اندر موجود مسئلن کي بي خوف انداز ۾ اجاگر به ڪندا هئا. هو قلم جو سپاهي هو، سچ جو وڪيل هو ۽ حق جو آواز هو. هن جي وفات سان ڀريا ٽائون، ضلعو نوشهروفيروز ۽ سڄي سنڌ جي صحافت هڪ مهذب، ذهين ۽ تجربيڪار صحافي کان محروم ٿي وئي آهي. خدا پاڪ کان دعا آهي ته مرحوم جي مغفرت فرمائي، کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري ۽ سندس فرزندن شاهد مير سهتو ۽ سراج مير سهتو  سميت ڏکويل خاندان  کي صبر جميل عطا فرمائي.آمين

وفا ولي محمد ڦل/  ڦل شهر

1983ع ۾ قيد ۽ ڏھ ڦٽڪن جي سزا ڪاٽيندر زاھد حسين خواجه؟؟؟؟

تلھار ۾ سياست ڪڏهن طوفان ته ڪڏهن ماٺار واري رهي آهي. جن باخوبي سياسي طوفان برپا ڪيا، تن ۾ مرحوم فدا حسين خواجه جا ٻار زاھد حسين خواجه ۽ نادر حسين خواجه پڻ شامل آهن. زاھد حسين خواجه پهريون آڪٽوبر 1961ع تي مرحوم فدا حسين خواجه جي گهر ۾ جنم ورتو. انٽر ڪاري موري ڪاليج حيدرآباد مان ڪئي. پڙهائي دوران، 22 سالن جي ڄمار ۾ هن سپاف ۾ شموليت اختيار ڪئي. پوءِ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو. ايم آر ڊي جي جدوجهد 1983ع دوران گرفتار ٿيو. کيس هڪ سال قيد، ڏهه هزار رپيا ڏنڊ ۽ ڏهه ڪوڙن جي سزا ملي. 1990ع ۾ وڏي اليڪشن ۾ کيس ٽڪيٽ ڏئي واپس ورتي وئي. پوءِ مسلم ليگ ن ۾ شامل ٿيو. 1997ع کان پوءِ هو آزاد حيثيت ۾ رهيو. زاھد حسين خواجه پنهنجي فارم هائوس تي جانور گڏ ڪيا آهن. نسلي مينهون ۽ ڍڳيون پالڻ هن جو شوق ۽ عشق بڻجي ويو. اڄ به زاھد حسين خواجه سياست کان پري رهي، فقط جانورن سان محبت کي ئي بهتر سمجهي ٿو.

عاجز انور لاشاري

ڪهاڻي‎

دوست : پپو هل ته هلون وڪيلن جو پروگرام آهي برياني به هوندي کائي مزو ڪنداسين.

پپو : نه ابا مان وڪيلن جي برياني کان توبهه ڪئي.

دوست : ڇو پپو اڙي هل مفت جي برياني هوندي ٻڌو آهي وڪيل برياني ۾ گوشت به جام وجهندا آهن.

پپو : اڙي يار لڳي ٿو تو وڪيلن جي سکر واري برياني نه کاڌي آهي ڪلهه جيڪا وڪيلن نوابشاهه وارن کي پروگرام ۾ کارائي. ويڊيو ڏسڻ کان بعد منهنجي وڏن به توبهه ڪئي جو ڪڏهن ڀلجي به برياني جي چڪر ۾ وڪيلن جي پروگرام ۾ وڃان.

دوست : پپو وڪيلن ڇو ائين ڪيو ؟

پپو : هاهاهاها يار وڪيل ڀلا ماڻهو آهن پر ڇورا هڪ مفت جي برياني کائڻ ويا وري انگل پيا ڪن ته تقرير ۾ اسان جي ابي مامي چاچي کي ڇو ٿا ڳالهايو…

مان ڪونه ٿو هلان ابا مون کي پنهنجو منهن ۽ ڳچي پياري آهي

عظيم حسن ميتلو

ڪڏهن پيءُ کان آمدني پڇا ڪئي ٿئي

جڏهن  ميٽنگ شروع ٿي اسان جي اڳيان اداري جو نئون ھيڊ اداري جي سڌاري لاءِ پنهنجي حڪمت عملي پيش ڪري  رھيو ھو. سندس چوڻ مطابق مون کان پھريان چانھه تي ڪم ھلي رھيو ھو. مون ڪجهه ضروري شين جھڙوڪ ٿڌي پاڻي، سولر جي پکن جي ضرورت طرف ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. مون کي اھو چئي چپ ڪرايو ويو ته وچ ۾ نه ڳالهايو. ھڪ ٻئي استاد  اسڪول جي بجيٽ جي  ڳالهه ڪئي تنهن تي صاحب جو منهن گلابي ٿي ويو . چيائينس ڪڏهن پنهنجي پيءُ کان بجيٽ پڇا ڪئي اٿئي! صاحب بلڪل صحيع آهي ته  اهو سوال ڪرڻ جو ڪنهن به استاد کي حق نه آهي ڇو ته  ان لاءِ الڳ ادارو موجود آهي. پر ڇا ان انتظامي ھيڊ ڪڏهن اھو سوچيو آهي ته اھو استاد اهو سوال ڪرڻ تي مجبور ڇو ٿيو؟ چون ٿا ته استاد پيءُ مثل ھوندو آهي شايد جنهن استاد سوال ڪيو ان کي پنھنجا شاگرد پنهنجي اولاد وانگي پيارا آهن ڇو ته چار ڪلاس ھڪ ڪمري ۾ جتي لائيٽ نه ھجي ٿڌي پاڻي جو انتظام نه ھجي پنجاهه ڊگري گرمي ھجي انتظامي نااھلي تي استاد جو فرض ٿئي ٿو ته هو سوال ڪري. ان ھيڊ کي به اھا ڳالهه معلوم ھجڻ گھرجي ته استاد شاگردن کي به پنهنجو اولاد سمجهي تعليم ڏئي رھيو آهي.

اعجاز بلوچ