يوسي ست نوابشاهه جي چيئرمين ڏانهن
عبدلقيوم آرائين چيئرمين يوسي ست اولڊ نوابشاهه سانگهڙ روڊ نوابشاهه! گذارش آهي ته اوهان اليڪشن کٽڻ کان پوءِ اڄ تائين هڪ به دوري لاءِ نه آيا آهيو. هتي جو عوام ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. خاص طور تي گٽرن جو گندو پاڻي گهٽين ۽ روڊن تي بيٺل آهي، جنهن سبب سخت تڪليف آهي. ان کان علاوه مڇرن جو تمام گهڻو آزار آهي، جنهن ڪري بيمارين پکڙجڻ جو به خطرو وڌي رهيو آهي. جڏهن به اسان اوهان سان ملڻ لاءِ اچون ٿا ته اوهان ملڻ لاءِ تيار نه هوندا آهيو. جيڪڏهن اوهان عام ماڻهن سان نٿا ملي سگهو ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ڪائونسلرن سان ته ملاقات ڪريو ته جيئن هو علائقي جا مسئلا اوهان تائين پهچائي سگهن. اوهان عوام جا چونڊيل نمائندا آهيو، تنهن ڪري اوهان تي فرض عائد ٿئي ٿو ته اوهان پنهنجي ذميوارين کي سنجيدگي سان نڀايو ۽ عوام جا مسئلا ٻڌي انهن کي حل ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻو.
امتياز حسين بروهي/ نوابشاهه
جنگ جو بهانو يا تيل جي قلت؟
حڪومت هڪ ئي ڌڪ سان پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ 55 رپين جو وڏو اضافو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان اڳ ئي مهانگائي جي بار هيٺ دٻيل عوام لاءِ نيون مشڪلاتون پيدا ٿي ويون آهن. ٻارڻ جي قيمتن ۾ اهڙي وڏي واڌ جو سڌو اثر نه رڳو ٽرانسپورٽ تي پوندو، پر روزمرهه جي استعمال وارين شين جي اگهن ۾ به واڌ جو امڪان وڌي ويندو. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيندي ئي بس، وين، رڪشا ۽ ٻين ٽرانسپورٽ خدمتن جا ڀاڙا وڌڻ لڳندا آهن، جنهن جو بار عام شهري تي پوي ٿو. ساڳئي وقت واپارين ۽ ڪاروباري طبقو به ٽرانسپورٽ خرچ وڌڻ جو جواز ڏئي مارڪيٽن ۾ شين جا اگهه وڌائي ڇڏيندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر مزدور، ملازم ۽ محدود آمدني وارا ماڻهو ٿيندا آهن. پيٽروليم اسٽاڪ جي ڪمي آهي ته به هڪ ڌڪ پنجونجاھ روپيه في ليٽر مهانگهو ڪرڻ سراسر ناانصافي آهي.
نيڪ محمد شنباڻي / ڇهاسي شهر
سرڪار عوام جي مٿان پئٽرول جو بم ڪيرائي ڇڏيو !
ايران آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ جا اثر پوڻ شروع ٿي ويا آھن . پھريائين ئي 7 سيڪڙو مھانگائي ۾ واڌ آئي ھئي. ھڪ ئي ڌڪ ۾ 55 روپيا في ليٽر پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ ڪئي آھي جنھن سان مھانگائي 20 سيڪڙو وڌي ويندي. جنگ جي ڪري تيل جي فراهمي ھن وقت مشڪل آھي پر ملڪ جي عوام ڪھڙو ڏوھه ڪيو . جنگ ھجي ٻين ملڪن جي پر اثرات پاڪستان تي پوڻ شروع ٿي ويا آھي. عوام ھن مھانگائي جي عذاب ۾ پھريائين وڪوڙيل آھي ويتر پئٽرول جي قيمت وڌائي عوام تي وزن وڌايو ويو آھي. عوام ۾ ھن وقت برداشت نه آھي جو اڃا وڌيڪ مھانگائي جو وزن برداشت ڪري. مھانگائي جي ڪري عوام ذھني مريض، شگر، بلڊ پريشر ۾ مبتلا آهي ڏوھن ۾ اضافو آهي. وفاقي سرڪار ، سنڌ سرڪار کي ڪجھه ته عوام تي رحم ڪرڻ گهرجي. مھانگائي تي ضابطو آڻي ۽ پئٽرول جي قيمت کي گھٽ ڪري جيئن عام کائڻ پيئڻ جي اگھن ۾ گھٽتائي اچي.
سڄو ڏينھن ساھ کي آ ڳڀي جي ڳولا،
ڍئو بنا ڍولا ڪانھي ساڃاهه سونھن جي !
شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ
سنڌ جي وڏي وزير کي لکيل چٺي
محترم وزيرِاعليٰ سنڌ صاحب! السلام عليڪم! هي کليل خط اخبار وسيلي اوهان جي توجه هڪ اهم ۽ سنجيده مسئلي ڏانهن ڇڪائڻ لاءِ لکي رهيو آهيان. سنڌ صوبي ۾ ڪيترائي اهڙا خاندان آهن، جن جا فرد سرڪاري نوڪري دوران وفات ڪري وڃن ٿا. حڪومت طرفان اهڙن متاثر خاندانن جي مدد لاءِ فوتي ڪوٽا جو قانون رکيو ويو آهي ته جيئن مرحوم ملازم جي وارثن مان ڪنهن هڪ فرد کي نوڪري ڏئي سندن معاشي سهارو بڻايو وڃي. بدقسمتي سان فوتي ڪوٽا تي مڪمل ۽ منصفاڻي نموني عملدرآمد نه ٿي رهيو آهي. ڪيترائي وارث سالها سال تائين نوڪري لاءِ در در ڀٽڪندا رهن ٿا. درخواستون ڏيڻ باوجود کاتن ۾ فائلون دير جو شڪار ٿين ٿيون، ڪڏهن ڪڏهن غير ضروري قانوني ۽ انتظامي رڪاوٽن سبب حقدار ماڻهن کي سندن بنيادي حق کان محروم رکيو وڃي ٿو. نتيجي طور اهڙا خاندان شديد معاشي تڪليفن، بيروزگاري ۽ مايوسي جو شڪار ٿين ٿا. انهيءَ صورتحال کي نظر ۾ رکندي اوهان کان ادب سان اپيل آهي ته فوتي ڪوٽا بابت واضح ۽ سخت هدايتون جاري ڪيون وڃن، کاتن کي پابند ڪيو وڃي ته مرحوم ملازمن جي وارثن جي درخواستن تي جلد فيصلو ڪيو وڃي ۽ هڪ اهڙو شفاف نظام قائم ڪيو وڃي جتي حقدار ماڻهن کي بنا دير سندن حق ملي سگهي.
عابد بن قربان علي چانڊيو / ڏيپارجه
شاعر سلمان گيلاني جو وڇوڙو
پنهنجي مزاحيه ۽ اصلاحي شاعري ذريعي ماڻهن جي چهرن تي مرڪون وکيريندڙ اردو جي مشهور مزاحيه شاعر سلمان گيلاني جي اوچتي وڇوڙي تي اسان سوڌو سندس هزارين چاهيندڙ ڏک ۾ ورتل آهن. پي ٽي وي توڙي ٻين چئنلن ۾ عيد جي مشاعرن ۾ سلمان گيلاني جي شاعري گهڻو ڪري ٻڌڻ لاءِ ملندي هئي جنهن کيس شهرت جي بلندين تي پهچايو ۽ سندس نالو نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا ۾ مزاحيه شاعري جو شوق رکندڙن ۾ هڪ منفرد حيثيت ڏياري ڇڏي. سلمان گيلاني جي شاعري ۾ مزاح سان گڏ جيڪو اصلاحي پهلو هو ان ذريعي هو ڀوڳ ڀوڳ ۾ اهڙي ڳالهه ڪري ويندو هو جيڪا هڪدم دل تي اثر ڪرڻ واري هوندي هئي. سندس وڇوڙي سان مزاحيه شاعري هڪ وڏي شاعر کان محروم ٿي وئي آهي ۽ ان سان جيڪو خال پيدا ٿيو آهي اهو ڀرجڻ ۾ تمام گهڻو وقت لڳندو الله پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا ڪري –
مجاهد لغاري/ مسڻ وڏي