ساحلي پٽي ۾ پاڻي جي کوٽ
سنڌ جي ساحلي پٽي، خاص ڪري جاتي ۽ ان جي ڀرپاسي وارن ڳوٺن ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان پاڻي جي شديد کوٽ آهي. هي علائقو سجاول ضلعي جو حصو آهي، جتي سمنڊ جي ويجهڙائي هجڻ ڪري مٺو پاڻي ماڻهن لاءِ خواب بڻجي ويو آهي. درياهه ۾ پاڻي جي گهٽ وهڪري سبب سمنڊ جو کارو پاڻي اندر تائين داخل ٿي چڪو آهي. نتيجي طور زير زمين پاڻي به کارو ٿي ويو آهي، جيڪو نه پيئڻ لائق رهيو آهي ۽ نه ئي زراعت لاءِ ڪارآمد. برساتن ۾ گهٽتائي ۽ موسمي تبديلي به هن بحران کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو آهي. ڳوٺاڻا روزانو ڪيترن ڪلوميٽرن جو سفر ڪري پيئڻ جو پاڻي حاصل ڪن ٿا يا وري ٽينڪرن وسيلي مهانگو پاڻي خريد ڪن ٿا. حڪومت طرفان لڳايل ڪيترائي آر او پلانٽ يا ته غير فعال آهن يا مناسب سار سنڀال کان محروم آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ساحلي علائقن لاءِ ڊگهي مدي وارا منصوبا جوڙيا وڃن. برساتي پاڻي گڏ ڪرڻ، واهن ۽ نالن جي صفائي، ۽ مٺي پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن.
عمر خاصخيلي/ جاتي
گهرن جي اسڪيم ۽ بينڪ عملدارن جي ڪرپشن
سنڌ جي تاريخ ۾ سال 2022ع جون برساتون هميشه هڪ دردناڪ باب طور ياد رکيون وينديون، سموري سنڌ ۾ جيڪا تباهي آئي، تنهن نه رڳو غريب پر امير، زميندار، واپاري ۽ روزگار ڪندڙ هر طبقي کي متاثر ڪيو.ڳوٺ ويران ٿي ويا، شهرن جون گهٽيون پاڻيءَ هيٺ اچي ويون، فصل تباهه ٿيا، ڪاروبار بند ٿي ويا ۽ هزارين ماڻهو بي گهر ٿي ويا ھئا. گهر ٺاهڻ لاءِ مالي امداد ڏيڻ جو پروگرام شروع ڪيو ويو. اها رقم مختلف بينڪن ذريعي متاثر خاندانن تائين پهچائي پئي وڃي. پر بدقسمتي سان، جتي عوام لاءِ رليف هو، اتي ڪجهه ماڻهن لاءِ اهو موقعو ڪمائيءَ جو ذريعو بڻجي ويو. شڪايتون سامهون اچڻ لڳيون ته ڪجهه بينڪ عملدارن بينڪن ٻاهران ايجنٽ مقرر ڪري ڇڏيا، جيڪي متاثرن کان في ڪارڊ تي 8 کان 10 هزار رپيا وٺي پوءِ رقم ڪڍي ڏيندا هئا. هي معاملو صرف هڪ شهر يا هڪ بينڪ جو ناهي. جيڪڏهن اهڙو عمل پوري صوبي ۾ هلي رهيو آهي ته پوءِ اها رڳو ڪرپشن نه، پر متاثر ماڻهن سان ظلم آهي. اعليٰ سطحي انڪوائري ڪرائي وڃي. پوليس، حساس ادارا ۽ بينڪن جا مرڪزي آفيسر باقاعدي نگراني جو نظام جوڙين. هر برانچ جي لسٽ وائيز ادائيگي آن لائن ۽ پبلڪ رڪارڊ تي رکجي. شڪايت سيل فعال ڪيا وڃن ۽ ڪو به عملدار يا ايجنٽ قصوروار ثابت ٿئي ته ان خلاف مثال بڻجندڙ ڪارروائي ڪئي وڃي.
محمد ثقلين شنباڻي/صالح پٽ
سماج سڌارڪ نور احمد لاکي جو وڇوڙو
زندگي جي هن بي رحم سفر ۾ ڪي وڇوڙا اهڙا هوندا آهن، جيڪي رڳو هڪ گهر يا خاندان تائين محدود ناهن رهندا، پر سڄي سماج کي سوڳوار بڻائي ڇڏيندا آهن۔ رئيس نور احمد لاکو جو لاڏاڻو به اهڙو ئي المناڪ وڇوڙو آهي، جنهن سڪرنڊ سميت پوري علائقي جي ماڻهن کي ڏک ۽ اداسيءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. اڄ هر زبان تي سندس ذڪر، هر دل ۾ سندس ياد ۽ هر اک ۾ وڇوڙي جو درد سمايل نظر اچي ٿو. رئيس نور احمد لاکو رڳو نالي جو سياسي اڳواڻ نه، پر عوام جي دلين جو حڪمران هو. دعا آهي ته رب پاڪ سندس مغفرت فرمائي.
راج ڪماراوڏ/سڪرنڊ
آمريڪا ۽ اسرائيل جو ايران تي حملو
نيٺ آمريڪن صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي شيطاني سوچ کي عملي جامو پهرايو ۽ پرامن ملڪ ايران تي اسرائيلي وزيراعظم جي چرچ تي حملو ڪري انهن ماڻهن کي آئينو ڏيکاريو جن پئي جهمريون هڻي دنيا جو امن جو سفير پئي سڏيو ۽ اتي پيا اهڙيون مسخريون ڪري ملڪ ۽ قوم کي پئي شرمايو ساڻ انسانيت جي قتل تي ڄڻ شادمانا پيا وڄائي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي نوبل انعام لاءِ پيا نامزد ڪن ۽ هر هر پيا ڪندا وتن. هاڻي ان پرامن ملڪ تي خونريز حملي بعد ڄڻ اهي پيا پنهنجي پشيماني جي پگهر ۾ پاڻ شرمسار ٿين ۽ ڄڻ وتن پيا پاڻ کان نظرون چورائيندا ۽ ڪا ٻڻڪ نه پيا ڪڍن ته ايڏو ناحق نسورو ناحق ڪيئن ڪيو؟ آمريڪا ايران جهڙي بهادر ۽ غيرتمند ملڪ تي جنهن اڄ تائين پوري امت محمد جو ڪنڌ اونچو رکيو پئي. جن کي پنهنجي فرعونيت تي ناز آهي ۽ هو دنيا کي پنهنجي جاگير سمجهي پيا حڪم هلائين سي اڄ سوچڻ تي مجبور آهن ته ايران جو سپريم ڪمانڊر جي شهادت بعد به پنهنجي آب تاب سان پيو مقابلو ڪري. سو الله پاڪ کان دعا آهي ايران سميت تمام دنيا جي مظلوم انسانيت تي پنهنجو رحم فرمائي دؤر جديد جي فرعونيت جي داعي طاقتن کي نست نابود فرمائي.
استاد جاويد احمد هڪڙو/شڪارپور
سيف پارٽنرن کي معيار مطابق سبسڊي ڏني وڃي
سيف سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ادارو جنهن جو مقصد سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مفت معياري تعليم پهچائڻ آھي ان مقصد لاءِ هي ادارو نهايت ئي ايمانداريء سان پنهنجا فرائض سر انجام ڏيئي رهيو آھي. هن اداري سان لاڳاپيل پارٽنر جيڪي سنڌ جي ڏورانهن علائقن تائين مشڪلاتن کي منهن ڏيئي جفاڪش ڪري اسڪول هلائي سنڌ حڪومت جو مفت معياري تعليم سڀني لاءِ وارو واعدو نڀائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آھن. افسوس سان لکڻو ٿو پئي ته 5 سالن جي گذرڻ باوجود به پارٽنرن کي ملندڙ سبسڊي ۾ اضافو نه ڪيو ويو آھي جڏهن ته پنجن سالن ۾ مهانگائي 100 سيڪڙو وڌي آھي جڏهن ته سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ به ساليانو اضافو ڪيو وڃي ٿو پر سيف پارٽنرن کي ملندڙ سبسڊيءَ ۾ 5 سالن کان ڪوبه اضافو نه ڪيو ويو آھي. سيف پارٽنرن جو قدر ڪيو وڃي ۽ انهن کي معيار مطابق سبسڊي ڏني وڃي.
محمد اسلم سومرو / ٺري ميرواھ