پنهنجن جون چٺيون

عمرڪوٽ جو  امن، وڌندڙ ڌاڙا ۽ پريشان واپاري

عمرڪوٽ ميرپورخاص ڊويزن جو سرگرم ۽ وسيع ضلعو آھي، جتي جا پکي ڪنهن دور ۾ آزاد فضا ۾ پنھنجو جيون گذاريندا ھئا، جتي جا ماڻھو بي خوف ٿي رستن تي گھمندا ھئا، ان عمرڪوٽ کي ھٿ وٺي تباھي ۽ فاقاڪشي ڏانھن ڌڪيو پيو وڃي، جتي جو امن سياسي طور خراب ڪري انتشار وڌايو ويو آهي، ان جي پٺڀرائي ڪندڙ سياسي ماڻھو، منشيات فروش يا تڪڙي شھرت حاصل ڪندڙ ونگاري ڪري رهيا آهن. ھتان جو واپاري طبقو خاص ڪري ھندو ڪميونٽي خوفزده آهي،ڪيترائي واقعا رونما ٿي چڪا آهن، پر گذريل ڏينھن سونارن جي دڪانن مان چوري وارو واقعو سنگين آهي. ھي صرف ٻن واپارين جي ڦر ناھي ھي ڦر انھن ھزارن سنڌ جي بيوسن نياڻين جي ۽ ھزارين خاندانن جي ٿيل ڦر آھي جن پنھنجي خوابن کي ۽ مجبورين کي اڳتي ڌڪڻ لاءِ وسيلو بڻايو ۽ مجبوري ۾ انھي سون کي سونارن وٽ رکي في الحال وقت کي ڌڪو ڏنو ھوندو. واقعي جي جانچ کي وسيع ڪري انھن سازشي عنصرن ۽ ڌاڙي ۾ ملوث ڪردارن کي وائکو ڪري گرفتار ڪيا وڃن ته جيئن ھتان جي ماڻھن مان خوف ۽ بي چيني ختم ٿي سگھي.

عبدالغني عبد آريسر

محنت جو ڦل‎

شاگرديءَ جو دور هر انسان جي زندگيءَ ۾ بنياد جيان هوندو آهي. ڪجهه شاگرد حالتن تي شڪايت ڪن ٿا، ته ڪجهه اهڙا به هوندا آهن، جيڪي حالتن کي مات ڏئي تاريخ لکندا آهن. اهڙن ئي شاگردن مان هڪ آفتاب هو—هڪ سادو، غريب پر غير معمولي همت رکندڙ نوجوان. آفتاب وٽ نه وڏا وسيلا هئا، نه ئي ڪابه سهولت. اسڪول کان پوءِ ڪم ڪري گهر جو خرچ هلائيندو ۽ رات جو ڏيئي جي روشني ۾ ڪتاب کوليندو. وقت گذريو، امتحان آيا، مقابلو سخت هو—پر آفتاب جي محنت مضبوط هئي. نتيجي واري ڏينهن جڏهن هن جو نالو “منتخب اميدوارن” جي لسٽ ۾ سڀ کان مٿي لکيل ڏٺو ته سندس اکين ۾ اُها خوشي چمڪي، جيڪا صرف محنت ڪندڙ محسوس ڪندا آهن. اڄ آفتاب هڪ آفيسر طور خدمت ڪري رهيو آهي. سندس ڪهاڻي اسان کي هڪ ئي سبق ڏئي ٿي: “محنت جو ڦل دير سان ملندو آهي، پر ضرور ملندو آهي.”

محمد حسن لنڊ/ دادو

جبري گمشدگيون ختم ٿيڻ گهرجن

سنڌ ۾ جبري گمشدگين ۽ عدالتن کان مٿانهن قتلن وارو سلسلو گهڻي وقت کان ھلندڙ آھي جيڪو رڪجڻ جو نالو ئي نٿو وٺي. ڪيترائي نوجوان نه رُڳو کنڀي گم ڪيا ويا آھن پر بد قسمتيءَ سان انهن مان ڪن کي بيدرديءَ سان قتل به ڪيو ويو آهي ۽ مٿن سخت تشدد به ڪيو ويو آهي جيڪو غير قانوني عمل ته آھي ئي پر اھو عمل انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي به آھي. ماضيءَ ۾ به سياسي ڪارڪنن توڙي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويندو رھيو آھي پر ان دؤر ۾ جمهوري ھجي يا مارشل لا وارو ڪرمنل ۽ سياسي ڪارڪنن ۾ فرق رکيو ويندو ھو. پر گذريل ڪجهه سالن کان خطرناڪ سلسلو شروع ڪيو ويو آهي جتي ماڻهن کي گم ڪيو ويندو آهي.پر قتل ڪرڻ کان به ڪين ڪيٻايو وڃي ٿو. ھر روز پرنٽ ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا تي اسان پڙھندا آهيون ۽ ڏسندا آھيون ڪونه ڪو ماڻهو يا کنڀجي گم ڪيو ويندو آهي يا ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ماريو وڃي ٿو. اهو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي

اسحاق کوسو

احساس ڪمتريءَ جو شڪار سنڌ جا ڪاليجي استاد

استاد ھڪ پيغمبري پيشو آھي. دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ استادي پيشي کي مٿاھون سمجھيو وڃي ٿو پر افسوس جو پاڪستان بالخصوص سنڌ صوبي ۾ استادن کي اھا حيثيت نه ٿي ملي جيڪا ملڻ گهرجي. ايتري قدر جو مجبوري ۾ احتجاج ڪندڙ استادن کي يک به لٺيون ،آنسو گيس ۽ ٽارچر برداشت ڪرڻو پوي ٿو.  ڊپارٽمينٽل پروموشن ھر ملازم جو حق آھي پر جيڪڏھن وقت تي ڊپارٽمينٽل پروموشن نه ٿا ٿين ته ملازمن ۾ بيچينيءَ جي لھر پيدا ٿئي ٿي. 2012 جي ڪميشن پاس ليڪچرارن جو تعداد لڳ ڀڳ 2500 ٿيندو  ھن ھيڏي وڏي تعداد مان صرف 250 ليڪچرارن جي 2023 عيسوي ۾ ڊي پي سي ٿي ھئي مطلب ته 250 ليڪچرار اسسٽنٽ پروفيسر بڻيا باقي ٻيا اڃا تائين ليڪچرار آھن. ان کان علاوه ڪاليج جا استادن کي يونيورسٽي جي استادن جيان ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جو الائونس نه ٿو ڏنو وڃي، استادن کي ميڊيڪل، ڪنوينس، ھائوس رينٽ ۽ ٻيا الائونسز به ھن مهانگائي جي دور جي لحاظ کان تمام گھٽ آھن. مسئلن کي حل ڪيو وڃي ته جيئن ڪاليجي استادن مان بيچيني ختم ٿي سگھي.

ستار سنڌي