پنهنجن جون چٺيون

سيھڙ جي تعليم: فوٽو سيشن کان فنڊن جي جھيڙن تائين

سيھڙ ۾ تعليم جو حال ڏسي دل ڏکي ٿي. تعليم جيڪا قومن جي تقدير سنوارڻ جو ذريعو ھوندي آھي، سا ھتي رڳو فوٽو سيشن ۽ رسمي تقريبن تائين محدود ٿي وئي آھي. اسڪولن ۾ اصل ڪم ڪرڻ بدران ڪيمرائن آڏو ڪارڪردگي ڏيکارڻ کي ڪاميابي سمجھيو وڃي ٿو، جيڪو انتهائي افسوسناڪ عمل آھي. ٿيڻ ائين گھرجي ته اسڪولن ۾ چٽا ڀيٽي مقابلا، تقريرون، مضمون نويسي، سائنسي نمائشون ۽ راند روند جا پروگرام باقاعدگي سان ڪرايا وڃن، جيئن شاگردن ۾ مقابلي جو جذبو پيدا ٿئي. محنتي استادن کي سندن ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ايوارڊ ڏنا وڃن. پر بدقسمتي سان سيھڙ ۾ تصوير ابتڙ نظر اچي ٿي، ھتي محنتي ۽ ايماندار استادن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، جڏھن ته سياسي اثر رکندڙ گوسڙو استادن کي نوازيو وڃي ٿو. اسڪولن جي ايس ايم سي (School Management Committee) فنڊن تي جھيڙو آھي. سيھڙ جي تعليم کي بچائڻ لاءِ ضروري آھي ته سياسي مداخلت ختم ڪئي وڃي، ميرٽ کي اوليت ڏني وڃي ۽ استادن جي حقيقي ڪارڪردگيءَ کي ساراھيو وڃي. تعليم سان سمجھوتو ڪرڻ دراصل ايندڙ نسلن جي مستقبل سان کيڏڻ برابر آھي.

نثار سرگاڻي/ سيھڙ

ڪفن ۾ کيسو ناهي هوندو

اڄ جي دور ۾ جڏهن طب کي انسانيت جي خدمت جو سڀ کان مقدس پيشو سمجهيو ويندو آهي، اتي ڪي اهڙا رويا به سامهون اچن ٿا، جيڪي دل کي ڏکائين ٿا. ڪجهه ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻيون ۽ ڪجھه خانگي اسپتالون پئسن جي لالچ ۾ اهڙا فيصلا ڪن ٿا، جيڪي نه رڳو طبي اصولن جي خلاف آهن، پر انسانيت جي روح کي به زخمي ڪن ٿا. نارمل ڊليوري جيڪا قدرتي ۽ محفوظ طريقي سان ٿي سگهي ٿي، ان کي بنا ضرورت آپريشن ۾ تبديل ڪيو وڃي ٿو صرف ان ڪري جو آپريشن ۾ فيس وڌيڪ آهي، خرچ وڌيڪ آهي ۽ منافعو وڌيڪ آهي. هڪ ماءُ جيڪا پنهنجي ٻار جي جنم جي خوشي کڻي اسپتال پهچي ٿي، واپس ايندي آهي ته خوشي سان گڏ هڪ ڳرو بوجھه به کڻي اچي ٿي قرضن جو جنھن جي ڪري سمورو خاندان عذاب ڀوڳي ٿو. اسان کي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته ڪفن ۾ کيسو ناهي هوندو. جيڪي دولت لاءِ ٻين جي مجبوريءَ سان کيڏن ٿا، اهي شايد ڪجهه وقت لاءِ خوشحال ٿي وڃن، پر تاريخ ۽ سماج سندن عملن کي ڪڏهن معاف نٿو ڪري.

اشرف شاد ملاح/جاتي

ڪارڪردگي يا سفارش؟ پي ايس ايل جي چونڊ تي وڏو سوال!

ھميشه جيان ھن ڀيري به پاڪستان سپر ليگ ۾ ٽيلينٽ ۽ ڪارڪردگي کي نظر انداز ڪندي دوستي ياري ۽ پرچي سسٽم کي جاري رکيو ويو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ به ڏيھي توڙي پرڏيھي ڪرڪيٽ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن ۽ ميرٽ تي ايندڙ رانديگرن کي نظرانداز ڪري ناانصافي ڪندي رھي آھي. ڏيھي ڪرڪيٽ ۾ سنڌي رانديگرن جو تعداد نه ھئڻ برابر آھي. ھن سال 8 ٽيمون شامل ڪري پاڪستان سپر ليگ کي ملڪ جو سڀ کان وڏو ڪرڪيٽ برانڊ بڻائي دنيا آڏو پيش ڪيو آھي پر 11 سال گذرڻ باوجود به سنڌي ڳالھائيندڙ رانديگر سان ساڳيو ئي سلوڪ برقرار رکيو ويو آهي. تازو ئي سپر ليگ جي 11 ايڊيشن لاءِ رانديگرن جي خريداري ۾ ڪنھن به ٽيم سنڌي ڳالھائيندڙ رانديگر کي خريد ڪرڻ مناسب نه سمجهيو جيتوڻيڪ شاهنواز ڏاھاڻي، زاهد محمود، محمد سليمان، مشتاق ڪلهوڙو، عامر بروهي ۽ عامر علي ٿھيم جھڙا باصلاحيت رانديگر پنھنجي ڪارڪردگي ڏيھي توڙي پرڏيھي قومي ۽ ليگ ڪرڪيٽ ۾ ثابت ڪري چڪا آھن. جيڪڏهن قومي ليگ ۾ ڪجهه علائقن جا رانديگر ئي نمايان ٿين ۽ ٻين صوبن جا نوجوان مسلسل ٻاهر رکيا وڃن ته نوجوانن جي ذھنن ۾ منفي سوچ پيدا ٿيندي.

سمير ساگر قريشي/حيدرآباد

سنڌ ۾ امن کي عزت ڏيو ڌاڙيلن کي نه!

دنياعزتدار کي سلام ڪندي آهي پر بدنصيبي سنڌ  جي جو هاڻي ته ڌاڙيلن کي اهو پيغام رياست پاڻ ڏنو آهي پيش پئو ۽ انعام وٺو سڀ خون معاف سڀ رهزنيون معاف ويتر توهان کي ٽوپي اجرڪن جا تحفا ساڻ وڏا وڏا انعام ڏئي قانون جي سزا کان معافي ڏياري ڪچي مان شهرن طرف آباد ڪرڻ جا وسيلا ڏنا ويندا. جنهن جو سبب اهو بڻيو جو اڄ سنڌ جا شهر به گهٽي گهٽي پئي هوائي فائرنگ سان گونجي ۽ لٽ مار پئي ٿئي. اسان جي سنڌ کي جيڪڏهن انهن ڏوهارين کان پاڪ ڪرڻو آهي ته الله جي واسطي سنڌ جا اسڪول بڻايو ۽ تعليم ڏياريو جو تعليم ئي واحد هٿيار آھي جنهن سان سنڌ بچي سگهي ٿي ۽ اسڪولن تي قابضين تي فوجداري ڪيس داخل ڪري جلد سزا ڏياري وڃي جو اهو هر انسان جو بنيادي حق آهي جيڪو ان حق کان روڪي ان کان وڏو ڏوهاري ڪوبه ناهي.

 استاد جاويد احمد هڪڙو شڪارپور سنڌ